مواد ڏانھن هلو

طاهر حسين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاڪٽر طاهر حسين
Dr. Tahir Hussain
پيدائش1923ع
علي ڳڙهه، اتر پرديش، هندستان
وفات‏21 ڊسمبر، 2010ع (عمر 87)
لاهور، پنجاب، پاڪستان
قوميتپاڪستاني
مادر علمي
  • علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي (AMU)
  • گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي (GCU)
  • آڪسفورڊ يونيورسٽي (OU)
شھرت جو ڪارڻمعياري نيوڪليئر ماڊل ۾ پارٽيڪل فزڪس ۽ نيوڪليئر فزڪس
اعزاز تمغا امتياز (1965)
سائنسي ڪيريئر
شعبانيوڪليئر فزڪس
اداري
  • گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي
  • آزاد ڪشمير يونيورسٽي
  • شکاگو يونيورسٽي
ٿيسز-->
نمايان شاگرد
  • اشفاق احمد
  • ثمر مبارڪ مند



ڊاڪٽر طاهر حسين (Tahir Hussain؛ 1923ع – 21 ڊسمبر، 2010ع)، هڪ پاڪستاني ائٽمي سائنسدان ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ طبیعیات جو پروفيسر اميريٽس، جن جي تحقيق ذرڙن جي رفتار کي تيز ڪنندڙ (accelerator) کي سمجهڻ لاءِ وقف هئي.[1]

سوانح عمري

[سنواريو]

ڊاڪٽر طاهر حسين سال 1923ع ۾ علي ڳڙهه، اتر پرديش، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيو. [2] هن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي (AMU) مان فزڪس ۾ گريجوئيشن ۽ اعزاز سان گڏ فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪئي.[3] سال 1948ع ۾ پاڪستان جي گورنر جنرل، قائد اعظم، محمد علي جناح جي دعوت تي ڊاڪٽر آر.ايم.چوڌري سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو. آر.ايم.چوڌري جي چوڻ تي لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ ليبارٽري جي ليڪچرار طور ٽيچنگ پوزيشن قبول ڪئي.[4]

ڊاڪٽر طاهر هڪ اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ برطانيه ويو، جتي 1954ع ۾ نيوڪليئر فزڪس ۾ پاس ڪيائين ۽ کيس ڊي فل جي ڊگري ڏني وئي.[1][5][6] واپس اچڻ تي هن 1955ع ۾ سولڊ اسٽيٽ فزڪس جا ڪورس سيکاريا ۽ 1962ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين شپ سنڀالي.[7] سال 1955ع ۾ هن "سينٽر فار ايڊوانس اسٽڊيز ان فزڪس" (CASP) جو بنياد رکيو ۽ ان جي باني ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو.[8]

1950-60 جي ڏهاڪي ۾، هن اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ، يونيورسٽي آف شڪاگو ۽ ميساچوسٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (MIT) ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلو جي حيثيت سان آمريڪا جو دورو ڪيو، گڏوگڏ هارورڊ يونيورسٽي ۽ ڪيليفورنيا ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽي جو دورو ڪيو.[9] هن لارنس ليورمور نيشنل ليبارٽري جو به دورو ڪيو ۽ واپسي تي هن لاهور ۾ نيوڪليئر ريسرچ ليبارٽري قائم ڪئي جيڪا لارنس ليورمور جي بنياد تي پنهنجي يونيورسٽي ۾ فزڪس جي تدريسي پروگرام کي اپڊيٽ ڪندي رهي.[10]

سال 1965-69ع ۾ کيس آزاد ڪشمير يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پاڪستان جي وزارت تعليم ۾ تعليم بابت صلاحڪار جي حيثيت سان ملازمت ملي. هن تعليم جي وزارت ذريعي پاڪستان ۾ "ايجوڪيشن يو.ايس.اي نيٽ ورڪ" جي صدارت ڪئي.[11]

سال 1972ع ۾، ڊاڪٽر طاهر حسين کي ڊاڪٽر اشفاق احمد جي سربراهيءَ ۾ پڙهائيندڙ نيوڪليئر فزڪس گروپ پاران ماس-انرجي برابري ۽ تابڪاري جي کوٽ جي مطالعي تي صلاح مشوري ڏيڻ لاءِ موڪليو ويو، جيڪو ڳجهي طور تي ائٽم بم پروگرام تي ڪم ڪري رهيو هو.[12]

پنهنجي ڪيريئر دوران، ڊاڪٽر طاهر حسين گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ فيڪلٽي تي رهيو ۽ سال 1970ع ۾ ڪالج جي فزڪس جي ڪتاب "فنڊامينٽلز آف فزڪس" لکيو، جيڪو پوءِ نون ايڊيشن ۾ شايع ٿيو.[13] ڊاڪٽر طاهر حسين 21 ڊسمبر، 2010ع تي 87 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، گورنمينٽ ڪالج يونيورسٽي لاهور ۾ ڊاڪٽر طاهر حسين جي تعزيتي ريفرنس جو انعقاد ڪيو ويو.[14]

درسي ڪتاب

[سنواريو]
  • حسين، ڊاڪٽر طاهر (1970). فزڪس جا بنيادي اصول (پهريون ايڊيشن)، قومي ڪتب خانه، لاهور، پنجاب، پاڪستان.

اقتباس

[سنواريو]
"نظريا جيڪو مون سيکاريا، منهنجي شاگردن ان جا نتيجا پيدا ڪندا."

ايوارڊ

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. Newspaper, the (21 December 2010). "Nuclear physicist Dr Husain dies". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). Lahore, Punjab, Pakistan: Dawn Newspaper. Dawn. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  3. "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  4. Hussain, PhD, Tahir (12 April 2006). "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org (آمريڪي انگريزي ۾). Islamabad, Pakistan: COMSATS. ص. 227. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. Newspaper, the (21 December 2010). "Nuclear physicist Dr Husain dies". DAWN.COM (آمريڪي انگريزي ۾). Lahore, Punjab, Pakistan: Dawn Newspaper. Dawn. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. Who's who in Atoms (انگريزي ۾). Vallancey Press. 1969.
  7. Hussain, PhD, Tahir (12 April 2006). "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org (آمريڪي انگريزي ۾). Islamabad, Pakistan: COMSATS. ص. 227. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  8. ."Center For Advance Studies in Physics (CASP)". Government College University press. Chief Librarian GC University Library. 2001. اصل نسخو مان 7 March 2020 تي محفوظ ڪيل. 28 Apr 2010 تي حاصل ڪيل.
  9. Hussain, PhD, Tahir (12 April 2006). "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org (آمريڪي انگريزي ۾). Islamabad, Pakistan: COMSATS. ص. 227. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  10. Hussain, PhD, Tahir (12 April 2006). "Physics Education in Pakistan: An Account of the Early Decades" (PDF). www.comsats.org (آمريڪي انگريزي ۾). Islamabad, Pakistan: COMSATS. ص. 227. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  11. "Dr. Tahir Hussain". nazariapak.info. Nazaria-i-Pakistan Trust. 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  12. Rehman, Shahid-Ur- (October 1972), The Nuclear Physics Group at PAEC
  13. "Fundamentals of physics". 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
  14. "Condolence". www.thenews.com.pk (انگريزي ۾). 28 April 2020 تي حاصل ڪيل.