طاهره صفدر
سيده طاهره صفدر | |
|---|---|
| چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
| عهدي ۾ 1 سيپٽمبر 2018ع | |
| مقرر ڪندڙ | ميان ثاقب نثار |
| جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
| عهدي ۾ 11 مئي 2011 – 31 آگسٽ 2018 | |
| ايڊيشنل جج بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
| عهدي ۾ 7 سيپٽمبر 2009 – 11 مئي 2011 | |
| چيئرپرسن بلوچستان سروس ٽربيونل | |
| عهدي ۾ 10 جُولاءِ 2009 – 7 سيپٽمبر 2009 | |
| ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سول جج | |
| عهدي ۾ 1991–1996 | |
| سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
| عهدي ۾ 1987–1991 | |
| سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ | |
| عهدي ۾ 1982–1987 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | طاهره صفدر 5 October 1957 ڪوئيٽا، بلوچستان |
| شھريت | پاڪستاني |
| قوميت | |
| الما ميٽر | بلوچستان يونيورسٽي (اردو ادب) ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي (قانون) |
| پيشو | چيف جسٽس |
| پيشو | قانوندان |
| لاءِ مشهور | پاڪستان جي پهرين چيف ۽ سول جج |
| پگهار | 11,00,000 PKR in addition to free unlimited electricity, water and other perks worth more than two hundred thousand PKR per month |
سيده طاهره صفدر (انگريزي ٻولي: Syeda Tahira Safdar)، پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ جي پهرين عورت چيف جسٽس ۽ پهرين عورت سول جج آهي. سيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي پيدا ٿي. هي 1 سيپٽمبر 2018ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مقرر ٿي.[1][2]
شروعاتي زندگي ۽ تعليم
[سنواريو]سيده طاهره صفدر، ڪوئيٽا جي مشهور وڪيل سيد امتياز حسين بقري حنفي جي گھر ۾ 5 آڪٽوبر 1957ع تي جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم ڪنٽونمنٽ پبلڪ اسڪول ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. هن بيچلر جي سند گورمنٽ گرلز ڪاليج ڪوئيٽا مان حاصل ڪئي. بلوچستان يونيورسٽي مان هن اردو ادب تي ماسٽر جي سند حاصل ڪئي ۽ 1980ع ۾ ڪوئيٽا لاءِ ڪاليج، يونيورسٽي مان قانون جي سند حاصل ڪيائين.[1]
پيشوار زندگي
[سنواريو]طاهره صفدر پاڪستان جي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي پهرين سول جج طور 1982ع ۾ مقرر ٿي، 1987ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن، بلوچستان جو امتحان پاس ڪيائين ۽ هن کي سينئر سول جج، بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪيو ويو. هن کي ضلعي سيشن جج طور 27 فيبروري 1991ع ۾ مقرر ڪيو ويو.[3]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Justice Syeda Tahira Safdar". bhc.gov.pk. Balochistan High Court. 24 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Justice Tahira Safdar sworn in as first woman chief justice of a Pakistani high court". 1 September 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Bilal, Rana (23 July 2018). "Justice Tahira Safdar nominated as first woman chief justice of a Pakistani high court". ڊان. 24 July 2018 تي حاصل ڪيل.