صدر پاڪستان جو معياري نشان
ڏيک
صدر پاڪستان جو معياري نشان پاڪستان جي صدر جي سرڪاري جھنڊي کي چيو ويندو آھي.
بناوٽ
[سنواريو]صدرِ پاڪستان جو سرڪاري نشان پاڪستان جي جھنڊي جھڙو ٺھيل آھي، جنھن ۾ اڇو ۽ سائو رنگ، جڏھن تہ سونھري رنگ جي چنڊ تارن جي چوڌاري سونھري رنگ ۾ ڪڻڪ جا سلا ھوندا آھن جنھن جي ھيٺيان اردو ۾ پاڪستان لکيل ھوندو آھي.
استعمال
[سنواريو]صدر پاڪستان جو معياري نشان صرف ان صدر جي موجودگي ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، خاص طور تي سندس رھائشگاھ ۽ دفتر ۾، ھي جھنڊو ھميشہ پاڪستان جي جھنڊي سان گڏ لڳايو ويندو آھي. ھي جنھڊو ملڪ جي ڪنھن بہ سرڪاري عمارت مٿان لھرايو ناھي ويندو.
تاريخ
[سنواريو]صدراتي نشان پھريون دفعو 1956ع ۾ استعمال ڪيو ويو، جنھن کان پوءِ ھن کي ٻہ دفعا 1974 ۽ 1998ع ۾ تبديل ڪيو ويو.