شير خواجہ
ڏيک
| شير خواجہ | |
|---|---|
| ٺٽي جو مغل گورنر | |
| 1037ھ | |
| پيشرو | مرزا عيسي ترخان ٻيون |
| جانشين | مير حسام الدين |
| ريجنٽ | شاھجھان |
| مذھب | اسلام |
شير خواجہ(انگريزي: Sher Khuwaja)شير خواجا ۽ باقي خان خطاب رکندڙ سيد بادشاهه خواجا، اتائي سيدن مان هو ۽ اهي خطاب کيس بهادريءَ جي ڪارنامن ڪري مليا هئا ۽ جهانگير جي ويجهو اچڻ بعد مهابت خان سان جنگ ڪرڻ مهل هن سان گڏ هو. جهانگير پنهنجي حڪومت جي پهرين سال ئي هن کي چار هزاري منصب ۽ باقي خان جي خطاب سان نوازي ٺٽي جي صوبيداري عطا ڪئي پر هو 1037ھ ۾ ٺٽي روانو ٿيو ته واٽ تي ئي پنهنجي حقيقي منزل ڏانهن هليو ويو[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي