مير حسام الدين
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو
ڳولا ڏانھن هلو
مير حسام الدين | |
---|---|
مرتضیٰ خان | |
ٺٽي جو مغل گورنر | |
۱۰۳۷ ھ کان ۱۰۳۹ھ | |
پيشرو | شير خواجہ |
جانشين | امير خان |
ريجنٽ | شھنشاھ شاھجھان |
مذھب | اسلام |
مير حسام الدين(انگريزي: Mir Hussamuddin) مغلن جو ٺٽي جو صوبيدار يا گورنر ھيو. مرزا عیسیٰ ترخان کان پوءِ 2 رجب 1037 ھجري تي سيد بادشاهه جي صوبيداريءَ جو فرمان جاري ٿيو، پر هو ٺٽي ڏانهن ايندي رستي ۾ ئي گذاري ويو. ان کانپوءِ ساڳي سال خواجا باقي خان المعروف شير خواجا کي ٺٽي جي صوبيداري سونپي وئي هن به واٽ تي ئي دم ڏنو. 22 رمضان 1037هه تي خلعت، خنجر، مرتضيٰ خان جي خطاب ۽ پنجاهه هزار روپين انعام سان نوازجي شير خواجه جي جاءِ تي ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين[1].مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان انجو (1037هه کان 1039هه) جي مقرري شير خواجا بعد 22 رمضان 1037هه تي ٿي ۽ 1039هه ۾ ٺٽي ۾ ئي وفات ڪري ويو. مظفر شاهجهاني مطابق ٺٽي پرڳڻي جي ويراني مرتضيٰ انجو جي زماني ۾ ٿي[1].