مرزا عيسي ترخان ٻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزا عيسي ترخان ٻيون
مغلن جو سنڌ ۾ صوبيدار
پيشرو شھريار مرزا
جانشين شير خواجہ
ريجنٽ شھنشاھ شاھجھان
پورو نالو
مرزا عيسي پٽ جان بابا ترخان
گهراڻو ترخان
شاھي گھراڻو ترخان گھراڻو
پيءُ مرزا جان بابا بيگ
مذھب اسلام

"مرزا عيسي ترخان ٻيون"(انگريزي: Mirza Esa Tarkhan, Second)يپٽ مرزا جان بابا بيگ بن مرزا عيسيٰ بيگ (اول) نهايت بردبار هو. بلڪ صاحبِ همت، غيرتمند ۽ قبيله پرور، سپاهه دوست ۽ وسندي وارو هو. جواني ۾ ڪمالات جا جوهر ڏيکاريائين. علوم ۾ ڪافي دستگاهه هيس. اخلاق جي خوبين سان سينگاريل هو. عدالت جي شوي کي ۽ شجاعت کي پنهنجو طريقئه ڪار بنايائين[1].


ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي شاهجهان بادشاهه جي شهزادگي واري زماني ۾ ان جي خدمت ڪرڻ ۽ اخلاص جو موقعو حاصل ٿيو. جڏهن جهانگير بادشاهه ڪشمير ۾، حق جي رحمت سان پيوست ٿيو، تڏهن ان وقت حضرت شاهجهان بادشاهه، بيجاپور دکن ۾ تشريف فرما هو ۽ ميرزا عيسيٰ (ثاني) صوبئه گجرات ۾ پنهنجي جاگير تي هو. اُن وقت ڪمال اخلاص ۽ دانائي سان، صوبيدار جي بغير اجازت ۽ مشوري جي، احمدآباد جي عيدگاهه ۾، همايون حضرت صاحبقران (ثاني) شاهجهان بادشاهه جي نالي خطبو پڙهي، اُن جي خدمت ۾ روانو ٿيو. احمدآباد کان ٽيهه ڪوهن جي فاصلي تي ڳوٺ جي ڀرسان، بادشاهه جي قدمبوسي کان مشرف ٿي، صوبي جي سمورن اميرن کان پهرين، مبارڪبادي جو شرف ۽ ڪورنش جي سعادت حاصل ڪيائين. حضرت بادشاهه ظل الله به ميرزا عيسيٰ (ثاني) تي ڪمال عنايتون ۽ مرحمتون ڪيون. جنهن وقت حضرت بادشاهه احمدآاباد کان اڪبرآباد ڏي رخ ڪيو تڏهن ڪمال عنايت ۽ مهرباني سان ٺٽي جو صوبو ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي مرحمت ڪري ۽ حڪم ڪيائين ته، ميرزا، ٺٽي وڃي (شريف الملڪ) شرير الملڪ کي قيد ڪري دربار قيد (دهلي) ڏي روانو ڪري، ته جيئن هو پنهنجي ڪيل بڇڙن ڪمن جي سزا ڀوڳي، پر جي جنگ ڪري ته هن کي قتل ڪري ڇڏي. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) پنهنجو وڏو پٽ ميرزا عنايت الله هڪ هزار سوار سميت شاهي رڪاب ۾ روانو ڪيو. شريف الملڪ جا سپاهي نهايت دلير ۽ پنهنجي وقت جا بهادر هئا. اها فوج پڻ وسيع هئي، ليڪن بادشاهي اقبال سان چؤطرف کان لشڪر ڪٺو ٿيو ۽ مقابلو ٿيو. آخر جنگ و جدال کانپوءِ شريرالملڪ کي قيد ڪري دربار شاهي ڏي روانو ڪيو ويو. مذڪور لڙائي کانپوءِ شاهجهان بادشاهه ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي صاحبِ نوبت ڪري، هڪ لک رپيا نقد ۽ هزاري منصب جي اضافي سان سرفراز ڪيو. اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي ڪيل نيڪ خدمتن کي ساراهيو ويو. بهرنوع بادشاهه قدردان، ميرزا جي تربيت ڪئي، اولاَ ميرزا کي امراء عظيم الشان مان شمار ڪيائين ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جي منصب کي سندس پٽن سميت هشت هزاري ذات ۽ هفت هزار سوار ۽ دو اسپه و سه اسپه تائين پهچايائين. ان کانپوءِ گجرات ۽ سورت جي گورنري واري خدمت به سندس متعلق ٿي.راشدي صاحب جي تحقيق آهي ته ٺٽي مان ڪڍي ميرزا عيسيٰ کي سن 1038ھ ۾ مٿرا جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو. سن 1045ھ ۾ کيس ٽيون ڀيرو سورٺ جهونا ڳڙهه بدلي ڪري، منصب ۾ واڌارو ڪيو ويو. اڳ چهار هزاري ذات ۽ سه هزاري سوار منصب هيس ۽ هاڻي پنج هزاري ذات ۽ چهار هزاري سوار جي منصب تي فائز ٿيو، يعني ته هڪ هزار جو اضافو ذات ۾ ۽ هڪ هزار جي واڌ سوارن ۾ ڪئي وئي [2]. سن 10499هه ۾ شاهجهان راضي ٿي سندس منصب ۾ وري به هڪ هزار سوار جي واڌاري جو حڪم ڪڍيو[3] . مطلب ته هاڻي ميرزا عيسيٰ پنج هزاري ذات سان گڏ پنج هزاري سوار به بنجي ويو. همعصر مؤرخن لکيو اهي ته سن 1052ھ ۾ گجرات جي صوبيدار اعظم خان کي معزول ڪري، شاهجهان، ميرزا عيسيٰ کي اتان جو گورنر مقرر ڪيو. سندس پٽ ميرزا عنايت الله والد جي جاءِ تي سورٺ جو حاڪم بنيو. راشدي صاحب هن دور ۾ عيسيٰ جي حاصلات کي نهايت سهڻن لفظن سان ياد ڪيو آهي. گجرات جو صدر مقام احمد آباد هو. ميرزا عيسيٰ، اعظم خان کي شاهي درٻار ڏانهن اماڻي، پاڻ ملڪ جو انتظام ۽ اصلاح ۾ لڳي ويو. زمينون غيرآباد ٿي ويون هيون، انهن کي آباد ڪرايائين. ڳوٺ ويران ٿي چڪا هئا، انهن کي وسايائين. ماڻهو دربدر هئا، انهن کي جائيتو ڪيائين. ملڪ اندر بدنظمي ۽ انتظامي خرابي حد کان ٽپي چڪي هئي، وڏيءَ جاکوڙ بعد ميرزا انهيءَ کي دور ڪري، نظم و نسق کي دوباره رائج ڪيو[4]. ان بعد به کيس ڪيئي واڌارا مليا. آخرڪار عزت ۽ خير جي ملازمت ڪري، وڏي آبرو ماڻي، ميرزا، شاهجهان جي دور ۾ سن 1061ھ ۾ رٽائرمينٽ ورتي. هڪ سال پوءِ سن 1062ھ ۾ فوت ٿيو. کيس مڪليءَ تي آڻي پنهنجي ٺهرايل خوبصورت رانئڪ ۾ دفن ڪيو ويو.[5] هڪ سٺي منتظم کان علاوه پاڻ راڳ رنگ جو شوقين، ساز سرود جو ڪوڏيو، نظم ۽ نثر ۾ ڪامل، سنڌي سرن ۽ آلاپن مان واقف، عياش، آزاد منش ۽ خوش باش شخص هو. ڪيف ۽ سڪر جي چاٽ پڻ هيس. سندس تحرير جو ڪوبه نمونو دستياب ڪونهي. ميرزا عيسيٰ کي هي پٽ هئا: ميرزا عنايت اذلله، جو سن 1058ھ ۾ فوت ٿيو ۽ پهريون لاش سندس هو جو ميرزا عيسيٰ جي رانڪ ۾ دفن ٿيو. ميرزا فتح الله عرف ميرزا فتحي، جو سن 1093ھ ۾ فوت ٿيو. هي پڻ رانڪ عيسيٰ ترخان ۾ دفن ٿيو. ميرزا محمد صالح ثاني، جو سن 1076ھ کان پوءِ فوت ٿيو. سندس تحرڪ تي ڪتاب ”ترخان نامو“ سيد مير محمد سن 1065ھ ۾ لکي تيار ڪيو. ان کان علاوه ٻه پٽ ٻيا به ٿيا، پر اهي ايترو مشهور ڪونهن، يعني ميرزا محمد عاقل ۽ جان بابا ترخان ثاني. ان کان علاوه هڪ نياڻي صالحا بيگم به هيس. ميرزا عيسيٰ جا پٽ ۽ پڙپوٽا، گجرات ۽ سنڌ ۾ وڏن عهدن تي رهيا. تاريخ ۽ تذڪرن ۾ سندن احوال موجود آهي. ميرزا عيسيٰ جي رانڪ، مڪليءَ جي خوبصورت عمارت آهي. هن تي ارڙهن سال ڪم هليو، يعني 1037ھ ۾ ڪم شروع ٿيو ۽ 1054ھ ۾ ڪم ختم ٿيو. پٿر جي فراهمي، گهاڙيٽو، فن تعمير، رازا ۽ ڪاريگر وغيره سڀ گجرات کان آندا ويا. ان ريت ميرزا عيسيٰ جي روپ ۾ سنڌ ۽ گجرات جو تاريخي تعلق توڙي ثقافتي ميل ميلاپ وري جڙيو. ڄام نظام الدين جو مقبرو، سمن ڄامن ۽ گجرات جي لاڳاپن تي بهترين روشني وجهي ٿو. ان طرح وري ميرزا عيسيٰ جي دور ۾ ذاتي دلچسپيءَ سان اهي تعلقات قائم ٿيا. هي تاريخي رانڪ اڄ به ان خوبصورت دور ۽ هڪ بهترين منتظم جي ياد ڏياري ٿي. ميرزا جي مزار تي هي ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان سال وفات 1062ھ نڪري ٿو[6]

ٺٽي جي صوبيداري[سنواريو]

18 ربيع الثاني 1037ھ (28 ــ 1627ع) تي جڏهن شاهجهان گادي نشيني لاءِ اچي رهيو هو ته احمد آباد وٽان مرزا عيسيٰ کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليائين ۽ حڪم ڏنائين ته شرير الملڪ (شريف الملڪ) کي قيد ڪري درٻار موڪلي ۽ وڙهي ته قتل ڪري ڇڏي. مرزا عيسيٰ پنهنجي پٽ مرزا عنايت کي وٺي ۽ اوسي پاسي کان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي پهتو. شريف الملڪ به تمام بهادر ۽ پهرين صف وارو سپاهي هو مرزا عيسيٰ سان جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻنهي ۾ جنگ لڳي پر مرزا عيسيٰ مارجي ويو ۽ شريف الملڪ کي پڪڙي روانو ڪيائين. مرزا عيسيٰ کي انهيءَ ڪارنامي تي شاهجهان هڪ لک روڪڙا، نوبت ۽ سندس منصب ۾ هڪ هزاري جو واڌارو آندائين. ماثر الامراءَ مطابق ڪجهه ئي مهينن بعد شاهجهان 1037ھ ۾ مرزا عيسيٰ جي جاءِ تي خواجا باقي خان کي رکيو. راشدي صاحب مطابق انهيءَ فرمان کانپوءِ شير خواجا ٺٽي پهچڻ ۾ دير ڪئي. 1038ھ ۾ مرزا عيسيٰ کيس چارج ڏني ۽ پاڻ وڃي مٿرا جو گورنر ٿيو، جيڪو جاگير ۾ مليو هوس. 10 جمادي الاول 1040ھ ۾ مرزا عيسيٰ دڪن ۾ دريا خان جي بغاوت ڪچلڻ لاءِ روانو ٿيو. 1041ھ کان 1045ھ تائين ايلج پور جو گورنر رهيو. محمد طاهر آشنا مطابق 27 صفر 1045ھ ۾ وري سورٿ جاگير ۾ مليس ۽ اتان جو صوبيدار مقرر ٿيو. 12 محرم 1052ھ اتان بدلي ڪري گجرات جي صوبيداري ڏني وئي ۽ سندس جاءِ تي پٽ عنايت الله کي رکيو ويو.[7].

وفات[سنواريو]

جڏهن تاريخ 12 ماهه محرم الحرام 1061ھ ۾ ميرزا عيسيٰ (ثاني) حق جي رحمت سان وڃي مليو تڏهن ميرزا صالح محمد خلف الصدق ميرزا عيسيٰ (ثاني) کي سندس والد جو قائم مقام ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ ترخان (ثاني) جا ٻيا ننڍا پٽ، پوٽا، ڏهٽا ۽ عزيز و اقارب جيڪي مجبوري جي حالت ۾ هئا، تن کي جداجدا منصبن ۽ مددِ معاش سان سرفراز ڪيو ويو. ميرزا عيسيٰ (ثاني) جي عمر پنجانوي سالن جي هئي[1]1060ھ 1061ھ تي سڄيون زمينداريون پنهنجي پٽ محمد صالح جي حوالي ڪري پاڻ آرام ڪرڻ لڳو، شيخ فريد بکري 1060ھ ۾ لکيو ته مرزا توڙي اصل عمر کان وڏو لڳي ٿو پر پوءِ به سندس، ٻڌڻ ڏسڻ، کائڻ پيئڻ ۽ مردانگي جي سگهه ڪنهن ڳڀرو جوان واري آهي. شاهجهان پنهنجي حڪومت جي پنجويهين سال مرزا عيسيٰ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ 12 محرم 1062ھ (1651ع) تي جڏهن هو سانڀر ڳوٺ ۾ پهتو ته دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، سندس لاش ٺٽي آڻي ڪري مڪلي ۾ پوريو ويو.[7]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ ترخان نامو مولف: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي؛مرتب: سيد حسام الدين راشدي؛ مترجم: ميرزا عباس علي بيگ ڇاپو؛ پهريون 1994ع ٻيو 2005ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. {مڪلي نامه“، ص. 305.}
  3. {مڪلي نامه“، ص. 306.}
  4. {”مڪلي نامه“، ص. ص. 311-312.}
  5. {”مڪلي نامه“، ص. 323.}
  6. {”مڪلي نامه“، ص. 323.}
  7. 7.0 7.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي