مواد ڏانھن هلو

شمن علي ميرالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شمن علي ولد لعل بخش ميرالي هڪ سنڌي راڳي آھي،[1] جنهن جا لڳ ڀڳ 250 کان مٿي ميوزڪ البم رليز ٿيل آھن ۽ 3000 جي لڳ ڀڳ گانا ڳائي چڪو آھي. کيس” سنڌي گيتن جو شھنشاھ“ سڏيو ويندو آھي. هن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو. بلوچي، مارواڙي ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي. هن ڪيترن ئي نامور شاعرن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ٻڍل فقير، جانڻ چن سميت جديد شاعرن: شيخ اياز، سرڪش سنڌي، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نثار بزمي، زخمي چانڊيو، غلام قادر گهايل، ذوالفقار منگي ۽ ٻين جي شاعري ڳائي آهي. سندس ڪيترائي ڪلام سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. شمن علي ميراليءَ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کان علاوه دبئي، سعودي عرب، انڊيا وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. کيس خدمتن عيوض شاهه لطيف اوارڊ، قلندر لعل شهباز اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ کان سواءِ ڪيترائي مڃتا اوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌ ۾ سندس ٻڌندڙن جو چڱو خاصو حلقو آهي.[2]

جنم ۽ سکيا

[سنواريو]

ميراليءَ جو جنم 1 جنوري 1971ع تي شڪارپور ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٿيو، جيڪو نامور بزرگ ۽ شاعر ٻڍل فقير جي درگاهه کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي. شمن ميرالي جو والد به پنهنجي وقت جو سٺو فنڪار هو ۽ ٻڍل فقير درگاهه جو مريد هجڻ سبب درگاهه تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ حصو وٺندو هو. شمن ميراليءَ جي تعليم مئٽرڪ آهي. غربت سبب وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند سان بيحد لڳاءُ هوس. هيءُ پنهنجي ڳوٺ جو مشهور رانديگر سمجهيو ويندو هو، پر سندس والد ۽ وڏي ڀاءُ همت علي ميرالي جي صحبت ۾ فن جي دنيا ۾ پير پاتائين. هن فن جي شروعات ٻڍل فقير درگاهه تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن سان ڪئي. شمن ميرالي شروع ۾ يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳائيندو هو. سندس شروعاتي ٻه چار ڪئسٽون پڻ يڪتاري چپڙيءَ تي رڪارڊ ٿيل آهن. شمن ميرالي فن جي شروعاتي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. بعد ۾ استاد غلام حيدر مڱڻهار کان باقاعدي راڳ سکيو. سندس سون جي تعداد ۾ آڊيو ۽ وڊيو ڪئسٽون رليز ٿيل آهن. هن ڪيترن ئي نامور شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، ٻڍل فقير، جانڻ چن سميت جديد شاعرن، شيخ اياز، سرڪش سنڌي، استاد بخاري، شمشير الحيدري، نثار بزمي، زخمي چانڊيو، غلام قادر گهايل، ذوالفقار منگي ۽ ٻين جي شاعري ڳائي آهي. سندس ڪيترائي ڪلام سنڌي ٽي وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هن سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو. بلوچي، مارواڙي ٻولين ۾ پڻ ڳايو آهي.

مڃتا ۽ ايوارڊ

[سنواريو]

شمن علي ميراليءَ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کان علاوه دبئي، سعودي عرب، انڊيا وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. کيس خدمتن عيوض شاهه لطيف اوارڊ، قلندر لعل شهباز اوارڊ،سچل سرمست اوارڊ کان سواءِ ڪيترائي مڃتا اوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌ ۾ سندس ٻڌندڙن جو چڱو خاصو حلقو آهي. هي هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. سندس هڪ پٽ پڻ راڳي آهي.

سياست ۾

[سنواريو]

شمن علي ميرالي اين اي ـ 199، ۽ پي ايس ـ 4 سکر (سالهيپٽ)، تي نامزدگي فارم پڻ ڀريو.[3]


حوالا

[سنواريو]
  1. "Shaman Ali Mirali". EverybodyWiki Bios & Wiki. حاصل ڪيل 2021-11-04. 
  2. "شمن علي ميرالي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-01-29. 
  3. "Political novice: Crooner to jazz up Sukkur polls". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2021-11-04.