شاھ اسد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاھ اسد (انگريزي:Shah Asad) سنڌ پاڪستان جو فلم هدايتڪار، ليکڪ اداڪار ۽ شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

شاھ اسد جو پورو نالو اسد الله شاھ هو. هي 15 آگسٽ 1947ع ۾ [ٽنڊو آدم]] ، سانگهڙ ضلعو ۾ پيدا ٿيو. هن ٽنڊي آدم جي شاھ لطيف هائي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. هن آيل آيل بي ۽ ايم اي پڻ ڪئي.[1]

فن جي ابتدا[سنواريو]

شاھ اسد جو مامو موسيٰ ڪليم شاعر هو، ان جي اثر ۾ ھيءُ شروع ۾ شاعر طور ‘محبوب ترمذي’ نالي سان شاعري ڪندو هو. هن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ ‘رنگ محل’ فلم جا گيت لکيا جيڪا فلم ڪامياب وئي. شاھ اسد اسٽيج ناٽڪ به ڪيا. سندس شاعري سنڌي فلمن لاءِ رونا ليليٰ، مهناز، انور وسطڙو، حميره چنا، محمد يوسف، امام بخش زرداري، جلال چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن ڳاتو. شاھ اسد 1974ع ۾ فلم ‘غيرت جو سوال’ جا مڪالما لکيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. شاھ اسد 1985ع ۾ فلم ‘جلال چانڊيو’ ٺاهي ۽ ان فلم ۾ جلال چانڊيو هِيرو هو ۽ شهناز ڀٽي هيروئن هئي. هن فلم جو ڊائريڪٽر، شاعر، پروڊيوسر ۽ ليکڪ پاڻ هو. 1989ع ۾ سنڌي فلم ‘شهيد’ ٺاهي. هن فلم کي ‘نيشنل اوارڊ’ به مليو. فلم ‘شهيد’ جو به ليکڪ ۽ هدايتڪار خود پاڻ هو. 1990ع ۾ سنڌي فلم ‘جيئي لطيف’ ٺاهي وئي، جنهن جو به ليکڪ، شاعر ۽ هدايتڪار شاھ اسد هو. هن 1992ع ۾ فلم ‘محب شيدي’ ٺاهي. شاھ اسد هن فلم جو هدايتڪار، شاعر ۽ اسڪرين پلي رائيٽر هو. فلم ‘محب شيدي’ شاھ اسد جي آخري فلم هئي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ‘دل ۽ ڌرتي’ نالي سان ڇپيل آهي.

لاڏاڻو[سنواريو]

شاھ اسد 29 نومبر 2005ع تي حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. "شاهه اسد 1 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-16.