شائينا نانا چوداساما
شائينا نانا چوداساما | |
|---|---|
شائنيا اين سي مارچ 2011 ۾ | |
| بي جي پي جي اسپوڪس پرسن | |
| عهدي ۾ سال 2012 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | شائنيا نانا چوداساما 1 December 1972[lower-alpha 1] بمبئي, مهاراشٽر, انڊيا (اڄ-ڪلهه ممبئي, مهاراشٽرا) |
| قوميت | انڊين |
| سياسي پارٽي | ڀارتيا جنتا پارٽي |
| زال/مڙس | منيش منوت |
| ٻار | شانائيا منوت ايان منوت |
| ماءُ پيءُ | نانا چوداساما منيرا نانا چوداساما |
| رهائش | ممبئي |
| الما ميٽر | سينٽ زاويرس ڪليج، ممبئي ايف آءِ ٽي, نيو يارڪ |
| پيشو | فيشن ڊزائنر, سياستدان, سوشل ورڪر |
| ڌرم | جين ڌرم ان کان اڳ اسلام ۽ هندومت |
شائينا نانا چوداساما هڪ هندستاني فيشن ڊزائنر، سياستدان ۽ سماجي ڪارڪن آهي، سندس جنم 1 ڊسمبر 1972 تي ٿيو هيو. شائينا اين سي جي نالو سان هيءَ گهڻو مشهور آهي، سندس تعلق ممبئي کان آهي. هيءَ هڪ اڳوڻي شيرف (پوليس واري) جي ڌيءُ آهي. شائينا هندستاني فيشن انڊسٽري سان ساڙي (ساڙهي) جي مختلف طريقن سان پائڻ جي ڪري مشهور آهي، اهو ئي سبب آهي تہ کيس 'ڪوئیي آف ڊريپس' جو لقب مليو آهي. هن ساڙي ٻڌڻ جا 54 طريقا متعارف ڪرايا آهن. سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪاڊ ۾ تيز ترين ساڙهي ٻڌڻ جي سبب سان شامل ٿيو آهي. هيءَ 2004 ۾ سياست ۾ داخل ٿي، ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي (پي جي پي) ۾ شامل ٿي. هيءَ بي جي پي جي قومي ترجمان، بي جي پي جي قومي ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر ۽ بي جي پي جي مهاراشٽرا يونٽ جي خزاچي جي عهدن تي رهي آهي. شائنا پنهنجي چيريٽي فيشن شوز ۽ ٻن اين جي اوز 'آءِ لو ممبئي' ۽ 'جينٽس انٽرنيشنل' جي ذريعي پڻ سماجي ڪمن ۾ شامل آهي. هڪ زائفان سياستدان جي حيثيت سان، هيءَ گهڻي ريت ٽيليويزن بحثن ۾ بي جي پي جي نوجوان ۽ ناري ساٿي چهرو جي طور سامهون آڻي ويندي آهي.
ذاتي زندگي
[سنواريو]شائينا 1 ڊسمبر 1972 تي بمبئي (هاڻي ممبئي) جي مالابار هِل ۾ نانا چوداساما ۽ منيرا چوداساما جي گهر ۾ جنم ورتو هيو. هن پاران سال 1989 ۾ ڪوئين ميري اسڪول ، بمبئي کان تعليم حاصل ڪئي.[1] ۽ 1993 ۾ سينٽ زاويرس ڪاليج، بمبئي کان پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلرآف آرٽس جي ڊگري حاصل ڪئي اٿس. [1] جڏهن هيءَ ڪاليج هئي تہ وڪيل بڻجڻ چاهيندي هئي، پر هيءَ فيشن ڊزائننگ ڏانهن گهڻو دلچسپي وٺڻ اهو ئي ڪارڻ آهي تہ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ، هن پاران فيشن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، نيویارڪ منجهان فيشن ڊزائننگ ۾ اسوسيئيٽ ڊگري حاصل ڪئي آهي. شائينا جو پيءُ ناناچوداساما، بمبئي جو اڳوڻو شيرف (پوليس اهلڪار) آهي.سندس پيءُ سوراشٽر سان تعلق رکندڙ هڪ هندو راجپوت آهي، جڏهن تہ سندس ماءُ دائودي بوهرا مسلم خاندان منجهان آهي. سندس ڀيڻ جي شادي هڪ مسلمان مرد سان جڏهن تہ سندس پنهنجي شادي مارواڙي جين ماڻهوءَ سان ٿيل آهي. مختلف مذهبي گهراڻن ۽ برادري جو حصو هجڻ جي سبب، سندس ڪٽنب پريوشن، ديواليي، عيد ۽ ڪرسمس جهڙا سمورا مذهبي ميلا ملهائيندو آهي.[2] [3] شائينا جي شادي منيش منوت سان ٿي هئي هي ءَ هڪ ڀيرو ان سان اسڪول ۾ ان مهل ملي هئي جڏهن هيءَ تيرنهن سال ڄمار جي هئي ۽ ڇهہ سال جي تعلق کانپوءِ ٽيويهہ سال جي عمر ۾ ان سان شادي ڪري ڇڏيائين. شائينا پنهنجي پيشي، سياست ۽ سماجي ڪمن ۾ چڱي طريقي سان حصو وٺڻ ۾ ڪامياب آهي. هوءَ ممبئي ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ ٻن ٻچن، شانيا ۽ ايان سان گڏ پنهنجي مڙس سان رهندي آهي.[4]
ڪيريئر
[سنواريو]شائينا فيشن ڊزائن سان گڏوگڏ سياست ۾ پڻ پنهنجو ڪيريئر بڻائي رهي آهي. سندس مطابق فيشن ڊزائن سندس پيشو آهي جڏهن تہ سياست سندس جون جنون آهي. [5]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Sep 2004 AFFIDAVITS, Shina begum". ڀارتي اليڪشن ڪميشن. 22 September 2004. 24 June 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The I-Love-Bombay family bonds over brunch". Upper Crust. 2011. 18 June 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Will you marry me?". زي نيوز. 16 January 2007. 18 June 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "I am young, a woman and honest: Shaina NC". ريڊف ڊاٽ ڪوم. 4 October 2004.
- ↑ "Saree ga ma... Shaina". دی ہندو. 2 March 2002. اصل نسخو مان 24 October 2010 تي محفوظ ڪيل. 18 June 2014 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "A".
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو