مواد ڏانھن هلو

سيد عطاءُ الله شاهه بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيد عطاءُ الله شاھ بخاري
پيدائش عطاءُ الله شاھ
23 September 1892
پٽنا, برٽش انڊہا
وفات 21 آگسٽ 1961 (عمر 68 سال)
قلمي نالو شاھ جي
ڌنڌو خطابت، مقرر، شاعر، سياسي ڪارڪن، مؤرخ
قوميت پاڪستاني
شهريت پاڪستان
صنف ديوبندي
موضوع سني اسلام
ادبي تحريڪ ختم نبوت

سيد عطاءُ الله شاھ: (انگريزي: Syed Ata Ullah Shah Bukhari) [1] (23 September 1892 – 21 August 1961),ننڍي کنڊ جو ھڪ مسلم حنفي عالم دين ۽ سياسي اڳواڻ ھيو [2]جي مجلس احرار اسلام نالي تنظيم جو باني رڪن ھيو. ھن مسلمانن ۾ شديد انگريز مخالف سوچ پيدا ڪندڙ عالم دين ھيو. [3] جي محمد علي جناح جو ۽ پاڪستان جي قيام جو سخت مخالف ھيو ان کان علاوه ھن احمديہ تحريڪ جي بہ سخت مخالفت ڪئي. [4]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

1882 ۾ پٽنا ۾ جنم ورتائين. شروعاتي ديني تعليم پاڪستان واري شھر گجرات ۾ حاصل ڪيائين. ھن جي پيء جو نالو حافظ سيد ضياء الدين ھيو جنھن کان ھن قرآن سکيو ۽ حافظ قرآن بڻيو. [5] 1914 ۾ جڏھن 22 سالن جو ٿيو تہ امرتسر لڏي ويو .ھن پنھنجو تعلق سھارپور ضلعي جي ديوبند اسڪول سان رکيو ۽ امرتسر جي ھڪ ننڍڙي مسجد ۾ تبليغ شروع ڪيائين جتي 40 سالن تائين قرآن سيکاريندو رھيو. [6]ھن جي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ خيال رکندڙن سان دوستي رھي پر ڪڏهن بہ انھن جي خيال کي قبول نہ ڪيائين. [7][8] ھن 1916 ۾ پنھنجو سياسي ڪيريئر شروع ڪيو . ھن جون تقريرون غريبن جي تڪليف متعلق ھيو ۽ ھن ماڻھن ۾ اميد ڏياري ته انھن جي غربت جو خاتمو انگريزن جي حڪومت جي خاتمي سان آھي [9] برصغير هند- پاڪ جي ممتاز ليڊر، اديب، شعله نوا خطيب ۽ وجدآور شاعر، امير شريعت، سيد عطاءُ الله شاهه بخاريءَ، ملتان ۾، 21- آگسٽ 1961ع تي، 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي آهي. مرحوم چئن سالن کان بيمار هو. پوين پنجن مهينن کان مٿس فالج جو حملو ٿيو. کيس صدر مملڪت جي چوڻ تينشتر ميڊيڪل ڪاليججي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ۽ ان کان سواءِ يوناني حڪيمن جي هڪ منتخب بورڊ به سندس علاج ڪيو، پر صحتياب نه ٿي سگهيو. شاهه صاحب آزاديءَ جو پرستار ۽ خلافت، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ کان الڳ تنظيم، ’جمعيت الاحرار‘ جو باني ۽ صدر رهيو. سندس پاليسي انگريزن جي مقابلي ۾ هميشه سختگير ۽ گرم رهندي هئي. انگريزن جي زماني ۾ پاڻ مسجد شهيد گنج، آزاديءڪشمير، ختم نبوت ۽ آزاديءَ جي تحريڪن ۾ 15 سال جيل ڪاٽي چڪو هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ”نديم“ هو. پر سندس شهرت جو سبب زياده تر خطابت هو. - بلڪه وجدانگيز رجزخوانيءَ جي لحاظ سان شاهه صاحب انهن بزرگن کان گوي سبقت کڻي چڪو هو. هڪ انگريز عالم لکيو آهي: ”مون هندستان ۾ ٻه عظيم چيزون ڏٺون - هڪتاج محل، ۽ ٻيو عطاءُ الله شاهه بخاري!“ سندس جادوبيانيءَ جو داد خودمهاتما گانڌيءَ به ڏنو آهي. نوراني شبيهه، مجاهدانه ڪردار، غازيانه سيرت، ۽ عالمانه وضع وارو عطاءُ الله شاهه، پنهنجيءَ انفرادي عظمت جي لحاظ سان اڄ به امر آهي. 1918ع ۾، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي امرتسر واري مشتڪ اجلاس ۾ شرڪت کان وٺي، پورا ويهه سال مسلسل جدوجهد ۾ گذاريائين. انگريزن جي خلاف، خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ، احرار، وغيره پاران، هر هڪ متحده محاذ جو ليڊر ۽ سالار کيس ئي چونڊيو ويندو هو. شاهه صاحب مفاد پرست ليڊرن مان نه هو. سندس ساري زندگي مجاهدانه ۽ فقيرانه رهي - ايتري قدر جو پنهنجن ٻچن لاءِ نه ڪا جائداد بنائي سگهيو، نه ڪا گهر جي جاءِ ئي ٺهرائي سگهيو. برصغير هند- پاڪ جي هن جليل القدر مجاهد، ملتان جي هڪ غير معروف محلي، ٽنڊي شير خان، جي هڪ ڪرايي تي ورتل بوسيده مڪان ۾ وفات ڪئي. مولانا بخاري،پاٽنا(بهار) ۾، 1889ع ۾ ڄائو، 72 سالن جي عمر ۾، 1961ع ۾ وفات ڪيائين. سندس پوين ۾ چار پٽ، هڪ نياڻي، ۽ هڪ بيوهه ھيا. - رهي نام الله ڪا. سندس تاليفات ۾ ”ديوان“، ”سواطع الاهام“ (ڇپيل)، ”مجموعه خطبات“ (اڻڇپيل)، اهم علمي چيزون آهن. [10][11]

حوالا

[سنواريو]
  1. Syedah Umm-e-Kafeel, Syedi-wa -abi, (Multan: Maktabah Ahrar, Bukhari academy, 2007) vol.1, P.5
  2. Chaudhry Afzal Haq, Tarikh-e-Ahrar, (Lahore:Maktabah Majlis-e-Ahrar, 1940) P.47
  3. Samina Awan, Political islam in colonial Punjab Majlis-e-Ahrar 1929–1949, P.153, Politics of Islamic symbolism, The MAI: Politics of Personalities, Oxford university Press
  4. Bahadur, Kalim (1998). Democracy in Pakistan: crises and conflicts. Har Anand Publications. p. 176. 
  5. Shorish Kashmiri, Syed Ata Ullah Shah Bukhari (Lahore: Maktaba-i-Chattan, 1969), vol. 1, p. 19.
  6. Shorish Kashmiri, Syed Ata Ullah Shah Bukhari (Lahore: Chattan, 1978)
  7. Samina Awan, Political islam in colonial Punjab Majlis-e-Ahrar 1929–1949, P.154, Politics of Islamic symbolism, The MAI: Politics of Personalities, Oxford university Press
  8. Wilfred Cantwell Smith, Modern Islam in India, p. 277.
  9. Abdul Latif Khalid Cheema, Prof. Abbas Najmi, Syed-ul-Ahrar, p.98 (Maktabah Tehreek-e-Talba-e-Islam, Chichawatni, 1977).
  10. ادارو؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  11. https://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book5/Book_page3.html.  Missing or empty |title= (مدد)