سوٽي ڪپڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪپهه جي پوک سڀ کان پهرين سنڌ ۾ ڪئي وئي. هتان جا رهاڪو سنهي ململ تيار ڪندا هئا جنهن کي سندو جي نالي سان سڏيو ويندو هئو. مصر ۾ ٽيه هزار سال پراڻي ممي ملي آهي جنهن جو لباس هن ئي ململ جو آهي.

تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ان زماني ۾ مصر ۾ ڪپهه جي پوک نه ٿيندي هئي ان جي ڪري اهو مڃڻو ٿو پوي ته مصر ۾ ڪپڙو سڀ کان پهرين سنڌ مان پهتو. بابل به هتان ڪپڙو حاصل ڪيو هو ۽ قديم يوناني رهاڪو به پنهنجي عمده لباسن جي لاء هن ئي علائقي مان ڪپڙو گھرائيندا هئا.