سورہ فاتحہ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سورۂ فاتحہ (عربي:الفاتحۃ) قرآن مجید ۾ ترتيب جي لحاظ سان پھرين سورت آھي جيڪا حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي زندگي جي مڪي دور ۾ نازل ٿي۔ ان جي آيتن جو تعداد 7 آھي۔ ھي انتھائي اھم سورت آھي ۽ ھر نماز ۾ پڙھي ويندي آھي، ان کان بغير نماز نه ٿيندي آھي۔[1]

نالو[سنواريو]

ان جو نالو "الفاتحہ" ان جي مضمون جي مناسبت سان آھي۔ فاتحہ ان شي کي چيو ويندوآھي جنھن سان ڪنھن مضمون يا ڪتاب يا ڪنھن شي جو افتتاح ڪيو وڃي۔ ٻين لفظن ۾ اھو سمجھيو وڃي تہ ھي نالو "ديباچو" ۽ ڪلام جي آغازِ جي ھم معني آھي۔ ان کي ام الڪتاب ۽ ام القرآن بہ چيو ويندو آھي۔ ان سورۃ جا مختلف تعداد ۾ نالا آھن۔ فاتحہ، فاتحۃ الڪتاب، سورۃ الڪنز، ڪافيۃ، وا فيۃ، شافيۃ، شفا، سبع مثاني، نور، رقيۃ، سورۃ الحمد، سورۃ الدعا، تعليم المسئلہ، سورۃ المناجاۃ، سورۃ التفويض، سورۃ السوال، فاتحۃ القرآن، سورۃ الصلوۃ۔ [2]

نازل ٿيڻ جو دءور[سنواريو]

ھي نبوت محمدي صلی اللہ علیہ و آلہ وسلمجي بلڪل ابتدائي زماني جي سورت آھي۔ بلڪہ معتبر روايات کان معلوم ٿيي ٿو تہ سڀ کان پھرين مڪمل سورت جيڪا محمد صلی اللہ علیہ و آلہ وسلم تي نازل ٿي ھئي اھا ھي ھئي۔ ان کان پھريون صرف متفرق آيتون نازل ٿيون ھيون جن ۾ سورۂ علق، سورۂ مزمل ۽ سورۂ مدثر وغيرہ شامل آھن ۔

مضمون[سنواريو]

دراصل ھي سورت ھڪ دعا آھي جيڪا خدا ھر انسان کي سکاري آھي جيڪو ان ڪتاب جو مطالعو شروع ڪري رھيو ھجي۔ ڪتاب جي ابتداء ۾ ان  رکڻ جو مطلب اھو آھي تہ جيڪڏھن توھان واقعي ۾ ان ڪتاب مان فائدو حاصل ڪرڻ چاھيو ٿا تہ  پھريون خداوند عالم کان ھي دعا ڪريو۔ انسان فطرتاً ان شيء جي دعا ڪندو آھي جنھن جي ان کي طلب ۽ خواھش ان جي دل ۾ ھوندي آھي ۽ ان صورت ۾ ڪندو آھي جڏھن ان کي  احساس ھوندو آھي تہ ان جي مطلب جي شيء ان ھستی جي اختيار ۾ آھي جنھن کان ھو دعا ڪري رھيو آھي۔ ان ڪري ئي قرآن مجيد جي ابتداء ۾ ان دعا جي تعليم ڏئي ڪري گویا انسان کي اھا تلقين ڪئي وئي آھي تہ اھي ان ڪتاب کي راھـہ راست جي جستجو جي لاءِ پڙھي، طالبِ حق جي ذھنيت رکي ڪري پڙھي ۽ ان ڳالھ کان واقف ھجي تہ علم جو سرچشمو خداوندِ عالم آھي، ان لاءِ ان کان ئي رھنمائي جي درخواست ڪري پڙھڻ جو آغاز ڪري۔ ان مضمون کي سمجھڻ کان پوءِ اھا ڳالھ پوري طرح واضع ٿي ويندي آھي تہ قرآن ۾ سورۂ فاتحہ جي درميان حقيقی تعلق ڪتاب ۽ ان جي مقدمي جھڙو نہ آھي بلڪہ دعا ۾ جوابِ دعا جھڙو آھي۔ سورۂ فاتحہ ھڪ دعا آھي جيڪا ھڪ ٻانهو ڪندو آھي،۽ قرآن ان جو جواب خدا جي طرف کان آھي۔ ٻانھو دعا ڪندو آھي تہ اي پروردگار! منھنجي رھنمائي ڪر۔ جواب ميں پروردگار پورو قرآن ان جي سامھو رکندو آھي تہ ھي آھي اھو ھدايت ۽ رھنمائي جنھن جي درخواست تون مون سان ڪئي ھئي۔

الفاتحہ[سنواريو]

  1. بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِِ
  2. اَلْحَمْدُ للهِ رَبِّ الْعٰلَمِينَ
  3. الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
  4. مٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ
  5. إِيَّاكَ نَعْبُدُ وَإِيَّاكَ نَسْتَعِينُ
  6. أِهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ
  7. صِرَاطَ الَّذِينَ أَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ غَيْرِ الْمَغْضُوبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّآلِّينَ

ترجمو[سنواريو]

  1. اللہ جي نالي سان شروع جيڪو وڏو مھربان نھايت رحم فرمائڻ وارو آھي.
  2. سب تعريفون اللہ ھی جي لاءِ آھن جيڪو تمام جھانن جو پالڻھار آھي.
  3. نھايت مھربان تمام رحم ڪرڻ وارو آھي.
  4. روز جزا جو مالڪ آھي.
  5. (اي اللہ) اسان تنھنجي ئي عبادت ڪندا آھيون ۽ اسان تو کان ئي مدد گھرون ٿا
  6. اسان کي سڌو رستو ڏکار
  7. انھن ماڻھن جو رستو جن تي تون انعام فرمايو آھي۔ انھن ماڻھن جو نہ جن تي غضب ڪيو ويو آھي ۽ نہ (ھي) گمراہ جو

حوالا[سنواريو]

  1. سورۂ فاتحہ جي سنڌي ترجمي ڏسو
  2. تفسیر خزائن العرفان علامہ نعیم الدین مراد آبادی ،سورۃ الفاتحہ