سنگ تراشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

1300 کان 500 قبل مسيح تائين مٽي مان ٺهيل سِرن ۽ ڪاٺين سان عمارتن جي اڏاوت ڪئي ويندي هئي. اشوڪا جي زماني ۾ اڏوات جي ڪم هڪ نئون رخ اختيار ڪيو ۽ سنگتراسيءَ جو ڪم پنهنجي ڪمال تي پهتو. جيڪڏهن هڪ اڇاترو جائزو وٺون ته پوءِ هڙپا ۽ موئن جو دڙو جي تهذيب کان وٺي 12 صدي عيسوي جي آخر تائين اڏاوت جي فن جي پنج هزار سالن جي شاندار تاريخ اسان جي آڏو گلدستي جي گلن وانگر سنڌ ۽ سٺي ننڍي کنڊ پکڙيل نظر اچي ٿي.

جيڪڏهن ڪراچي کان ٺٽي جي پاسي وڃون ۽ پوءِ ٺٽي کان حيدرآباد جي پاسي يا مڪليءَ کان پير پٺي جي پاسي وڃون ته انهن رستن ۽ دڳن تي مقبرن، مسجدن، خانقاهن ۽ قبرسانن جي صورت ۾ سنگ تراسيءَ جي هنر جو ڪائناتون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

ڊاڪٽر احمد حسن داني (Dr. Ahmed Hasan Daani) لکيو آهي ته، سنڌ، ننڍي کنڊ (برصغير) جو اهو پرڳڻو اهي جتي انساني تهذيب سڀ کان پهريائين اک کولي هئي، جيئن ته سنڌ ۾ ٻُڌ مت، جين مت ۽ برهمڻ سماج جا اثر موجو هئا، تنهنڪري انهن سڀني جا اثر اسلامي اڏاوت جي فن تي به پيا. جيڪڏهن مسيتن جي اڏاوتن کي ڏسون ته تُرڪي، ايران، مصر ۽ هند جي اڏاوت جو انهن تي اثر نظر ايندو.

اسان کي هنن تاريخي مقامن ۽ هنڌن تي جيڪا سنگتراشي (Sangtaraashi) نظر اچي ٿي اها پنهنجي زماني جي حالتن، واقعن، حقيقتن ۽ ڪيفيتن جي مظهر آهي ۽ اهو ئي مرڪزي نقطو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هي سڀ تواريخي مقام پنهنجي الڳ الڳ حيثيت رکن ٿا. ان ڪري سنگ تراشي جي هن دنيا کي اسان کي ٽن بنيادي مختلف تواريخي تناظرن ۾ ڏسڻ جي ضرورت پوي ٿي. ڇو جو انهن کي، انهن جي حقيقي پسمنطر ۾ ڏسڻ سان اسان کي انهن جي سونهن اڃان وڌيڪ نظر اچي.

جيڪڏهن مڪليءَ جي اڏاوتن جو ذڪر ڪيون ٿا ته سڀ محقق هن ڳالهه تي متفق نظر اچن ٿا ته هنن اڏاوتن جو فن سمن جي دور ۾ هتي پهتو هو ۽ ان فن تي گجرات جي عمارت سازي ۽ اڏاوت سازي جو وڏو اثر نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ سمن جو دور اڏاوتي هنر جي حوالي سان هڪ ڏاڍو شاندار دور هو. مڪلي ۽ ٺٽي ۾ گهڻيون تڻيون اڏاوتون ان دور جون ئي يادگار آهن، خاص طور تي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جو مقبرو ته پنهنجي اڏاوتي هنر ۽ فن جي حساب سان ڏسڻ وٽان آهي.

ڊاڪٽر احمد حسن داني، ڄام نندي جي اڻپوري اڏيل مقبري جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، هي هڪ يادگار ۽ سهڻو ترين سنگ تراشيءَ جو اتم نمونو آهي. جنهن ۾ قديم جين، گجراتي اڏاوتي فن، مقامي ماڻهن جي هنر ۽ اسلامي اڏاوتي فن ۽ مهارت جو گڏيل هڪ اهڙو شاندار شاهڪار آهي جيڪو مقلي تي ٺهيل سڀني تاريخي عمارتن ۽ اڏاوتن ۾ صفا انوکو ۽ سهڻو آهي.

ڄام نندي جي مقبري جي اڏاوت 1509ع جي آهي. هي مقبرو ان زماني جي سنڌي ڪاريگرن جي صلاحيتن جو مظهر آهي. هن مقبري جي اڏاوتي سونهن ۽ هنر تاريخ جي گم ٿيل فن جي خزانن تان پردو کڻي ٻڌائي ٿو ته اسلام کان به گهڻو پهرين هي هنر سنڌ ۾ وڏي اوج تي هو.

چيو وڃي ٿو ته هتي مهمد غالم ٺٽوي نالي هڪ ڪاتب هوندو هو، جنهن جي هٿ ڪٽي ڇڏيا ويا هئا پر کيس ڪتابت سان ايڏو ته عشق هئو جو اهو قلم ڪارائي سان ٻڌي ڪتابت ڪندو هو ۽ ائين ان ”ديوان حزين“ جي ڪتابت کانسواءِ قران شريف جي نسخن جي پڻ ڪتابت ڪئي هئي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”مون پنهنجي اکين سان ”ديوان حزين“ جو قلمي نسخو ڏٺو هو، جنهن کي محمد غالم نقل ڪيو هو ۽ آخر ۾ محمد عالم جي صحي سان اهو جملو لکيل هو ته. محمد غالم پنهنجي ڪٽيل هٿن سان نقل ڪيو.“

دريا خان جي آخري آرام گاهه جي چوديواري کان ٽي سئو فٽ اولهه طرف وڃون ته اتي بلوچن جو ڪجهه قبرون آهن. اهي قبرون وري سنگتراشي جي هڪ بي آکاڻي ٻڌائين ٿيون. هي چوڪنڊي نموني جو قبرون آهن. هن نموني جي اڏاوتن وارا ڪيترائي قبرستان آهن جيڪي سنڌ جي سامونڊي پٽي کان وٺي بلوچستان تائين ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. نهن قبرن تي جنهن نازڪ ۽ نفيس انداز سان سنگ تراشيءَ جو ڪم ڪيو ويو آهي اهو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.

تواريخدان گل حسن ڪلمتي (Gul Hasan Kalmati) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”انهن قبرن تي اڪريل اهو فن روم جو آهي. اهو فن ڪلمتي بلوچ ايران کان پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا. ائين سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهڙين قبرن ۽ اهڙي نموني جي سنگتراشيءَ جو بنياد پيو. چوڪنڊي نموني جون اهي قبرون 11 کان 16 هين صدي عيسويءَ تائين جون آهن. هنن قبرن کي رومي (Rumi) به چيو وڃي ٿو ۽ بلوچ ان کي تومبس (Tombas) به چون ٿا.

سلمان رشيد هنن وڏن ۽ سهڻن قبرستانن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ” جيڪڏهن سراسري نموني تي هڪ اندازو لڳايون ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مڪلي ()، سونڊا، جهرڪ (Ghirk)، راڄ ملڪ، شاهه ڪپور، چوڪنڊي (Chokund'i)، ميمڻ ڳوٺ ۽ تونگ جهڙا هڪ سئو کان به وڌيڪ قبرستان آهن.

تواريخ ٻڌائي ٿي ته، ڪلمتي، جوکيا ۽ نومڙيا (برفت)، مغلن جي زماني ۾ سگهارا قبيلا هئا، انهن قبيلن جو ذڪر اسان کي سمن جي دور ۾ به ملي ٿو. انهن جو مغل لشڪرين سان ويڙهون ٿينديون هيون ۽ اهي مغل لشڪرين جي گذرندڙ قافلن تي ڪاهون ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪلهوڙا دور تي نظر وجهون ته گبول، لاشاري، جکراڻي به انهن جا مددگار هئا. انهن قبيلن جون يادگار قبرون ۽ قبرستان ان حوالي سان هڪ تواريخي حيثيت رکن ٿا.

سونڊا (Soonda) قبرستان ۾ به سنگ تراشي جي حوالي سان تمام گهڻا راز دفن آهن. قبرن جي پيلن پٿرن تي ٿڀن تي جنگ جا مختلف منظر اُڪريل آهن.

سونڊا قبرستان جو هر هڪ ٿنڀ جي سنگتراشي ۽ اڏاوت ٻڌائي ٿي ته هي قبر ڪنهن سردار جي آهي، ڪنهن مائيءَ جي آهي يا پوءِ جنگي جوڌي جي آهي. ڊاڪٽر علام علي الانا ان حوالي سان لکي ٿو ته، ”قبرستان ۾ پٿر جي ٺهيل ڪجهه قبرن جي ساڄي پاسي گهڙسوارن جون تصويرون ۽ اڪريل آهن جن جي هڪ هٿ ۾ ڌال ۽ بئي هٿ ۾ نيزو آهي.

ڪجهه قبرن تي دستار جي سنگتراشي ٿيل آهي جن جي باري ۾ خيال آهي ته اهي سردارن جون قبرون آهن. مائين جي قبرن جي سڃاڻپ جي لاءِ تاڙ جي ٽارين جون شڪليون تراشيون ويون آهن. اهي قبرون جن تي ستن فٽن جا ڊگها ٿنڀ آهن اهي قبرون شهيدن جون آهن.

ٺٽي سهر جي رهڻ واري آرڪيالاجي جي ماهر ۽ تواريخدان محمد علي مانجهي ان حوالي سان چئي ٿو ته، ان ۾ ڪو شق ڪونهي ته هي هڪ پراڻو قبرستان آهي، هتي اسان کي ٽن زمانن جون قبرون ملن ٿيون جن ۾ خاص تي ٿڀن واريون قبرون آهن جن جي قدامت ڄاڻڻ لاءِ اسان کي تحقيق ۽ جانچ ڪرڻي پوندي، جنهن کانپوءِ ئي پڪ سان ڪجهه چئي سگهجي ٿو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سندھ میں سنگ تراشی کا ہنر اور اس کی تاریخ - Pakistan - Dawn News
  2. سنڌ ۾ سنگ تراشيءَ جو هنر ۽ ان جي تاريخ، ليکڪ ابوبڪر شيخ