سنڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿانون جي سنڪ__ٿانون ڌوئڻ واريون گينڊي (Kitchen Sinks) ٿانون ڌوئڻ واسطي اڄ ڪلھھ عام طرح سان اسٽين ليس اسٽيل جون ھڪ يا ٻن پيالن واريون گينڊيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن سان گڏو گڏ کاٻي پاسي ساڳئي ئي ڌاتوءَ جو تختو (Board) پن ڳنڍيل ھوندو آھي. ھڪ پيالي واري گينڊي کي (Single drain) ۽ ٻن پيالن واري گينڊيءَ کي (Double drain) چيو ويندو آھي. چينيءَ واريون گينڊيون گھڻو ڪري تجربيگاھن (Laboratories) لاءِ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ھي مختلف ماپن جون ٿين ٿيون. گھرن اندر استعمال ٿيندڙ گينڊيون 40″x20″، 18″x18″، 24″x24″، 16″x24″ ۽ 20″x30″ وغيره ماپن جون ٿين ٿيون ۽ انھن جو پيالو 10″ اونھون ٿئي ٿو. ھوٽلن جي بورچيخانن ۾ 63″x16″ جي سائيز تائين پڻ گينڊيون ڪتب آنديون وڃن ٿيون. ٻن پيالن واريون گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ گينڊيون 5′-6″ تائين ڊگھيون ٿين ٿيون. سڻڀن ٿانون صاف ڪرڻ سبب گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري موريءَ مٿان ڪاڪروچ يعني ڳاڙھن تڏن ۽ ٻين جيتن جڻين جي روڪڻ واسطي گريس ٽريپ (Grease Trap) لڳائڻ نھايت ئي ضروري آھي.[1]

باٿروم ۾ لڳل واش بئسن يا سنڪ واش بئسن يا ---چلمچي : (Wash Basin) , سنڪ، سنڪر، ھينڊ ڻئسن : اھا چيني يا ڌاتوءَ جي ھڪ پيالي وانگر ھڪ پاڻي جي نيڪال واري تنصيب آھي جيڪا اڪثر غسل خاني ، ڊائننگ روم، ريسٽورنٽن ۾ لڳائي ويندي آهي.

ھن ٿانءُ تي ٺاھيل تصوير ۾ ھڪ عورت واش بئسن تي ھٿ منھن ڌوئيندي ڏيکاريل آهي.اھا تصوير450 ق.م. جي يوناني بوئيوشيا جي ھڪ عورت جي آھي

عام طرح چينيءَ جون لسيون چلمچيون ھٿ منھن ڌوئڻ ۽ ڏندڻ وغيره ڪرڻ واسطي استعمال ڪيون وينديون آھن. ھي ڪمپنين جون ٺھيل، مختلف شبيھن جون ۽ مختلف ماپن جون ٿين ٿيون. عام طرح سان 22″x16″ ۽ 25″x18″ سائيز جون گينڊيون (Basins) استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ھي ايتري اوچائيءَ تائين لڳائڻ گھرجن جيئن انھن کي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگھجي. موزون اوچائيءَ واسطي معياري ڪمپنين جا ٺھيل ٺڪيل پيڊيسٽل (Pedestals) پڻ گينڊين سان گڏ ملندا آھن. عام رواجي گينڊين واسطي 31 انچن کان 33 انچن جي اوچائي بھتر سمجھي ويندي آھي. ھاسٽلن ۽ ٻين اھڙين عوامي جاين واسطي لاڳيتين گينڊين لڳائڻ دوران ٻن گينڊين جي وچ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٽي انچ وٿي ڇڏڻ بھتر آھي.[1] واش بئسن چيني مٽي ceramics, ڪنڪريٽ، ٽامي، لوھ يا اسٽيل، شيشي،گرينائيٽ، ماربل، نڪل، پلاسٽڪ، پوليئيسٽر، سوپ اسٽون، پٿر ۽ ڪاٺ مان ٺاھي ويندي آھي.

ماربل ما ٺاھيل ڊبل سنڪ

تاريخ[سنواريو]

واش روم ۾ لڳندڙ واش اسٽينڊ آمريڪا ۾ سترھين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ ٺاھي وئي ھئي.

مختلف نمونا[سنواريو]

Bathroom ڪاٺيء تي رکيل اسٽين ليس اسٽيل جي سنڪ surface. Brazilian creative design.
برازيلي سنڪون مختلف رنگن۾

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو