انيتا غلام علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انيتا غلام علي، ماهر تعليم ۽ سماجي اڳواڻ ھئي. 2 آڪٽوبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتائين. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج، جسٽس فيروز علي نانا جي ڌيءَ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڏوهٽي ھئي. ابتدائي تعليم سينٽ لارنس اسڪول، ڪراچيءَ مان ورتائين. جڏهن تہ مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، تنهن دور ۾ يونيورسٽي ۾ مئٽرڪ جا امتحان ورتا ويندا هئا. 1957ع ۾ بي. ايس سيءَ جي ڊگري، ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ 1960ع ۾ مائڪرو بائلاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1961ع ۾ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پنهنجي تعليمي ڪئريئر دوران ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ ۽ پوءِ سينيٽ جي ميمبر رهي. 1985ع ۾ اقوام متحده جي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي ڊپٽي ليڊر طور شرڪت ڪيائين. پاڪستان ڪاليج ٽيچرز ائسوسيئيشن سنڌ جي صدر بہ رهي چڪي آهي. آپا انيتا 1960ع کان 1972ع تائين ريڊيو پاڪستان تي انگريزيءَ ۾ خبرون پڙهندي هئي. پاڻ تعليمي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي مقالا لکيا. ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين. سندس خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ مليا. جن ۾ تمغئہ حسنِ ڪارڪردگي (1999ع) ۽ ستاره امتياز (2004ع) نمايان آهن. سنڌ جي نگران ڪابينہ ۾ ٻہ ڀيرا وزير تعليم بہ رهي، ان کان علاوه راندين، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت نوجوانن واري وزارت جون بہ مختصر ذميواريون نڀايون. لڳ ڀڳ ويھن سالن کان مٿي سنڌ حڪومت جي ”سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن“ جي اڳواڻ رھي.[1] پاڻ ڪراچي جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ ساھ جي بيماريءَ سبب 8 آگسٽ 2014ع تي وفات ڪيائون[2]

حوالا[سنواريو]