سنڌي خاڪي جي آکاڻي
انگريزن کان اڳ سڄي هندوستان جيان سنڌ ۾ به مغلن کان وٺي ميرن تائين حڪومت جو سڄو ڪاروهنوار فارسي زبان ۾ هلندو هو. اهو سلسلو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ به ڏهه سال، يعني 1853ع تائين هلندو رهيو. جيسين وڃي سنڌي لپي تيار ٿي نه ته ان کان اڳ شاهه سچل جا رسالا به ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن. 1953ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ سنڌيءَ زبان کي لاڳو ڪيو ۽ شهرن ۾ سنڌي اسڪولن ۽ سنڌي نصاب (خاڪي) جي شروعات ٿي. اُن لاءِ پهرين فارسي، عربي ۽ گجراتيءَ مان ڏهه ڪتاب ترجمون ڪري اسڪولن کي ڏنائون پر مڪمل تعليم لاءِ سڀني سبجيڪٽن لاءِ گهڻن ڪتابن جي ضرورت هئي. اُن وقت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري کيس بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو. هاڻ سڄي لک پڙهه بمبئي پرڳڻي سان ٿيڻي هئي. سنڌيءَ جي انهن درسي ڪتابن کي قائدي قانون پٽاندر جوڙڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار بمبئي صوبي جي ماهر تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مسٽر ڪاورنٽن Covernton کي اهو ڏکيو ڪم سونپيو، سندس هيڊڪوارٽر پوني ۾ ٺاهيو ويو. سندس مدد لاءِ ڪمشنر سنڌ پهرين مرزا قليچ بيگ کي مقرر ڪيو پر اُن جي انڪار کان پوءِ ديوان پريمچند کي پوني موڪليو ويو. حڪومت گهڻو سيليبس ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرايو هو، پر ڪجهه ڪتاب ترجمي کانسواءِ به لکيا ويا. اُن نصاب جي ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل آڏواڻي، پرمانند ميوارام، ديوان ڪوڙو مل، ديوان خانچند ۽ ڪجهه ٻين مکيه ڪردار ادا ڪيو. [1] [2]
- ↑ تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون (عبدالحئي پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-30
- ↑ ڪتاب: تَنۡ سِپُون سُوجهي ڪَڍيُون ليکڪ: عبدالحئي پليجو