سنسني خيز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنسني خيز ڪھاڻي (Thriller) هونئن تہ سڄو ادب تجسس ۽ سنسني سان ڀرپور هوندو آهي، پر عام طور تي اهو اصطلاح اهڙن قصن يا ڪھاڻين، ڊرامن يا فلمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنھن ۾ پڙهندڙ جو تجسس وڌي تہ ”هاڻي ڇا ٿيندو“. ان ڏس ۾ جاسوسي ادب، سائنس فڪشن، ڪرائيم فڪشن وغيره تي مبني ڪھاڻي ۾ سنسني خيزي گهڻي هوندي آهي. انگريزن جي دور ۾ هن قسم جون ڪافي ڪھاڻيون لکيون ويون يا ترجمو ٿيون، جن ۾ ’شرلاڪ هومس‘، ’گونگو دوست‘، ’ڀيانڪ لاش، ’خوفناڪ ڪتو‘ وغيره اهم آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.