تاندليانوالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
تاندليانوالا
شھر
تاندلیانوالہ

پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ فيصل آباد وچ پنجاب ۾ فيروزي رنگ سان ڏيکاريل
تاندليانوالا is located in Pakistan
تاندليانوالا
تاندليانوالا
جاگرافي بيهڪ: 31°1′56″N 73°7′59″E / 31.03222°N 73.13306°E / 31.03222; 73.13306مڪانيت: 31°1′56″N 73°7′59″E / 31.03222°N 73.13306°E / 31.03222; 73.13306
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو فيصل آباد ضلعو
حڪومت
 • ايم اين اي علي گوھر خان (پاڪستان مسلم ليگ (اين))
 • ايم پي اي جعفر علي ھوچہ [1] پي ايم ايل(اين)
پکيڙ
 • شھر 1,351 ڪ.م2 (522 ميل2)
بلندي 183 ميل (600 ft)
آبادي (2017) 702,733

تاندليانوالا(انگريزي: Tandlianwala) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي واري ھڪ تحصيل جو صدر مقام آهي جيڪو فيصل آباد کان 35 ڪلوميٽرن ۽ اوڪاڙہ کان 44 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. ھي شھر فيصل آباد ضلعي جي تحصيل، سب ڊويزن ۽ تحصيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن آھي.

تاريخ[سنواريو]

ھي شھر اولھ پنجاب جي منڊي طور برٽش انڊيا واري دؤر ۾ ٺاھيو ويو. شروع ۾ سندس نالو تاندلا منڊي ھيو جيڪو بعد ۾ تبديل ٿي تاندليانوالا ٿي ويو.ھن شھر کي 1887 ۾ کيس سب تحصيل جو درجو ڏنو ويو. 1965 ۾ ان کي ٽائون ڪميٽي جو درجو مليو. راوي درياء تي پل ٺھڻ سان 1966 کان 1990 تائين ھن شھر گھڻي ترقي ڪئي.


جاگرافي[سنواريو]

ھي شھر پنجاب جي اتر اوڀر واري ميداني علائقي ۾ اوڀر 73°13 لانگيٽيوڊ ۽ 30°03 North جي ليٽيٽوڊ جي وچ تي 183 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ 9 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي درياءَ راوي وھي ٿو جيڪو ھن علائقي جي 90 سيڪڙو زمين جو آبپاشي وارو ذريعو آهي. ان جي چوڌاري فيصل آباد، اوڪاڙہ، ساھيوال ۽ سمندري شھر واقع آھن..[4]

حوالا[سنواريو]

  1. "Punjab Assembly". www.pap.gov.pk. حاصل ڪيل 19 May 2017. 
  2. "PROVISIONAL SUMMARY RESULTS OF 6TH POPULATION AND HOUSING CENSUS-2017". pbs.gov.pk. حاصل ڪيل 24 November 2017. [مئل ڳنڍڻو]
  3. "Table 209" (en ۾). Punjab Development Statistics 2016. Bureau of Statistics, Government of The Punjab. p. 333. https://bos.punjab.gov.pk/system/files/Dev-2016.pdf. Retrieved 28 May 2017. 
  4. City District Faisalabad: Geography section آرڪائيو ڪيا ويا 2015-07-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. faisalabad.gov.pk