سعيد خان لنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سعيد خان لنڊ
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Saeed Khan Lund
سعيد خان لنڊ is located in سنڌ
سعيد خان لنڊ
سعيد خان لنڊ
سعيد خان لنڊ is located in Pakistan
سعيد خان لنڊ
سعيد خان لنڊ
جاگرافي بيهڪ: 24°47′34″N 68°25′03″E / 24.79278°N 68.41750°E / 24.79278; 68.41750مڪانيت: 24°47′34″N 68°25′03″E / 24.79278°N 68.41750°E / 24.79278; 68.41750
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

سعيد خان لنڊ(انگريزي: Saeed Khan Lund) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 14 سعيد خان لنڊ آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. ھي ھڪ تمام ننڍڙو يو سي شھر آھي جيڪو ٽنڊو محمد خان- ميرپور بٺورو روڊ کان اوڀر پاسي لنڪ روڊ تي ست ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. تعلقي ھيڊ ڪوارٽر بلڙي شاھ ڪريم کان 22 ڪلوميٽر پري آهي. ھن يو سي ۾ علي بخش لنڊ ۽ ملوڪ ھاليپوٽو ۽ محمد خان مگسي ڳوٺ پڻ واقع آهن.

تعليم[سنواريو]

ھن يو سي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پرائمري تعليم وارن اسڪولن سان گڏوگڏ ھڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول پڻ واقع آهي جنھن ۾ ڇوڪرن کي سيڪنڊري تعليم مھيا ڪئي وڃي ٿي. ديني تعليم لاء ھڪ مدرسو جامعه اسلاميه باب العلوم جي نالي سان پڻ واقع آهي

صحت[سنواريو]

ھتي سرڪار پاران صحت جي سھولت لاء بيسڪ هيلٿ يونٽ ڪم ڪري پيو جيڪو 24 ڪلاڪ کليل هوندو آهي.

صنعت[سنواريو]

ھن شھر لڳولڳ آبادگار شگر مل واقع آهي. ان مل کي لڳائيندڙ ڪمپني جو نالو سنڌ آبادگارز شگر ملز ليميٽڊ آھي جيڪا 28 جنوري 1984ع ۾ قائم ٿي ھئي[1]. اھا ڪمپني ڪينڊي مينيوفيڪچرنگ انڊسٽري جو حصو آهي[2].

  1. [1] سنڌ آبادگارز شگر ملز ليميٽڊ ويب سائيٽ
  2. [2] ڪمپني جي بزڻس ڊائريڪٽري