سريندر ڪور
سُريندر ڪور Surinder Kaur | |
---|---|
پس منظري معلومات | |
پيدائشي نالو | سُريندر ڪور |
معروفيت | پنجاب جي بُلبُل |
پيدائش | 25 نومبر 1929 لاهور, پنجاب, برطانوي هندستان |
وفات | 14 جون 2006 (عمر 76 سال) نيو جرسي, يو.ايس. |
صنف | |
پيشا |
|
سرگرم سال | سال 1943–کان 2006 |
Associated acts | پرڪاش ڪور (ڀيڻ), ڊولي گليريا (ڌيءُ) |
سريندر ڪور (پنجابي ٻولي: ਸੁਰਿੰਦਰ ਕੌਰ) هڪ پنجابي ڳائڻي ۽ گيتڪار هُئي.[1] جڏهن تہ هن بنيادي طور پنجابي لوڪ گيت ڳايا، جتي کيس ان صنف جي رهنمائي ۽ مقبوليت جو اعزاز حاصل آهي، هن پلي بيڪ سنگر طور 1948ع ۽ 1952ع جي وچ۾ هن ڪُجھ هندي فلمن جي لاءِ پڻ گانا ڳايا.[2][3] هن پنهنجي پنجابي موسيقي ۾ پنهنجي ڀاڱيداري جي لاءِ، پنجاب جي بُلبُل جو خطاب ماڻيو، سال 1984 ۾ کيس سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ، ۽ 2006 ۾ کيس پدم شري ايوارڊ مليو هيو.[4][5][6][7]
اَٽڪل ڇھ ڏهاڪن تائين سندس ڪيريئر ۾، هن پنهنجي فن جي خزاني ۾، بلهي شاهہ جي پنجابي صوفي ڪافين ۽ نند لال نورپوري، امرتا پريتم، موهن سنگھ ۽ شيو ڪمار بٽالوي جهڙن ساڳئي زماني جي شاعرن جي شعرن تي ٻڌل گيت ڳايا، جهڙوڪ "مائون تي ڌيئان"، "جُتي قصوري "،" مڌينان "،" ايهنا آکيان"چہ پون ڪيون ڪجرا" ۽ "گهمن دي رات" وغيره شامل آهن.وقت گزرڻ سان گڏوگڏ سندس پاران ڳايل شادي جا گانا، خاص طور تي "لٿي دي چادر"، "سوهي وي چيري واليا" ۽ "ڪالا ڊوريا"، پنجابي ثقافت جو هڪ اَڻمٽ حصو بڻجي چُڪا آهن.[8]
ڪور سان دهلي يونيورسٽي جي پروفيسر جوگيندر سنگھ سوڍي شادي ڪئي هئي.هن جوڙي کي ٽي ڌيئر هيون، جن ۾ سڀ کان وڏي ڌيءَ هڪ پنجابي لوڪ ڳائڻي پڻ آهي. ڊگهي وقت تائين بيماري ۾ رهڻ کانپوءِ 2006 ۾ آمريڪا جي شهر نيو جرسي ۾ ڪور پرلوڪ پڌاري وئي.
شروعاتي جيون
[سنواريو]سريندر ڪئور برطانوي هندستان ۾ پنجاب جي راڄڌاني شهر لاهور ۾ هڪ پنجابي سک گهراڻي ۾ ڄائي هُئي. هيءَ پرڪاش ڪور جي ڀيڻ ۽ ڊولي گليريا جي ماءٌ هُئي، جيڪي ٻئي مشهور پنجابي ڳائڻيون آهن. هن کي ٽي ڌيئر هيو، جن ۾ ڊولي گليريا سڀني کان وڏي هُئي.[9]
ڪيريئر
[سنواريو]سريندر ڪور پنهنجي پيشوراڻي زندگي جي شروعات آگسٽ 1943 ۾ لاهور ريڊيو تان سڌوسنئون (لائيو پرفارمنس) ڏيڻ سان ڪئي هُئي.۽ اڳئين سال ئي 31 آگسٽ 1943 تي، هن ۽ سندس وڏي ڀيڻ، پرڪاش ڪور ايڇ ايم وي ليبل جي لاءِ، پهنجي پهرئين جوڙي ۾ گڏجي "" ماوان تي ڌيئيان رل بيٺيان" راڳ (ڊيئيوٽ، راڳ جيڪو ٻه ڄڻا گڏجي ڳائين) ڳايو هيو، ۽ هي ٻئي ننڍي کنڊ هند پاڪ (انڊو پاڪ) جون سپر اسٽار بڻجي اُڀريون هيون.
حوالا
[سنواريو]- ↑ Surinder Kaur
- ↑ "Surinder Kaur's profile". LastFM. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد), Retrieved 18 Aug 2016 - ↑ "Tributes paid to melody queen". دي ٽريبيون newspaper. وقت 25 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Check date values in:
|archive-date=
(مدد), Retrieved 18 Aug 2016 - ↑ Surinder Kaur
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedto
- ↑ "Surinder Kaur's profile". لاسٽ ايف ايم., Retrieved 18 Aug 2016
- ↑ "Tributes paid to melody queen". دي ٽربيون newspaper., Retrieved 18 Aug 2016
- ↑ "Surinder Kaur leaves Delhi to settle in Punjab". دي ٽربيون newspaper., Retrieved 18 Aug 2016
- ↑ "The Sunday Tribune– Books". دي ٽربيون newspaper. حاصل ڪيل 18 Aug 2016.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- سريندر ڪور پروفائل هنڌ لاسٽ ايف ايم، حاصل ڪيل 18 اگسٽ 2016
- گانا ڊائون لوڊ ڪريو @ FolkPunjab.com آرڪائيو ڪيا ويا 2013-01-24 at Archive.is، بازيافت 18 آگسٽ 2016
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- حوالا ۾ غلطيون: تاريخ
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- MusicBrainz سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- 1929ع جون پيدائشون
- 20 هين صدي جا هندستاني ڳائڻا
- پنجابي ماڻهو
- فن ۾ پدما شري حاصل ڪندڙ
- ويهين صدي جون هندستاني استري ڳائڻيون
- هندستاني سک
- هندستاني لوڪ راڳي
- ڀارتي ناري لوڪ گلوڪارائون
- ويهين صديءَ جون هندستاني ڳائڻيون
- پنجابي ٻولي جا راڳي