ڊولي گليريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊولي گليريا

ڊولي گليريا (انگريزي ٻولي: Dolly Guleria) ھڪ پنجابي لوڪ ڳائڻي آھي، جنھن جو جنم 13 اپريل 1949 جي رات مھل، ممبئي ڀرسان بيساکي ۾ ٿيو ھيو. ھيءَ پروفيسر جوگندرا سنگھ ۽ پنجابي افسانوي ڳائڻي سريندر ڪئور جي ڌيءُ آھي، جيڪا پنجاب جي بُلبل جي نالي سان مشھور آھي.[1]

ڪيريئر[سنواريو]

گليريا ميڊيڪل جي شاگردياڻي ھئڻ ناتي، ڊاڪٽر بڻجڻ جي خواھشمند ھئي. 1970 ۾ ھن ھڪ آرمي آفيسر ڪرنل ايس ايس گليريا سان شادي ڪئي ھئي.[2] ۽ سندس ھڪ ڌيءُ، سنائيني ۽ ٻہ پُٽ، دلپريت سنگھ ۽ امانپريت سنگھ آھن. مائپڻو جي حيثيت سان زِندگي گُزارڻ کانپوءِ، ھن کي سندس مُڙس پاران ھمٿايو ويو تہ ھوءَ ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا جاري رکي، تڏھن ھن کي 'پٽيالہ گھراڻو' جي خان صاحب عبدالرحمٰن خان جي شاگردياڻي بڻجڻ جو موقعو مليو، جنھن کيس ڪلاسيڪي راڳ ۽ لوڪ راڳ ۾ نرالي اھليت سان سکيا ڏني.[3]

ھيءَ ٻالڪپڻ کان ئي راڳ ڳائڻ ڏانھن جذباتي لاڙو رکندي ھئي، پنھنجي استاد جي لائق رھنمائي ھيٺ، ھن راگاس گورباني ۾ پنھنجو واحد سولو البم جاي ڪرڻ جي چُونڊ ڪئي ۽ "ريھرھاس صاحب" شام کی شام "پاٺ" کي ان جي اصلي راڳن ۾ ڳايائين. انکانپوءِ ھن پنجابي لوڪ گيتن جا البمز جاري ڪيا، جن ۾ ڪُجھ پنھنجي ماءُ سان گڏجي ڳايائين[4] ۽ باقي ڪجهه سولو گيت جن ۾ شبد ڪيرتن، شيو ڪمار بٽالوي جي شاعري، ڀائي وير سنگھ ۽ ٻيا مشھور ليکڪ شامل ھيا. ھن پنجابی فلمن جھڙوڪ راب ديان راکھان، ديسون پرديس ۽ مئين ما پنجاب دي ۾ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت سان پڻ پنھنجي آواز جو سُريلو ڀاڱو شامل ڪيو آھي.

مڃتا[سنواريو]

نومبر 1997 ۾ پاڪستان ۾ پنھنجي خير سگالي ۽ ثقافتي مٽاسٽا واري دؤري جي دوران، ھيء پنھنجي ڌيءُ سنائيني سميت قذافي اسٽيڊيم، لاھور ۽ فيصل آباد (لائل پور) ۾ چناب ڪلب ۾ پنھنجي راڳ سان پاڪستاني ٻُڌندڙن کي راغب ڪيائين ۽ سندس نمايان ڀاڱيداري طور کيس مينار پاڪستان جي سونھري انعام (گولڊ ميڊل) سان نوازيو ويو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

هيءَ سڌوسنئون ڳائڻ (لائيو پرفارمنس) سان مزو ماڻيندي آهي ۽ ٻُڌندڙن پاران تُرت رد عمل سندس حوصلي کي وَڌائيندو آهي. هيءَ پنجابي راڳ کي انجي نج شڪل ۾ جيارڻ لاءِ سچائيءَ سان ڪوششون ڪرڻ چاهي ٿي.۔[5] هيءَ نائٽنگيل ميوزڪ اڪيڊمي ۾ راڳ سکڻ جي پُختي ارادي سان داخلائون وٺندڙ سيکڙاٽ شاگردن کي راڳ ڳائڻ جي سکيا ڏئي رهي آهي.

حوالا[سنواريو]