سرمست
ڏيک
سرمست فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي (سر=مٿو+مست=متوالو، مدهوش، ديوانو)جيڪو عشق ۽ محبت ۾ ڀرپور ۽ ديوانو هجي، يعني اهڙو بزرگ، خدا تعاليٰ جي بندگي ڪندي، جوش ۽ مستيءَ ۾ اچي جهومڻ لڳندو آهي. سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر، ”سچل“ کي ”سرمست“ سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ، هو جڏهن بہ پنھنجي پالڻھار جي بندگيءَ ۽ ساراھ ۾ مشغول ٿي ويندو هو، تڏهن مٿس الاهي محبت جو اهڙو تہ رنگ چڙهي ويندو هو، جو هو بيخود ٿي ويندو هو ۽ اُن وقت دنيا جون شيون تہ ڇڏيو، پر پنھنجي جان جي بہ کيس خبر ڪا نہ پوندي هئس. ”سچل“ جو اصل نالو عبدالوهاب هو، مگر سندس مائٽ پيار وچان کيس ’سچو‘ ۽ ’سچيڏنو‘ ڪري ڪوٺيندا هئا، جيڪو پوءِ ”سچل سرمست“ جي نالي سان مشھور ٿيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.