سالاري نئن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سالاري نئن انگريزي (Salari Nai) کيرٿر جبل جنهن کي مقامي ماڻهو ڪارو جبل پڻ چوندا آھن، مان نڪرندڙ وڏيُن نَئيُن مان ھڪ آھي.[1] جيڪا کيرٿر جبل منجهان دادو ضلعي تعلقي خيرپور ناٿن شاه تعلقي، يوسي ٻُرڙا جي قديم ڳوٺ سالاري جي اولھ طرف کان نڪري ٿي. سالاري نئين ڳوٺ سالاري ۽ ان ۾ شامل پنج ديهن سالاري 1 سالاري 2 سالاري 3 سالاري 4 سالاري 5، ۽ ديھ مالم 1 ۽ ديھ مالم 2 ۽ ديھ بُگَ سميت ڳوٺن ھر ھڪ ڳوٺ حملاڻي، ڳوٺ روحل گاڏهي، ڳوٺ حسين بخش گاڏھي، سميت ڪاڇي جي ڳوٺن ۽ ديھ بُگ جي باراني زمين کي آباد ڪندي اچي ڳوٺ ٻُرڙا کان ايف پي بند ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سالاري نئين جي منهن ۾ عام ڏينهن ۾ به پاڻي جي موجودگي ممڪن آهي، باقي سندس اھو وھڪرو جو ڪاڇي جي صحرا کي سيراب ڪري اچي ايف پي بند ۾ موجزن ٿئي اھو البت برسات جو محتاج آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Imossi, R. (1987-06-01). BNLDAG VAX GMAIL. http://dx.doi.org/10.2172/1157450. 
  2. "سنڌ جون نئيون : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-08.