سائو پن يا ڪارو پنو
مصنف | مرزا قليچ بيگ |
---|---|
اصل عنوان | سائو پن يا ڪارو پنو |
ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
ٻولي | سنڌي |
موضوع | شخصيت آتم ڪھاڻي |
صنف | آٽوبايوگرافي |
سائو پن يا ڪارو پنو(انگريزي: Sauo Pan Ya Karo Pano) ھڪ مشھور ڪتاب جو نالو جيڪو مررزا قليچ بيگ جي پنھنجي لکيل آتم ڪهاڻي آھي.اھو ڪتاب مرزا صاحب ستر ورھين جي ڄمار ۾ لکيو ھو. ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو تہ :مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندس اهڙي ئي تصنيف آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اُها اُن وقت جي سنڌ جي مڪمل ۽ ڀرپور عڪاسي آهي، جنهن ۾ هن نه صرف پنهنجي ڪٽنب ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي. ليڪن هن سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي سماجي زندگيءَ، توڙي پنهنجي دور جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن سان پنهنجي ذاتي حوالن ۽ واسطن جو ذڪر بلڪل بي ريا انداز ۾ ڪيو اٿس. هن آتم ڪهاڻيءَ جي لکجڻ جو سبب خود ليکڪ هن ريت بيان ڪيو آهي، ته ”… ڪيترن دوستن گهڻن ڏينهن کان مون کي پئي چيو آهي ته پنهنجي حياتيءَ جو احوال پاڻ لکان. اُنهن کي آءُ چوندو پئي آيو آهيان ته جيئري ماڻهو جو احوال لکڻ اجايو آهي، جو خبر ناهي ته هن جي پڇاڙي ڪيئن ٿئي ۽ هن جا خيال ۽ قول فعل ساڳيا رهن يا نه، اِنهيءَ صورت ۾ سوانح عمري اَڻ پوري چئبي. اِنهيءَ هوندي به منهنجي دوست مسٽر ڀيرومل مهرچند مهرباني ڪري منهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو ۽ اُنهي جي ڇپائڻ جو بندوسبت به ڪيائين، پر وري به مون منع ڪئي ۽ صلاح ڏنيس ته اُهو رکي ڇڏي ۽ منهنجي مرڻ کانپوءِ جي مناسب سمجهي ته ڇپائي پڌرو ڪري. پر اُنهي کانپوءِ وري منهنجي جهوني ۽ معزز دوست ديوان ڏيارام گدومل مون کي لکيو ته ٻين گهڻن ڪتابن لکڻ کانپوءِ پنهنجي حياتيءَ جو احوال پنهنجن هٿن سان ضرور لکان. اُنهيءَ جا سبب هي معلوم ٿيا ته گهڻن نامور ماڻهن ائين ڪيو آهي ۽ اُنهي ۾ جدا جدا ڳالهين تي ماڻهن کي پنهنجن خيالن ۽ راين ظاهر ڪرڻ جو وجهه ملندو، ٽيون ته اهڙي لکيل احوال جي اولاد ۽ اولاد جي اولاد کي پوري خبر پوندي ۽ هو سندس مثال تي هلندا ۽ سندس اصولن جي تڪميل ڪري سگهندا. انهي ڪري مون اِنهي جي لکڻ ۾ هٿ وڌو……“ [1] مرزا صاحب ھن ڪتاب جي شروعات پنهنجي اصل نسل کان ڪئي اٿس، جنهن ۾ پنهنجي پيءُ مرزا فريدون بيگ ۽ ناني مرزا خسرو بيگ جي جارجيا مان سنڌ پهچڻ جو احوال ڏنو اٿس ۽ هنن جي خاندان جو تعارف چڱيءَ طرح ڪرايو اٿس. پنهنجي حياتيءَ جي اوائلي احوال ۾ هن ميرن جي صاحبيءَ جي آخري زماني دوران پنهنجي خاندان تي آيل تڪليفن جو ذڪر به ڪيو آهي. هن کي اِهو ٻڌائيندي عار ڪو نه ٿو محسوس ٿئي ته ڏکئي وقت ۾ سندن گهر جي ماڻهن هٿ جو پورهيو به ڪيو. ”… امان ۽ ادي سُئيءَ ۽ زريءَ جو ڪم چڱو ڪنديون هيون ۽ اُنهي مان چڱي موچاري پيدائش ٿيندي هين. اهڙي پورهئي کي عيب نه ڄاڻنديون هيون. پنهنجن هٿن سان چرخو ڪنديون هيون، ڪپهه جي ڦٽين ٽاڻڻ جون آرٽڙيون به هلائينديون هيون، بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته جنڊ به پيهنديون هيون ۽ ماني به رڌينديون هيون… بابو پنهنجن هٿن سان ٻارن جي لاءِ ٽوپيون جوڙيندو هو…“پنهنجي اوائلي تعليم جو ذڪر ڪندي لکڻ پڙهڻ سان شوق ۽ اُن سان گڏ راڳ سکڻ جي شوق جو بيان به ڪيو اٿس. پڙهڻ جي ڏس ۾ هن ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ اُن دور جي عڪاسي ڪئي آهي: ”… ماني کائي ٿڪ ڀڃي، وري رات جو اُٿي پڙهندا هئاسين. تڏو وڇائي، وچ تي شمعدان يا ڏياٽي رکي، يا دلو اونڌو ڪري اُنهي تي ڏيئو رکي، ويهي پڙهندا هئاسين. تڏهن ڪيروسين تيل ڪو نه هو، ڪڙو تيل ٻرندو هو، بتيون ۽ چمنيون به عام ڪو نه هيون. صبح جو وري اُس تي ويهي پڙهندا هئاسين……“ (ص 29) ڪاليج جي تعليم جي باري ۾ لکيو اٿس ته ”…… ڪاليج ۾ مون کي سنڌ جي اسڪالرشپ ويهه رپيا درماهه ته ملندي هئي پر اُتي ڪاليج جي امتحانن پاس ڪرڻ جي ڪري ٻي اسڪالر شپ به ويهن رپين واري جدا ملندي هئي، اُنهي کانسواءِ خانگي طرح ڪيئي دولتمند پارسي شاگرد مون کان پارسي پڙهندا هئا ۽ اُنهي لاءِ پنج ڏهه رپيا ڏيندا هئا، جنهن ڪري منهنجو گذران چڱيءَ طرح ٿيندو هو…“پنهنجي حياتيءَ جي احوال ڏيندي مرزا صاحب ڪيترن ئي مسئلن تي پنهنجي مدلل راءِ به ڏني آهي. شادي جي معاملي تي هو لکن ٿا ته”…… شادي ڪرڻ جي نسبت ۾ مون شادي کان اڳي گهڻو خيال ڪيو هو ۽ مقابلو ڪري نفعا ۽ نقصان تفصيلوار ڪاغذ تي لکي، دل ۾ تڪي توري پوءِ شادي ڪيم“ (ص 118). ”منهنجي راءِ آهي ته زال هميشه هڪڙي پرڻجڻ گهرجي. ٻئي ڪنهن به عذر تي پرڻجڻ اجايو آهي.“ (ص 119) هن ڏس ۾ پنهنجي خاندان مان به مثال ڏيئي واضح ڪيو اٿس ته شادي هڪ سماجي ٻنڌڻ آهي، جنهن جي تقدس ۽ پاڪيزگي کي هر حال ۾ اوليت ڏيڻ گهرجي. انهيءَ معاملي ۾ هن ڪيترا دليل به ڏنا آهن، جيڪي اِهو ثابت ڪن ٿا ته شادي انسان کي براين کان بچائي ٿي ۽ هڪ فرد کي سماجي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي ٿي، جنهن جي ڪري صحتمند معاشري جي تشڪيل ٿئي ٿي.[2] پنهنجي علم ادب سان شوق جي باري ۾ لکيو اٿن ته، ”… لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان مون کي هوندو هو. بلڪ راند کان به اهو شغل زياده پسند هوندو هو، بلڪ ننڍي هوندي کان ئي ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق رهيو……“ (ص 120) اڳتي لکيو اٿن ته ”…جيئن علم زياده حاصل ٿيندو ويو، تيئن ڪتابن گڏ ڪرڻ جو شوق به پيدا ٿيو، انهيءَ ڪري جيڪي اسان جي وڏن جا قيمتي ڪتاب هئا، سي ته مون خاص طرح پنهنجي لاءِ قابو ڪيا. ٻيا انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب به گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳس…“ (ص 120)[3]لکڻ جي باري ۾ هڪ عجيب عادت جو ذڪر ڪيو اٿن، ”… هڪڙو ڪتاب مون کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري اڪثر ٽي ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان. هڪڙو صبح جو لکان، ٻيو ٻنڀپهرن جو ۽ ٽيون رات جو…“ لکڻ جو هي نرالو انداز شاايد ئي ڪنهن ٻئي اديب ۾ هجي. شعر ۽ تصوف جي باري ۾ به هن پنهنجا خيالات ڏنا آهن، جن مطابق هڪ طرف ته شهر جوڙڻ جي پابندي ڪانهي ته ٻئي طرف هو تصوف سان دلچسپي رکندي به ظاهري شريعت تي هلڻ جي لاءِ زور ڀري ٿو، ”… منهنجي ظاهري شريعت موجب هلڻ مون کي پئي بچايو آهي، تنهن ڪري ٻين بزرگن وانگر منهنجي به راءِ اِها آهي ته شرعي ۽ ديني ڪمن رسمن جي نسبت ۾ حقيقي خيال ڪهڙا به هجن ته به اُهي پنهنجي جند لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي ٻڌائڻ ۽ وعظ ڪرڻ لاءِ، نه ته شيخ حلاج منصور واري سزا جو خطرو آهي يا ته خلق ۾ خواري جو ڊپ آهي…“ (ص 135).[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڊاڪٽر قاضي خادم جو مضمون: "سائو پن يا ڪارو پنو" ھڪ اڀياس؛ مھراڻ رسالو، 2003 ايڊيشن، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
- ↑ {ڊاڪٽر قاضي خادم جو مضمون: "سائو پن يا ڪارو پنو" ھڪ اڀياس؛ مھراڻ رسالو، 2003 ايڊيشن، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
- ↑ {ڊاڪٽر قاضي خادم جو مضمون: "سائو پن يا ڪارو پنو" ھڪ اڀياس؛ مھراڻ رسالو، 2003 ايڊيشن، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }
- ↑ {ڊاڪٽر قاضي خادم جو مضمون: "سائو پن يا ڪارو پنو" ھڪ اڀياس؛ مھراڻ رسالو، 2003 ايڊيشن، شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو }