زيب النساء بيگم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
زيب النساء بيگم
مغل شھزادي
Zeb-un-Nisa Begum.jpg
شھزادي زہب النساء ملاقاتين سان گڏ
خاندان تيموري گھراڻو
والد اورنگزيب
والده دلراس بانو بيگم
پيدائش 15 February 1638
دولت آباد، مھاراشٽرا،انڊيا]
وفات 1701-26 May 1702 (aged 62-64)
دھلي
تدفين سڪندرا،آگرو
مذھب اسلام

زيب النساء بيگم:Zeb-un-Nissa ( فارسي: زیب النساء مخفی‎)[1] (15 February 1638 – 26 May 1702)[2]هيءَ شهزادي، هندستان جي مشهور شهنشاهه اورنگزيب عالمگير جي وڏي ڌيءُ هئي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

زيب النساء کي چار ٻيون ننڍيون ڀيڻين به هيون _ جن جا نالا زينت النساء بيگم، بدرالنساء بيگم، مهر النساء بيگم، ۽ بادشاهه بيگم هئ _ ۽ پنج ڀاءُ هيس. هوءَ ڏهين تاريخ شوال سنه 1048هه ( 1639ع) جي ڄائي، ۽ بادشاهه جي پياريءَ ڀيڻ روشن آرا بيگم جي نظر هيٺ رکي ويئي، شاهي دستور موجب، هوءَ هڪڙيءَ دائيءَ جي حوالي ڪئي ويئي، جا هن کي پهرين کير پياريندي هئي، ۽ پوءِ پڙهائيندي هئي. انهيءَ جو نالو”ميا ٻائي“ هو، جا ڏاڍي نيڪ ۽ ديندار عورت هئي. چئن ورهين جي ڄمار ۾ مُلا”جِيوَن، شاهي خاندان جي اُستاد، هن کي قرآن پڙهايو، ۽ اٺن ورهين جي عمر ۾ هوءَ قرآن شريف جي حافظ ٿي. انهيءَ خوشيءَ ۾ پڻس ٽيهه هزار اشرفيون صدقي ڪيون ۽ هڪڙو وڏو جشن ڪيائين، خود زيب النساء بيگم کي به ٽيهه هزار اشرفيون انعام ڏنائين. پوءِ هوءَ ملا”سعيد اشرف“ وٽ فارسي، عربي ۽ فقہ وغيره پڙهي، اُهو خود عالمگير جو به استاد هو، ۽ نامور مصنف هو. هوءَ، مشقون پچائي، ڏاڍي خوشنويس به ٿي. انهيءَ وقت ۾ هن شهزاديءَ کي شعر پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ناصر علي ”هندي“ مشهور شاعر هو، جو سرهند جي ناظم نواب ذوالفقار خان وٽ رهندو هو، ۽ مرزا محمد علي ”صائب“ ٻيو مشهور شاعر به ايران کان آيل هو ٽيون ”برهمن“ نالي شاعر به نواب وٽ هو. اهي سڀ اچي بادشاهه عالمگير وٽ گڏ ٿيا ۽ انهن سان زيب النساء طبع آزمائي ۽ شعر بازي ڪرڻ لڳي. ”غني“ ڪشميري، ”عاقل“ لاهوري، ۽ ”بهروز“ شاعر به انهيءَ وقت موجود هئا، ۽ نعمت خان ”عالي“ به انهيءَ وقت جو مشهور شاعر ۽ عالم هو. ڊاڪٽر ”برنيز“ صاحب اورنگزيب جي ڏينهن ۾ هندستان جو سفر ڪيو هو، تنهن پنهنجي سفر نامي ۾ زيب النساء جو مفصل بيان ڏنو آهي. انهيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته هوءَ خوبصورت هوندي هئي، ليڪن ڪپڙا سفيد ۽ سادا ڍڪيندي هئي. انهيءَ وقت ۾ ڪي زالون هندو نموني جا ڪپڙا ڍڪينديون هيون ۽ ڪي ايراني نموني جا: زيب النساء ايراني وضع جا ڪپڙا ڍڪيندي هئي، ۽ زيور به تمام ٿورا ڍڪيندي هئي. پيءُ وانگي، مذهب ۾ سُٺي هئي، ۽ اوليائن ۽ دين جي بزرگن جو گهڻو ادب رکندي هئي. پيءُ جي تخت نشينيءَ کان اڳي، امامن جي ماتمداري ۽ تعزيه داريءَ جون مجلسون به ڪندي هئي. جيئن هڪڙي بيت ۾ چوي ٿي ته: دوستي با دشمنِ آل پيمبر چون ڪنم، من کہ لافِ دوستي با آلِ حيدر ميکنم.

Painting of Zeb-un-Nissa by Abanindranath Tagore.

هوءَ طبعيت ۾ رحم واري، بردبار ۽ چڱي اخلاق واري هئي. هميشہ خوش مزاج ۽ کلڻي هوندي هئي. سندس مهرباني ڏسي، شاعر ته ساڻس گستاخي به ڪندا هئا، جي کيس برقعي سان باغ ۾ سير ڪندي يا ٻين هنڌن تي ڏسندا هئا، ۽ ڳالهائيندا به هئا. زيب النساء کي آزادي ايتريقدر پسند هئي، جو هن شاديءَ جو اصل خيال ڪونه ڪيو. بلڪ دنيا ئي عيش عشرت ۽ نفساني لذتن کان نفرت ڪندي هئي. ڪي چون ٿا ته سندس پيءُ بادشاهه، دارا شڪوه جي پٽ سان سندس مڱڻو ڪيو هو، پر جڏهن انهيءَ کي بادشاهه مارائي ڇڏيو، تڏهن زيب النساء ڏک کان شاديءَ جو خيال لاهي ڇڏيو. ڪن ته هيئن به لکيو آهي_ جيتوڻيڪ اهو اعتبار جي لائق نه آهي _ ته بادشاهه جي وزير جو پٽ عاقل خان زيـــب الــــنساء تــي عاشـــق هــو، ۽ زيب النساء جي به ساڻس محبت هئي. هو لاهور جو ناظم هو. جڏهن بادشاهه، بيماريءَ سبب، سنه 1071هه (1660ع) ۾، هوا بدلائڻ لاءِ لاهور ويو، تڏهن هنن ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو، ۽ پسند ڪيو. موٽي دهليءَ وڃڻ کانپوءِ، زيب النساء پيءُ کان به هن سان شادي ڪرڻ جي رخصت گهري، ۽ انهيءَ ڪم لاءِ بادشاهه عاقل خان کي دهليءَ ۾ گهرايو، پر ڪن حاسدن عاقل خان کي شڪ وڌو ته توکي بادشاهه مارائڻ لاءِ گهرايو آهي، تنهن عذر ڪري جواب لکيو ته، شاديءَ کان ته مون کي معافي ملي، پر نوڪري به ڇڏيان ٿو. انهيءَ طرح، ڊپ ۾ نوڪري ڇڏي. هو لڪي دهليءَ آيو، جتي لڪڇپ ۾ زيب النساء سان ملاقات پيو ڪندو هو. جڏهن بادشاهه کي ڪن دشمنن انهيءَ جي خبر ٻڌائي. تڏهن بادشاهه جاسوس رکي هڪڙي ڏينهن باغ ۾ اچي نڪتو. هو ٻيئي باغ ۾ هئا. عاقل خان، ڊپ کان هڪڙي ديگ ۾ ڍڪ هيٺ لڪي ويهي رهيو. جڏهن بادشاهه کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن ديگ جي هيٺان باهه ٻارايائين ۽ انهيءَ طرح هن کي جلائي مارايائين. مگر هن بلڪل ڪڇيو ئي ڪين، ۽ سڙي مري ويو.[3] انهي کانپوءِ بادشاهه زيب النساء کي سليم ڳڙهه جي قلعي ۾ قيد ڪيو، پر نيٺ پوءِ هن کي آزاد ڪيائين. باقي عمر هن اڪيلائيءَ ۽ گوشي گيريءَ ۾ گذاري، جتي شاعريءَ جي شغل ۾ رهي، ۽ قسمت جي شڪايت شعر ۾ ڪندي رهي. نيٺ، سنه 1100هه (1688ع) ۾، اٺن ڏينهن جي تپ جي بيماريءَ کان پوءِ، هوءَ مري ويئي. سندس وصيت موجب، سندس لاش، پڻس جي اجازت سان لاهور ۾ نئين جوڙايل ڪوٽ ۽ باغ ۾ دفن ڪيو ويو. سند وفات جي تاريخ وارو بيت هي آهي: سال تاريخ از خرد جستم، گفت هاتف کہ ”ماه مخفي شد، پنهنجو مقبرو هن پنهنجي جيئري ئي ٺهرائي ڇڏيو هو، تنهن ۾ هوءَ رکي ويئي، اُهو مقبرو تمام سهڻو سنگ مرمر جو هو، ۽ سونا ڪلس هئس، مگر ڪجهه سکن جي راڄ ۾ ۽ ڪجهه انهيءَ کانپوءِ، اُهو ڀڄي ڀُري ويو آهي، ۽ هاڻ مٿانئس ريل جو رستو جاري آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ دهليءَ جي ”زينت المساجد“ ۾ دفن آهي، پر حقيقت ڪري اتي سندس ڀيڻ ”زينت النساء“ رکيل آهي.مغلن جي وقت ۾، حڪومت جي ڪم ۾ اڪثر بيگمون گهڻو حصو وٺنديون هيون. جيئن جهانگير جي ڏينهن ۾ ورتو ويو _ ۽ شاهجهان جي ڏينهن ۾ پهرين ممتاز محل ورتو. ۽ پوءِ سندس ڌيءُ جهان آرا بيگم ورتو، انهيءَ طرح، عالمگير جي حڪومت ۾ به پهرين سندس ڀيڻ روشن آرا بيگم، جا زيب النساء جي ماءُ هئي، تنهن حصو ورتو. جيڪا خانه جنگي ڀائن جي وچ ۾ پئي هلي، تنهن ۾ هوءَ عالمگير جي مددگار هئي، ۽ قلعي جون سڀ خبرون عالمگير کي پهچائيندي هئي، جنهن ڪري عالمگير سندس احسان مند هوندو هو، ۽ ساڻس ڏاڍي محبت رکندو هو، سڀ حڪم احڪام انهيءَ جي راءِ تي منحصر هوندا هئا. پر، جڏهن زيب النساء جوان ٿي، ۽ سندس روشن دماغي ظاهر ٿي، تڏهن بادشاهه جي ساڻس زياده محبت ٿيڻ لڳي. سنه 1057هه ( 1664ع) ۾ جڏهن عالمگير تمام بيمار ۽ بيهوش ٿي پيو، تڏهن روشن آرا ڪنهن کي به هن وٽ اندر وڃڻ نٿي ڏنو، ۽ چوڌاري زالن جو پهرو بيهاري ڇڏيو. سندس ارادو هو ته جي عالمگير وفات ڪري، ته سندس جاءِ تي ان جو وڏو پٽ شاهه عالم نه ويهي، پر سندس ننڍو ڀاءُ اعظم شاهه ويهي، جنهن ڪري انهيءَ جي وڏي هئڻ تائين بادشاهي خود سندس هٿ ۾ رهي، تنهن ڪري هوءَ شاهي مهر هٿ ڪري، اعظم شاهه جي نالي سان فرمان ڪڍڻ لڳي. نه ٻاهر نه اندر، محل سراءِ ۾ ڪنهن کي خبر هئي ته بادشاهه جيئرو آهي يا مري ويو. نيٺ، بادشاهه جي هندو راڻي، پهرين وارين زالن کي رشوت ڏيئي، بادشاهه وٽ آئي، جو بيهوش پيو هو. روشن آرا کي خبر پيئي، تنهن راڻيءَ کي منهن تي ڏاڍي چماٽ هنئي. بادشاهه جي انهيءَ راڻي سان ڏاڍي محبت هئي. _ ايتري قدر، جو مذهبي خيال وساري به، محل سراءِ ۾ انهيءَ راڻيءَ کي بت پرستي ڪرڻ پيو ڏيندو هو. انهيءَ راڻيءَ شاهه عالم کي حوال ڏنو، تنهن روشن آرا جي ڪم ۾ گهڻي روڪ ڪئي. فساد اٿڻ جو گهڻو امڪان هو، پر اوچتو بادشاهه عالمگير بهتر ٿيو، بادشاهه روشن آرا کان رنج ٿيو، ۽ راڻيءَ کي وڏو انعام ڏنائين ۽ هڪڙو خطاب عطا ڪيائين. بس، روشن آرا جو زوال ٿيو، ته زيب النساء جو عروج ٿيو. تنهن کان پوءِ بادشاهه سندس راءِ تي هلندو هو. هن جو علم ۽ عقل، فضيلت ۽ دانشمندي، هر طرح ظاهر ڏسڻ ۾ آيا. انهيءَ وقت سندس عمر پنجويهن ورهين جي هئي. بادشاهه اڃا پوري شفايابي نه لڌي هئي، زيب النساء ڪشمير ۾ هلي هوا بدلائڻ جي صلاح ڏنيس، ليڪن گرميءَ جي موسم هئي ۽ پڻس شاهجهان جي جيئري هئڻ ڪري هن کي وڃڻ پسند نه آيو، ته متان فساد شروع ٿئي. بادشاهه جو ارادو هو ته، ڀائرن ۽ ڀائٽين وانگي، پيءُ کي به مارائي. انهيءَ بابت هن زيب النساء سان مشورت ڪئي. هن ڏاڍي وزير سان اهڙي پاپ جهڙي ڪم جي برخلاف راءِ ڏني، ۽ سمجهايائينس ته ”ڏاڏو 75 ورهيه عمر جو پير مرد آهي، اوهين ٿورو صبر ڪريو، هو ڪو گهڻا ورهيه وڌيڪ نه جيئندو، اهڙي حالت ۾ اهڙي وڏي گناهه ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو، ۽ ملڪ ۾ پڻ بدنامي ٿيندي“. نيٺ، سـگهوئي، شاهجهان مري ويو. تنهن کانپوءِ زيب النساء وري به ڪشمير جي سفر جي رٿ پيش ڪئي، ۽ عالمگير راضي ٿيو، ۽ 6 ڊسمبر جي بادشاهه دهليءَ مان روانو ٿيو. برنيز صاحب لکي ٿو، ته انهيءَ وقت بادشاهه سان پنجٽيهه هزار سوار ۽ ڏهه هزار پيادا همراهه هئا، ۽ ستر توبون هيون، زيب النساء هڪڙي خوبصورت هاٿيءَ تي چڙهيل هئي، جنهن جو هودو سون جو جڙيل هو، ۽ منجهس تمام قيمتي جواهر لڳل هئا، هاٿيءَ جي آساپس خواجه سرا، يعني ناظر ۽ قلمانيون، يعني زالن جو لشڪر پئي هليو، انهيءَ جي پٺيان ٻين بيگمن جا هاٿي هئا، انهيءَ سفر ۾ زيب النساء ڏاڍي سخاوت ۽ دريا دلي ڏيکاري.[4]

مھاراشٽرا جي شھر اورنگ آباد ۾ زيب النساء محل-1880 جو نڪتل فوٽو

جيتوڻيڪ زيب النساء ڏاڍي صرفي واري هئي، ته به هن گهڻائي فياضيءَ جا ڪم ڪيا. کيس فقط چئن لکن جي سالياني جاگير مليل هئي، جنهن جي پيدائش جو گهڻو ڀاڱو علمي شوق جي پوري ڪرڻ ۾ خرچ ٿي ويندو هوس. هن تمام عمدو ۽ وڏو ڪتب خانو گڏ ڪيو هو، ۽ وڏا وڏا فاضل، عالم ۽ مصنف وٽس گڏ ٿيندا هئا. جيڪي بچندو هوس، تنهن مان هر سال سوَن ماڻهن کيپئسا ڏيئي حج موڪليندي هئي، ۽ رنن زالن ۽ يتيمن جي پرورش ڪندي هئي. لاهور جو برجن وارو مشهور باغ به هن پنهنجي خرچ سان جوڙايو، جو هن پوءِ پنهنجي دائيءَ”ميا ٻائي“ کي انعام ۾ ڏيئي ڇڏيو، انهيءَ جا نشان اڃا پيا ڏسجن. زيب النساء ڏاڍي علم دوست هئي، ۽ شاعرن ۽ مصنفن کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏيندي هئي. خوشنويس ڪاتب وٽس نوڪر هئا ۽ ڪـتاب نقل ڪندا هئا. ملا شفيع الدين، عنايت احمد ڪشميريءَ قرآن شريف جو تفسير سندس نالي لکيو، جنهن جو نالو ”زيب التفاسير“ آهي. هوءَ شعر چوڻ ۾ ڏاڍي هوشيار هئي، هڪڙو فارسي ديوان اٿس، جو تمام پسنديءَ جهڙو آهي. سندس تخلص ”مخفي“ آهي. جيتوڻيڪ ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سندس نه آهي، ٻئي شاعر جو آهي. زيب النساء گهڻا بيت ته في البديهه، خيال کانسواءِ، چئي ويندي هئي. جيئن ته هڪڙي ڀيري هڪڙيءَ نوڪرياڻيءَ اتفاق سان هڪڙي چين جي قيمتي آرسي ڀڃي وڌي، ڏڪندي ڏڪندي شهزاديءَ کي چيائين: از قضا آئينہ چيني شکست! شهزادي کلي چيو ته: خوب شد، اسبابِ خود بيني شکست! (”خود بينيءَ“ جي معنيٰ هٺ ۽ وڏائي به آهي، ۽ پنهنجو منهن ڏسڻ به آهي.) هيٺيان بيت، نموني لاءِ سندس ديوان مان ڏجن ٿا: بلبل از گل بگذرد گر در چمن بيند مرا، بُت پرستي کي گند گر برهمن بيند مرا! در سخن پنهان شدم مانند بو در برگِ گل، هر کہ ديدن ميل دارد، در سخن بيند مرا!

(يعني، بلبل جي مون کي باغ ۾ کڻي ڏسي، ته جيڪر گل کي ڇڏي ڏئي، ۽ جي ڪو برهمڻ کڻي ڏسي، ته بت جي پوڄا ڇڏي ڏئي! جيئن خوشبو، گل جي پن ۾ لڪل رهي ٿي، تيئن آءٌ پنهنجي شعر ۾ لڪل آهيان، جنهن کي مون کي ڏسڻو هجي، سو مون کي منهنجي شعر ۾ ڏسي.) دولتي خواهي کہ باشد پائدار و برقرار، نيست اين دولت ميسر غيرِ گنجِ خلوتي.

(يعني، جيڪڏهن اهڙي دولت گهرين جا هميشہ جٽاءُ ڪري، ته اُها گوشي نشينيءَ کان سواءِ نه ملندي.) هڪڙي غزل ۾ پنهنجي نسبت ۾ هيئن چيو اٿس: گرچه من ليليٰ اساسم، دل چو مجنون در نواست، سر بصحرا ميزنم، ليکن حيا زنجير پاست. بلبل از شاگرديم شد همنشينِ گل بباغ، در محبت کا ملم، پروانه هم شاگردِ ماست. دختر شاهم و ليڪن رو بفقر آورده ام، زيب و زينت بس همينم نامِ من ”زيب النساء“ ست.

هي بيت به چڱو آهي بنگر به تهيدستيءَ ما کز سرِ همت، بر سفرهءِ حاتم نه نشيند مگسِ ما![5]

حوالا[سنواريو]

  1. Also romanized as Zebunnisa, Zebunniso, Zebunnissa, Zebunisa, Zeb al-Nissa. زیب Zēb means "beauty" or "ornament" in Arabic and نساء Nissa means "women" in Arabic, Zebunnisa means "most beautiful of all women"
  2. Sir Jadunath Sarkar (1979). A short history of Aurangzib, 1618–1707. Orient Longman. p. 14. 
  3. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  4. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  5. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 19 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}