مواد ڏانھن هلو

زمرو:انٽرنيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:منتقلي ذيلي زمرا

تفصيلي مضمون جي لاءِ ملاحظه ڪريو: انٽرنيٽ

انٽرنيٽ (Internet) عوامي طور تي دستياب ڪمپيوٽر نيٽ ورڪن جو عالمي نظام آهي جيڪو انٽرنيٽ پروٽوڪول (IP) تي پيڪٽ سوئچنگ ذريعي ڊيٽا منتقل ڪري ٿو. اهو هزارين ٻين، ننڍن ڪاروبار، تعليمي، ۽ سرڪاري نيٽ ورڪن مان ٺهيل آهي.

اصطلاح انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائڊ ويب (w.w.w) هر روز ڳالھه ٻول ۾ بغير ڪنهن فرق جي استعمال ڪيا ويندا آهن. بهرحال، انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائڊ ويب هڪ ئي نه آهن. انٽرنيٽ هڪ عالمي ڊيٽا مواصلاتي نظام آهي. اهو هڪ هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر انفراسٽرڪچر آهي جيڪو ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطو فراهم ڪري ٿو. بس، ”انٽرنيٽ نيٽ ورڪن جو هڪ نيٽ ورڪ آهي“، جتي ٻه يا ٻه کان وڌيڪ ڪمپيوٽر وائرڊ يا وائرليس نيٽ ورڪ ذريعي، ڊيٽا جهڙوڪ ميل، وڊيو، گانا وغيره، موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جڙيل هوندا آهن ان جي بر عڪس ويب، انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍيل هڪٻئي سان ڳنڍيل دستاويزن ۽ ٻين وسيلن جو مجموعو آهي، جيڪو هائپر لنڪس ۽ URLs سان ڳنڍيل آهي. انٽرنيٽ استعمال ڪندي ٻيون خدمتون، اليڪٽرانڪ ميل، فائل ٽرانسفر پروٽوڪول، ٽيل نيٽ، آن لائن چيٽ، وائيس اوور انٽرنيٽ پروٽوڪول، انسٽنٽ ميسيجنگ، فيڪس ۽ يوزنيٽ به حاصل ڪئي سگهون ٿا.

ماتحت-زمرا

هن زمري ۾ ڪل 2 مان ھيٺيان 2 ماتحت-زمرا آھن.