لائي فاءِ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لائيَ فاءِ (Li-Fi) هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا اڳتي هلي، ڳنڍڄار (Internet) جي رفتار کي هاڻوڪي واءِ فاءِ جي ڀيٽ ۾ سئو سيڪڙو وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيندي. هڪ فرانسيسي ڪمپني اوليڊڪوم هن وائرليس ٽيڪانالاجي کي ٺاهيو آهي، جيڪا ايل اي ڊيءَ تي ڪم ڪري ٿي ۽ اهو به ايڏي ته تيز رفتاري سان جو ليبارٽري ۾ ان حوالي ٿيل ٽيسٽ جي دوران ڳنڍڄار يا انٽرنيٽ 224 جي بي في سيڪنڊ جي رفتار سان هلائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. هن ڪمپني جي ٺاهيل ايل ايِ ڊي لائٽ بلبس جي ذريعي ڏاڍي تيز رفتاري سان ڊيٽا کي 200 گيگا بائٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان ٽرانسمٽ ڪيو وڃي ٿو. هن رفتار جي تيزيءَ جو اندازو اوهان ائين لڳائي سگهو ٿا ته هن جي مدد سان اوهان اَک ڇنب ۾ 23 ڊي وي ڊيز فلمون ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]