رکماٻائي
رکماٻائي Rukhmabai | |
---|---|
رکما ٻائي جو فوٽو | |
پيدائش | نومبر 22 1864 |
وفات | 25 سيپٽمبر 1955 (عمر 90 سال) |
پيشو | ڊاڪٽر, نارين جو ڇوٽڪارو |
رکما ٻائي راوت ڀارت جي پھرئين عورت ڊاڪٽر ھئي. ننڍپڻ ۾ ئي جڏھن سندس عمر ٻہ سال ھئي تہ جناردڌن باندو راجن جي وفات ٿيي وئي، مڙس جي وفات کانپوءِ ھن جي ماءُ ممبئي جي ھڪ سماجي ڪارڪن ۽ سرجن سخارام ارجن سان شادي ڪئي. ھن جي خاندان ۾ ٻئي شادي جي اجازت مليل ھئي.
جڏهن هيءِ رُڳو يارنهن سال جي هئي، تڏهن سندس شادي دادا ڀکجي سان ٿي وئي، تنهن هوندي هيءَ پنهنجي بيواہ امڙ جينتي ٻائي جي گهر رهندي هئي، جيڪا پنهنجي ٻئي مُڙس سُکارام ارجن سان گڏ رهندي هُئي. جڏهن دادا ۽ ان جي گهرڀاتين رکما ٻائي کي گهر وٺي وڃڻ تي زور ڀريو ته انهن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان جي نڳو پيءُ ان فيصلي جي حمايت ڪئي. ان جي نتيجي ۾ 1884 کان عدالتي مقدمن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارڙن جي شادي ۽ عورتن جي حقن تي هڪ وڏي عوامي بحث هلي. رکما ٻائيءَ ان دوران پنهنجي تعليم جاري رکي. ان معاملي ۾ کينس ڪيترن ئي ماڻهن جي حمايت حاصل ٿي ۽ جڏهن هن پنهنجي طب جي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو تہ لنڊن جي اسڪول آف ميڊيسن ۾ موڪلڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فنڊ تيار ڪيو ويو. اُتي هن 1895 ۾ گريجوئيشن پُوري ڪئي ۽ ڀارت ڏانهن واپس موٽي آئي. ڀارت جي پهرئين ناري ڊاڪٽرن منجهان هڪ بڻجي وئي ۽ هن سورت جي هڪ عورتن جي اسپتال ۾ پنهنجيون خدمتون ڏنيون.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]رکما ٻائي نجارت سان واڳيل هڪ ساڌارڻ گهراڻو ۾ جنارڌن ڀاندو راجن ۽ جينتي ٻائي جي گهر ۾ جنم ورتو، بن سال عمر ٿيس ته سندس پيءٌ جنارڌن جو موت ٿي ويو. ماءٌ جينتي ٻائي سموري ملڪيت رکما ٻائي جي نالي ڪري ڇڏي. جينتي ٻائيءَ هڪ ڊاڪٽر سکارام ارجن سان پرڻو ڪيو. جڏهن هوءَ يارنهن سال جي ٿي ته ان جي ماءُ پنهنجي ڌيءَ جو نڪاح دادا ڀکاجي سان ڪري ڇڏيو. پر رکما ٻائي پنهنجي ماءٌ سان گڏ امڙ جي گهر ۾ رهندي هئي ۽ فري چرچ مشن لائبريري جا ڪتاب استعمال ڪري گهر ۾ تعليم حاصل ڪندي هئي. هڪ سال کانپوءِ جڏهن رکما ٻائي ٻارنهن سال جي ٿي تہ دادا (سندس مُڙس) جي گهرڀاتين کيس ساهُري گهر وٺي وڃڻ تي ضد ڪيو، پر رکما ٻائي پنهنجي مُڙس دادا سان رهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سکارام ارجن سندس فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ پورو ساٿ ڏنو۔[1] مارچ 1884 ۾ سندس مُڙس داداجي پنهنجي وڪيلن جي ذريعي عدالتي سَمن (نوٽيس) موڪليس، جنهن ۾ سکارام ارجن تي رکما ٻائي کي روڪڻ ۽ منع ڪرڻ جو الزام پڻ هيو. سکارام ارجن سماجي خطن جي ذريعي جواب ڏنو تہ هو اُن کي روڪي ناهي رهيو، پر جلد ئي هو پڻ قانوني امداد وٺڻ تي مجبور ٿي ويو. وڪيلن جي وسيلي رکما ٻائي دادا سان گڏ رهڻ کان انڪار ڪرڻ جي سببن تي ٻَڌل خط لکيو. دادا جي دعويٰ هئي تہ رکما ٻائي کي ان ڪري منع ڪيو پيو وڃِي تہ هوءَ پنهنجي پيءُ جي ملڪيت جي مالڪياڻي آهي.[2]
عدالتي ڪاروائي
[سنواريو]نيٺ سال 1885 ۾ "ازدواجي حقن جي بحالي" جي مطالبي تي عدالتي ڪاروائيءَ جي شروعات ٿي ۽ ان مقدمو کي جسٽس جج رابرٽ هل پنهي منظور ڪيو. پنهي واضح ڪيو تہ انگريزي مثالن جو هتي لاڳو نٿا ٿين ڇو تہ انگريزي قانون جو لاڳو ٿِڻ بالغن تي هوندو آهي. هن جج فيصلو ٻُڌايو تہ: "رکما ٻائي جي شادي ان جي "بي وس ٻاروتڻ" ۾ ٿي آهي ۽ هوءَ ڪنهن جوان عورت کي زبردستي مجبور نٿا ڪري سگهن" پِنهي ان آخري معاملي جي ٻُڌڻي کانپوءِ رٽائر ٿي ويو. پوءِ 1886 ۾ هي ڪيس ٽرائل جي لاءِ سامهون آيو. رکما ٻائي جي وڪيلن ۾ جي ڊي انورٽي جونيئر۽ تلنگ شامل هيا، ڪجهه هندو مذهبي ماڻهن جي دعويٰ هُئي تہ جسٽس پنهي ذريعي ٻُڌايل هاڻوڪو فيصلو هندو حدن جي تقدس جو احترام نٿو ڪري، پنهي جي فيصلي تي وڏي تنقيد هڪ هفتيوار مقامي مراٺي اخبار ۾ وشوناٿ نارائڻ منڊلڪ (1833–89) جي ذريعي ڇاپي وئي جنهن ۾ دادا جي حمايت ڪيل هئي، ان ۾ لکيو ويو هيو تہ پنهي هندو قانونن جي روح کي نٿو سمجهي ۽ "متشدد طريقن" سان اصلاح چاهي ٿو. انهيءَ دوران، ٽائمس آف انڊيا ۾ هڪ هندو زائفان جو ڪالمي نالو تحت مضمونن جو هڪ سلسلو ان معاملي دوران (۽ ان کا اڳ) "عوامي رد عمل جو اظهار" ڇپجڻ لڳو، پوءِ انڪشاف ٿيو تہ ڪالم نگار ڪوئي ٻئي نہ پر رکما ٻائي پاڻ ئي هئي. بهرحال رکما ٻائيءَ پوري همٿ ۽ بهادري سان لکيو تہ هوءَ ان فيصلي تي عمل نٿي ڪري سگهي، ان جي بدران وڌ کان وڌ ڏنڊ ڏوهه (جرمانو) ڀَري ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ان ڳالهه تان وڌيڪ لُڙ (هنگامو) ۽ بحث ڇڙي پيو. بالگنگاڌر تلڪ ڪيس ۾ لکيو تہ رکما ٻائي جي نافرماني، انگريزي تعليم جو نتيجو هيو ۽ ان اعلان ڪيو تہ هندو مذهب کي خطرو آهي۔[3]
نيٺ ڪيترن ئي مقدمن ۽ فيصلن کانپوءِ رکما ٻائي راڻي وڪٽوريا کي هڪ خط لکيو، پوءِ راڻي (ملڪا) پنهنجي اختيارن جو استعمال ڪندي عدالت کي برخاست ڪرڻ ۽ شادي کي ڊسمس ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو. جولاءِ 1888 ۾ داداجي سان هڪ ٺاهہ ٿيو ۽ دادا ٻه هزار روين جي ادائيگي جي شرط تي رکما ٻائي جي پنهنجي دعويٰ ڇڏي ڏني.تنهن کانپوءِ رکما ٻائي تعلیم حاصل ڪرڻ جي لاءِ انگلينڊ رواني ٿي پئي. ان معاملي بهرامجي مالاباري (1853–1912) جهڙن اصلاح پسندن کي ڏاڍو مُتاثر ڪيو جنن ان موضوع تي وڏي پيماني تي لکيو هيو. عورتن جي رسالن ۽ اخبار ۾ نارين جي حقن بابت بحث ٿيڻ لڳا، گڏوگڏ ان ڳالهه کي برطانيا ۾ وڏي دلچسپي سان کنيو پيو ويو. ان مقدمي جي سبب کان ايج ڪانسنٽ ايڪٽ 1891 جي منظوري ۾ مدد ملي، جنهن تحت ٻارن جي شادي کي غير قانوني قرار ڏنو ويو.[3][4][1]
خدمتون
[سنواريو]ممبئي جي مشهور "ڪيم اسپتال" جي ڊاڪٽي اڊٿ پيچي پاران رکما ٻائيءَ جي وڏي حوصلي افزائي ڪئي وئي، اُن ئي سندس تعليم جي لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. رکما ٻائي 1889 ۾ "اسڪول آف ميڊيسن فار ويمن" لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ انگلينڊ هلي وئي. رکما ٻائي کي ڀارت ۾ عورتن کي طبي امداد ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ٻين ماڻهن فنڊ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڀاڱيداريون ڪندڙن ۾ شيوجي رائو هولڪر پڻ شامل هيو. رکما ٻائي پوءِ پنهنجي آخري امتحان جي لاءِ وئي پوءِ 1894 ۾ سورت جي هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ هندستان واپس آئي. سال 1904 ۾ ڀکاجي جو موت ٿي ويو۽ رکماٻائي هندو روايت جي مطابق رنڙ (بيوه) مائين جي اَڇي ساڙهي پاتي. راجڪوٽ ۾ نارين جي سرڪاري اسپتال ۾ خدمتون ڏنائين. 1929 يا 1930 ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن ممبئي ۾ پنجٽيهه سال چيف ميڊيڪل آفيسر جي حيثيت سان خدمتون ڏينون، هن عام اصلاح ڪرڻ ۽ غلط روايتن جو اَنتُ آڻن جي لاءِ تحريڪ کي روان (جاري) رکيو.۔[5]
مقبوليت
[سنواريو]ڀارت جي پهرئين ناري ڊاڪٽر (طبيب) هئڻ، نارين جي حقن ۽ نابالغن جي شادي جهڙن سماجي اصلاح تي آواز اُٿارڻ جي ڪري کيس ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ وڏي شهرت ۽ مقبوليت حاصل ٿي. رکما ٻائي جي ڪهاڻي کي ناولن ۽ فلمن ۾ شامل ڪيو ويو.
22 نومبر 2017 تي گوگل رکما ٻائي کي سندس 153 هين جنم ورسي (سالگرهہ) جي مهل پنهنجي ڀارتي فرنٽ پَنو (پيج) تي گوگل ڊوڊل بڻائي ڀيٽا ڏني۔[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 Anagol-Mcginn, Padma (1992). "The Age of Consent Act (1891) Reconsidered: Women's Perspectives and Participation in the Child-Marriage Controversy in India". South Asia Research 12 (2): 100–118. doi: .
- ↑ Chandra, Sudhir (2008). "Rukhmabai and Her Case". in Chandra, Sudhir. Enslaved Daughters. Oxford University Press. doi: .
- ↑ 3.0 3.1 Chandra, Sudhir (2008) (en ۾). Enslaved Daughters: Colonialism, Law and Women's Rights. Oxford University Press. doi: . ISBN 978-0-19-569573-1. http://www.oxfordscholarship.com/view/10.1093/acprof:oso/9780195695731.001.0001/acprof-9780195695731.
- ↑ Burton, Antoinette (1998-03-30) (en ۾). At the Heart of the Empire: Indians and the Colonial Encounter in Late-Victorian Britain. University of California Press. ISBN 978-0-520-91945-7. https://books.google.co.uk/books?id=KCdeI2FMsp0C.
- ↑ Rappaport, Helen (en ۾). Encyclopedia of Women Social Reformers. ABC-CLIO. pp. 599. ISBN 9781576071014. https://books.google.co.uk/books?id=rpuSzowmIkgC.
- ↑ Rukhmabai Raut’s 153rd Birthday - گوگل - 22 نومبر 2017