مواد ڏانھن هلو

روشن آرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
روشن آرا بيگم
مغل شھزادي
پادشاه بيگم يا فرسٽ ليڊي

اورنگزيب جي ڀيڻ روشن آرا جيڪا اورنگزيب جو سچائي سان پاسو کنيو
گهراڻو تيموري گھراڻو
پيءُ شاھجھان
ماءُ ممتاز محل
جنم 3 سيپٽمبر 1617
برھان پور،انڊيا
لاڏاڻو 11 سيپٽمبر 1671 (عمر 54 سال)
دھلي
تدفين روشن آرا باغ ، دھلي
مذھب اسلام

روشن آرا بيگم(انگريزي: Roshanara Begum) (3 سيپٽمبر 1617 – 11 سيپٽمبر 1671)[1] ھيء مغل شاھي فيملي جي سڀ کان بدنام عورت ھئي جنھن اورنگزيب کي اقتدار ۾ ڪردار ادا ڪيو.

تفصيلي تعارف

[سنواريو]

هيءَ بيگم اورنگزيب جي ننڍي ڀيڻ هئي، ۽ طبع ۾ هن سان گهڻي مشابهت رکندي هئي، انهيءَ جي ماءُ ارجمند بانو بيگم هئي، جنهن جو مشهور لقب”ممتاز محل“ هو. انهيءَ جي سنڀال هيٺ، هن ننڍي هوندي کان پرورش پاتي. شاهجهان هن جي تعليم ستي النساء خانم جي حوالي ڪئي، جا مشهور ملڪ الشعراء ”طالب آملي“ جي ڀيڻ هئي ۽ ”نظيرا“ جي زال هئي، جو ٻئي مشهور شاعر ”رڪنا ڪاشيءَ“ جو ڀاءُ هو. ستي النساء خانم ڏاڍي قابل عورت هئي. طب، قرات، ۽ ٻين علمن ۾ ڏاڍي هوشيار هئي. شاعري ته سندس ورثو هو. هوءَ گهڻو وقت ”ممتاز محل“ جي صحبت ۾ رهندي هئي، ۽ هاڻي هوءَ روشن آرا کي باقاعدي تعليم ڏيڻ لڳي، جنهن ڪري سگهوئي هن علم ۽ هنر ۾ ڪماليت حاصل ڪئي. روشن آرا جي وڏي ڀيڻ جهان آرا هئي، جا شاهجهان جي راڄ ۾ سندس حڪومت جو ڄڻ ساهه هئي. انهيءَ جي صلاح کان سواءِ، بادشاهه ڪوبه ڪم نه ڪندو هو. انهن ٻنهي ڀيڻن جي وچ ۾ هميشہ اڻبڻت رهندي هئي. جيسين شاهجهان جو بخت زور ۽ ستارو غالب هو، تيسين جهان آرا جو اقبال روز بروز وڌندڙ هو، ۽ روشن آرا جو حسد به زياده ٿيندو ويو. نيٺ، سنه 1064ههھ (1653ع) ۾، روشن آرا جو نصيب تازو ٿيڻ لڳو، ۽ شاهجهان جي بيماريءَ هن جي پٽن ۾ خانه جنگي پيدا ڪئي. اورنگزيب عالمگير به، دکن مان، ڏاڍي زور سان تختگاهه آگري ڏي روانو ٿيو، رستي ۾ دارا شڪوه جي لشڪر کي شڪست ڏيندو آيو، ارادو ڪيائين ته آگري جو قلعو قبضي ۾ آڻي. انهيءَ وقت پڻس شاهجهان، محبت جو خط لکي، کيس سڏيو. اورنگزيب وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. بادشاهه قلعي جي سنڀال لاءِ اندر توڙي ٻاهر پورو بندوبست رکايو هو. قلعي جو هيءُ انتظام ڏسي، روشن آرا لڪ چوريءَ پنهنجي ڀاءُ اورنگزيب کي چوائي موڪليو ته قلعي ۾ متان اچين، نه ته خير ڪونه ٿيندو. هي خبر ٻڌي اورنگزيب پيءُ وٽ وڃڻ جو ارادو رد ڪيو، ۽ روشن آرا جي خير خواهيءَ ڪري سندس گهڻو شڪر گذار ٿيو. انهيءَ وقت کان وٺي، روشن آرا سان هن جي محبت قائم ٿي، تنهن کانپوءِ به هوءَ هميشہ قلعي جي اندر جون خبرون هن کي ڏيندي رهندي هئي.[2] ڀائن جي توڙي پيءُ ۽ پٽن جي وچ ۾ جيڪا خانه جنگي هلي، تنهن جو آخر نتيجو اهو ٿيو ، جو اورنگزيب عالمگير پنهنجي چالاڪيءَ سان قلعو پنهنجي قبضي ۾ آندو، ۽ پاڻ بادشاهه ٿيو. هن جي تخت تي ويهندي ئي، روشن آرا جو ستارو چمڪيو. شاهي خاندان ۾ هاڻي انهيءَ جي عزت سڀ کان زياده ٿيڻ لڳي. ملڪي ڪمن ۾ بادشاهه هن جي صلاح مشورت تي هلڻ لڳو. جهڙيءَ طرح اڳي شاهجهان، جهان آرا جي مشورت تي هلندو هو. هن جي جاگير وڌائي ويئي، ۽ سڀ امير اُمراء هن وٽ نذر پيش ڪندا هئا، ۽ هوءَ انهن کي خلعتون عطا ڪندي هئي.[2] جهان آرا بيگم وانگي، هوءَ به ڏاڍو شان شوڪت ۽ تجمل رکندي هئي. ”برنيز“ صاحب پنهنجي سفر نامي ۾ لکي ٿو ته ”روشن آرا جي سواريءَ کان زياده تجمل واري سواري، خيال ۾ اچي نه سگهندي. هيءَ بيگم ”پيگوءَ“ جي تمام عمدي ۽ وڏي قد واري هاٿيءَ تي اهڙِ هودي ۾ چڙهي ٿي، جنهن جي سونهري ۽ لاجوردي رنگن جي چمڪاٽ ڏسڻ جي لائق آهي. سندس هاٿيءَ جي پٺيان ڇهه ٻيا هاٿي هلن ٿا، جن تي محل جون معزز زالون ويهن ٿيون، جن جا هودا به گهڻو ڪري اهڙا ئي ٺاهه ٺوهه وارا آهن. شهزاديءَ جا وڏا وڏا ۽ خاص خاص خواجه سرا قيمتي پوشاڪن ۾ گهوڙن تي سوار ٿين ٿا، ۽ هٿن ۾ لڪڻ اٿن. هن جي هاٿيءَ جي چوڌاري ڪشميري ۽ تاتاري زالن جو رسالو هلي ٿو. اهي ڏاڍي سينگار سان، خوبصورت ۽ تکن گهوڙن تي چڙهيل آهن. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي خواجه سرا گهوڙن تي هلن ٿا، جن سان گڏ گهڻائي پيادا نوڪر، وڏيون لٺيون کنيو، شهزاديءَ جي کٻي، سڄي ۽ اڳيان، ماڻهن کي پاسي ڪندا هليا هلن. انهن سٺ _ ستر هاٿين جو آهستي آهستي هلڻ، هودن جو چمڪڻ، خوبصورت ۽ عمديون پوشاڪون، ۽ بيشمار خدمتگارن جو انبوهه، ڏسندڙ جي دل تي شاهي شان ۽ شوڪت جو هڪڙو عجيب اثر ٿو وجهي. جي آءٌ انهن کي عقل جي نظر سان نه ڏسان، ته جيڪو جاهلن وانگر بيشڪ انهن کي ”ديويون، سڏيان. هودن ۾ ويٺل هي حسين بيگمون ائين پيون ڏسجن، جو ڄڻ ته پريون هوا ۾ پيون اُڏامن!“[2]

روشن آرا بيگم جو مقبرو
Tomb of Roshanara in her baradhari in Phulbangash, north Delhi

مطلب ته روشن آرا جي عروج، عالمگير جي سلطنت جي شروع ۾ ئي ڪمال ڪيو پر سگهوئي پوءِ انهيءَ کي زوال آيو، انهيءَ جو سبب هيءُ ته عالمگير ستت ئي بيمار ٿي پيو، ۽ حڪومت جو سڀ ڪم ڪار روشن آرا پنهنجي ذمي ڪيو. سڀ حڪم احڪام سندس ئي نالي سان جاري ٿيڻ لڳا، شاهي مهر به سند حوالي ٿي، جا فرمانن تي هوءَ پاڻ هڻندي هئي. اميرن کي هن بادشاهه وٽ اچڻ ۽ هن جي خير عافيت پڇڻ يا هن کي حال احوال ڏيڻ کان روڪيو. بلڪه محلات جون بيمگون به بادشاهه کي پنهنجن اکين سان نٿي ڏسي سگهيون. عالمگير جو علاج به سندس ئي حڪم موجب ٿيندو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو ڪاوڙجڻ ۽ بدگمان ٿيڻ لڳا. عالمگير جي جيڪا تمام پياري هندوراڻي هئي، تنهن کي به اچڻ نه ڏنائين. بلڪ هن کي ڳل تي ڏاڍي چماٽ هنيائين. جڏهن ڪن ڏينهن کانپوءِ عالمگير بهتر ٿيو، تڏهن روشن آرا جون اهي ڳالهيون ٻڌي، هو ڏاڍو ناراض ٿيو بادشاهه جو رنج ڏسي محلات جون سڀ زالون هن جي طرفداري ڇڏي ڏيڻ لڳيون. انهيءَ هوندي به ، بادشاهه هن جي جاگير گهٽائي ڪين، ۽ نه هن کي ڪا زياده تڪليف ڏنائين، ته به روشن آرا بلڪل نااميد ۽ دل شڪستي ٿي، ۽ بادشاهه کان موڪلائڻ لڳي، انهيءَ لاءِ ته وڃي ٻئي هنڌ رهي، پر بادشاهه موڪل نه ڏنيس، ڇالاءِ ته انهن ڏينهن ۾ هوءَ بادشاهه جي ڌيئن کي تعليم ڏيندي هئي، ۽ هن کان بهتر انهن جي سنڀالڻ واري ٻي ڪانه ٿي سجهي. انهيءَ طرح ڪي ڏينهن گذاري هن دهليءَ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ دفن به اتي ئي ٿي. روشن آرا جي وفات بابت بادشاهه پنهنجي ڪتاب ”عالمگير نامه“ ۾ گهڻو ئي ڪي لکيو آهي، جنهن مان هن جي گهڻي تعريف معلوم ٿي ٿئي، ٿوري جنسي فارسي عبارت هتي ڏجي ٿي: ”آن ملڪه عصمت بخصايل حميده و شمايل پسنديده و محبت باگرامي برادر انصاف داشت، بادشاهه روشن آرا از مهاجرت چنين محترمہ شفيقہ دل غمگين و ديده نمي شد. ناکام برضاي قادر مختار پرداختہ زاد راحلہ بجا آورد، و خيرات و مثوبات بخوشنوديءَ ارواح پاک نزاد مهيا ساخته، متعلقان مرحوم را از کور اناث بفراوان عنايت و رعايت از لباس تعزيت بيرون آور دند.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Nath, Renuka (1990). Notable Mughal and Hindu women in the 16th and 17th centuries A.D. (1. publ. in India ed.). Inter-India Publ.. p. 145. ISBN 9788121002417. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 18 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 18 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}