روزاني الحق اخبار سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

'روزاني الحق اخبار، سکر سنڌ جي ويهين صدي جي ابتدا ۾ جاري ڪئي وئي هڪ سنڌي اخبار آهي۔ هي اخبار سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد يعقوب جي مشوري سان شيخ بابو سليمان 1900ء ۾ جاري ڪئي۔ 1901ء ۾ الحق اخبار کي شيخ محمد سليمان جي وڏي پٽ حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيوا[1]۔

هيءَ -اخبار- 1895ع ۾ پهريائين حيدرآباد مان -جاري- ٿي، هن -اخبار- جي -جاري- ڪرڻ ۾ ڪراچي واري شيخ محمد سليمان ۽ -ان- وقت جي سکر جي ڊپٽي ڪليڪٽر سردار محمد هاشم مخلص ڪجهه وقت لاءِ هن -اخبار- جو -ايڊيٽر- ٿي رهيو، -الحق- جو پهريون -ايڊيٽر- مرحوم علي محمد دهلوي هو، بعد ۾ مرحوم محمد هاشم شيخ محمد سليمان جي وفات بعد سندس ننڍو -ڀاءُ- عبدالحڪيم شيخ -اخبار- جو ڪم ڪار سنڀاليندو رهيو، پر -اخبار- جو اهو اڳواڻو اوج ختم ٿي چڪو هو، صرف حڪومت جي تعريف سان ڀريل هوندي هئي ۽ اشتهارن جي آڌارن تي پئي هلندي هئي، 1901ع ۾ هن -اخبار- کي وڏي مقبوليت حاصل ٿي.[2] شيخ محمد سليمان ”الحق“ اخبار جو باني هو. سندس پيءُ سولجر بازار ڪراچيءَ ۾ فوجي راشن شاپ ۾ ملازم هو. اتي ئي مولوي تاج محمد مرحوم، سولجر بازار مسجد جي پيش امام، جي هٿ تي مسلمان ٿيو. شيخ محمد سليمان پنهنجي والد جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، تولد ٿيو. شيخ محمد سليمان، 1901ع ڌاري ”الحق“ اخبار اول سکر مان جاري ڪئي. ان اخبار کي بعد ۾ حيدرآباد آندو ويو، پر 1907ع ۾ وري ان کي سکر آڻي، اتان ڪڍڻ شروع ڪيو ويو. شيخ محمد سليمان کي ٽي فرزند ٿيا: شيخ عبدالعزيز، شيخ عبدالحڪيم ۽ ڊاڪٽر شيخ عبدالباقي، ڪجهه وقت شيخ عبدالعزيز ”الحق“ سان واسطو رکندڙ هو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2005ء، ص175
  2. الحق : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو