رودراما ديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت 2015 تيلگو فلم جي لاءِ رڌراماديوي (فلم) ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ رڌرماديوي (فلم) رودراما ديوي (سلجھائپ) ڏسو.
رودراما ديوي
Rudrama Devi
رودرما ديوي جو مُجسمو
پيشرو گنپتي ديوا
جانشين پرتاب رودرا
جيون ساٿي ويراڀادرا
شاھي گھراڻو ڪاڪاتيا
پيءُ گنپتي ديوا
لاڏاڻو 1289 or 1295
ممڪن طور چندوپٽلا وٽ
(هاڻي تلنگانا ۾، انڊيا)

راڻي روڌرما ديوي (انگريزي ٻولي: Rudrama Devi) (وفات 1289 يا 1295)، يا رودراديوا مهاراجا، ڪڏهن ڪڏهن روڌراما ديوي يا رودراما-ديو سان نالو هِجي ڪيو ويندو آهي، دکن مٿاهون پٽ ۾ سال 1263 کان سندس موت تائين ڪاڪتيا گهراڻو (خاندان) جي مهاراڻي (بادشاهه) هئي.هوءَ هندستان ۾ بادشاهه جي حيثيت سان حڪمراني ڪندڙ تمام ٿورڙين عورتن مان هڪ هئي [1] ۽ مرداڻي صورت ۽ لباس اوڍيائين ائين هن انڪري ڪيو ته جيئن سندس پيءُ (بادشاهه) کي ڪو پُٽ جو اولاد نه هيو ۽ پاڙي جي رياست منجهان اهو خطرو هيو ته سندس رياست جو ڪو مرد بادشاه ناهي رهيو ۽ حملو ڪري سندن رياست تي قبضو ڪيو وڃي ها. رودراما ديوي ڪاڪاتيا بادشاهت تي پنهنجي پيءُ، گناپتديوا، سان گڏجي حڪومت هلائڻ لاءِ پنهنجي راڄ (حڪمراني) گهڻو ڪري 1261-62 کان شروع ڪئي. ھن 1263 ۾ مڪمل خودمتيار اقتدار ماڻيو.[2]

پنهنجي ڪاڪتيا ابن ڏاڏن جي ڀيٽ ۾، هِن ڪيترن ئي عام ماڻهن کي ويڙهاڪ جي حيثيت سان ڀرتي ڪرڻ جي چُونڊ ڪئي جيڪي اشرافيا (امير) نه هيا، انهن جي حمايت جي بدلي ۾ هن کين زمين تي لينڊ ٽيڪس روينيو کان ڇُوٽ جا وڌيڪ حق ڏنا.اِها هڪ اهم تبديلي هُئي ۽ ان روايت جي سندس پوئينئر (جانشين) پڻ پيروي ڪئي ۽ نيٺ پوءِ وجياناگرا سلطنت پڻ ساڳئي روايت جي پيروي ڪئي.[3][4]

روڌرما ديوي کي پنهنجي راڄ (اقتدار) شروع ڪرڻ کان تُرت ئي اُڀرندي گنگا شاهي خاندان ۽ جاڙيجن (يادوائن) جي چيلنجن کي مُنهن پڻ ڏيڻو پيو.هوءَ انهن ٻنهين کي پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب رهي، جيڪي 1270 جي آخر ۾ گوداواري درياء کان پوئتي هٽي ويا، ۽ هن يادوئن کي پڻ هارمڃرائي (شڪست ڏني)،جيڪي اُلهندي آنڌرا ۾ قبضو ڪيل علائقو پڻ ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ٿيا. پر نيٺ، 1273 ۾ ڪايسٿا سردار امبارديوا پنهنجي گهراڻو جو سربراه ٿيڻ کانپوءِ ان پاران پيدا ڪيل اندروني اختلاف سان معاملو نبيرڻ ۾ هوءَ ناڪام رهي.امباديوا کي ڪاڪتيا خاندان جي ماتحت رهڻ تي اعتراض هو ۽ هُن ڏکڻ اولهندي آنڌرا تي قبضو ڪري ورتو، جيڪو هاڻي گنتر ضلعو سڏجي ٿو.[5]

ڪُٽنب ۽ جانشيني[سنواريو]

Inscription on the death of Rani Rudrama Devi in Chandupatla, 1289

روڌرما ديوي شايد 1240۾ چالڪيا شاهي گهراڻو جي هڪ معمولي پاڙو سان واسطو رکندڙ ويراڀادرا سان پرڻو ڪيو. اهو پَڪ سان هِڪُ سياسي پرڻو (ونهانو) هيو جيڪو سندس پيءُ پاران چالڪيا شاهي گهراڻو سان اتحاد ٺاهڻ لاءِ تجويز ڪيل هُيو.[6] ان جوڙي کي ٻه ڌيئرون هيون. ويراڀادرا حقيقي طور تي اڻ دستاويز ٿيل آهي ۽ ان روڌرما جي انتظاميا ۾ ڪوبه حصو ادا نه ڪيو. [4]

ٿي سگهي ٿو ته امباديووا سان وڙهندي روڌرما ديوي 1289 ۾ مري وئي هُجي، جيتوڻيڪ ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته 1295 تائين سندس موت نه ٿيو هيو.[lower-alpha 1]

انکانپوءِ سندس ڌيئرن منجهان هڪ پُٽ پراتپرودرا، جنهن کي بادشاهي وراثت ۾ ملي جيڪا رياست ان کان ننڍڙي هئي جنهن رياست تي حڪمراني لاءِ روڌرما ديوي تخت تي ويٺي هئي.[4]

هاڻوڪي مقبول ثقافت ۾[سنواريو]

فلم ميڪر گُوناسيکر پاران رودراما ديوي جي زندگيءَ تي هڪ تيلگو فلم روڌراماديوي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ انوشڪا شيٽي، اللو ارجن، رانا دگگوبتي ۽ ڪرشنم راجو مرڪزي ڪردار ۾ آهن.[9]

پڻ ڏسو[سنواريو]

  • جنگ بازي ۾ عورتون (1500-1699)

حوالا[سنواريو]

Notes

  1. Ramusack, Barbara N.; Sievers, Sharon L. (1999). Women in Asia: Restoring Women to History. Indiana University Press. p. 37. ISBN 978-0-25321-267-2. https://books.google.co.uk/books?id=CNi9Jc22OHsC&pg=PA37. 
  2. 2.0 2.1 Talbot, Cynthia (2001). Precolonial India in Practice: Society, Region, and Identity in Medieval Andhra. Oxford University Press. p. 273. ISBN 978-0-19513-661-6. https://books.google.co.uk/books?id=HSfoCwAAQBAJ. 
  3. Talbot, Cynthia (2001). Precolonial India in Practice: Society, Region, and Identity in Medieval Andhra. Oxford University Press. p. 158. ISBN 978-0-19513-661-6. https://books.google.co.uk/books?id=HSfoCwAAQBAJ. 
  4. 4.0 4.1 4.2 Smith, Bonnie G. (2008). The Oxford Encyclopedia of Women in World History. 1. Oxford University Press, USA. p. 612. ISBN 978-0-19514-890-9. https://books.google.co.uk/books?id=EFI7tr9XK6EC&pg=RA1-PA612. 
  5. Talbot, Cynthia (2001). Precolonial India in Practice: Society, Region, and Identity in Medieval Andhra. Oxford University Press. pp. 133–134. ISBN 978-0-19513-661-6. https://books.google.co.uk/books?id=HSfoCwAAQBAJ. 
  6. Talbot, Cynthia (2001). Precolonial India in Practice: Society, Region, and Identity in Medieval Andhra. Oxford University Press. pp. 155–156. ISBN 978-0-19513-661-6. https://books.google.co.uk/books?id=HSfoCwAAQBAJ. 
  7. Reddy, T. Karnakar (20 November 2014). "Govt urged to observe death anniversary of Rani Rudrama Devi". The Hindu. http://www.thehindu.com/news/national/telangana/govt-urged-to-observe-death-anniversary-of-rani-rudrama-devi/article6618762.ece. Retrieved 2016-08-18. 
  8. Venkateshwarlu, K. (5 December 2017). "Two sculptures of Rani Rudrama Devi shed light on her death". The Hindu. http://www.thehindu.com/news/two-sculptures-of-rani-rudrama-devi-shed-light-on-her-death/article21268201.ece. Retrieved 2018-01-20. 
  9. "Anushka to do a Tamil-Telugu period film?". Times of India. حاصل ڪيل 5 January 2020. 

Citations


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو