روح القدس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روح القدس:پاڪ روح قرآن مجيد جي سورةالبقرہ ۾ آيت نمبر 87 ۾ بيان ٿيل آهي تہ:

۽ بي شڪ موسىٰ کي ڪتاب (توريت) ڏنوسون ۽ کانئس پوءِ (ٻيا) پيغمبر ھڪ ٻئي پٺيان موڪلياسون ۽ عيسىٰ پٽ مريم جي کي چٽا معجزا ڏناسون ۽ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون، پوءِ جڏھن بہ ڪنھن پيغمبر اوھان وٽ اُھي حڪم آندا ٿي، جن کي اوھان جي دلين نہ ٿي گھريو تڏھن اوھان (ان جي مڃڻ کان ڇو) وڏائي ڪئي؟ پوءِ (پيغمبرن جي) ھڪ ٽوليءَ کي ڪوڙو ڄاتوَ ۽ ٻيءَ کي ڪٺوَ

— القرآن

تفھيم القرآن مطابق پاڪ روح جو مطلب علم وحي بہ آهي ۽ جبريل بہ جيڪو وحي جو علم آڻيندو ھو. ان مان مراد مسيح جو پنھنجو روح بہ آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 92 ،،ادارہ ترجمان القرآن،لاھور}