راڄو نظاماڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
راڄو نظاماڻي
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Rajjo Nizamani
راڄو نظاماڻي is located in سنڌ
راڄو نظاماڻي
راڄو نظاماڻي
راڄو نظاماڻي is located in Pakistan
راڄو نظاماڻي
راڄو نظاماڻي
جاگرافي بيهڪ: 25°11′45″N 68°33′56″E / 25.19583°N 68.56556°E / 25.19583; 68.56556مڪانيت: 25°11′45″N 68°33′56″E / 25.19583°N 68.56556°E / 25.19583; 68.56556
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

راڄو نظاماڻي(انگريزي: Rajjo Nizamani) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 3 راڄو نظاماڻي آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. شيخ ڀرڪيو- ٽنڊو محمد خان روڊ کان لنڪ روڊ تي ٽنڊو محمد خان کان 10 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اولھ باقر نظاماڻي واري دڳ سان واقع آهي[1]. راڄو نظاماڻي ھڪ ننڍڙو شھر آھي جنھن ۾ نظاماڻي محلو، انڙ محلو، درس محلو، شيدي محلو، دري محلو ۽ ولو آباد محلو شامل آهن. يو سي م ھڪ ننڍي جنھن کي ڦٽو ڍنڍ سڏين ٿا شھر سان لڳو لڳ واقع آهي. شھر ۾ ھڪ عيدگاھ پڻ واقع آهي. ھن شھر جو پوسٽل ڪوڊ يا زپ ڪوڊ 70221 آھي[2].

آبادي[سنواريو]

ھن شھر جي آبادي اٽڪل 30 ھزار آھي[1]. ھن يو سي جي آبادي جي اڪثريت نظاماڻي ذات وارن جي آھي. ٻين ذاتين ۾ درس، قمبراڻي يا شيدي، خاصخيلي، قريشي ۽ انڙ وغيره شامل آهن. ھن يو سي م واقع ڳوٺن ۾ باقر نظاماڻي ، نمليار نظاماڻي، سائين بخش ٽنگڻي، ڪريم بخش نظاماڻي شامل آهن.

تعليم[سنواريو]

ھن يو سي م چار پرائمري اسڪول، ھڪ سيڪنڊري اسڪول ، ھڪ ماڊل اسڪول ۽ ھڪ ھائر سيڪنڊري اسڪول تعليم فراھم ڪن ٿا. ھتي ھڪ سماجي تنظيم سچل يينگ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪم ڪري ٿي. 1995 م ان ايسوسيئيشن ھتي سچل لائبريري قائم ڪئي جنھن مان شاگردن کي گھڻو فائدو رسيو آهي.

صحت[سنواريو]

ھتي جي ماڻھن کي چويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت لاء سرڪار پاران ھڪ رورل هيلٿ سينٽر ڪم ڪري ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 [ https://www.morebooks.de/store/gb/book/rajo-nizamani/isbn/978-613-3-16403-1]
  2. [ https://pak.postcodebase.com › ...Rajo Nizamani, Hyderabad, Sindh - North: 70221 | Pakistan Postcode ...]

3. [https://arvin-bookstore.com/]