داس ڪيپيٽل
ڏيک
پھرين ڇاپي جو ڪور (1867ع) | |
| ليکڪ | ڪارل مارڪس |
|---|---|
| اصل عنوان | Das Kapital. Kritik der politischen Oekonomie |
| ملڪ | جرمني |
| ٻولي | جرمن |
| ڇپيو | 1867ع کان 1894ع |
| ڇاپيندڙ | Verlag von Otto Meisner |
| ذريعي جو قسم | پرنٽ |
داس ڪيپيٽل ()، ڪارل مارڪس جو تاريخي ماديت ۽ سياسي معيشت جي تنقيد تي ٻڌل بنيادي ڪتاب آھي. ھي ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آھي، جيڪي 1867ع، 1885ع، ۽ 1894ع تي شايع ٿيا. سندس زندگي جي ھن آخري ڪم ۾ ھن سرمائيدارانہ نظام جو تجزيو تاريخي ماديت تحت ”جديد سماج جي اقتصادي قانون کي ننگو ڪرڻ“ جي لفظن سان ڪيو آھي, جيئن ھن کان اڳ آدم سمٿ ۽ ڊيوڊ ريڪارڊو ڪيو ھو. داس ڪيپيٽل جو ٻيو ۽ ٽيون جلد مارڪس جي نوٽس مان، سندس وفات کان پوءِ ھن جي ساٿي فريڊرڪ اينگلس چپرايا. داس ڪيپيٽل 1950ع کان اڳ شايع ٿيل سماجي سائنس جي ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ حوالي طور استعمال ٿيندڙ ڪتاب آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Green, Elliott (12 May 2016). "What are the most-cited publications in the social sciences (according to Google Scholar)?". LSE Impact Blog. London School of Economics. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 14 November 2017 تي حاصل ڪيل.