مواد ڏانھن هلو

دادا ڀائي نائوروجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دادا ڀائي نائوروجي
 

معلومات شخصيت
ڄم
موت
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو
ڪم جي ٻولي
دستخط
 

دادا ڀائي نائوروجي 1825ع ۾ ممبئي ۾ گجراتي ڳالهائيندڙ پارسي خاندان ۾ ڄائو.

Naoroji in 1892.

دادا ڀائي نائوروجي (Dadabhai Naoroji) ڏاهو، مفڪر، تعليم دان، ڪپنهه (Cotton) جو وڏو واپاري، سماجي اڳواڻ ۽ هندستان جي شروع جي سياستدانن مان هڪ هو. دادا ڀائي نائوروجي پهريون ايشين هو، جيڪو برطانيا جي اسيمبلي (هائوس آف ڪامنس) جو 1892ع کان 1895ع تائين ميمبر رهيو ۽ اهو پڻ ته هو پهريون انڊين هو، جيڪو ممبئي (Mumbai) جي ايلفنسن انسٽيٽيوٽ جو 1950ع ۾ ليڊنگ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1955ع ۾ هو ممبئي جو مشهو مئٿميٽڪس ۽ نئچرل فلاسافي جو پروفيسر هو. 1859ع ۾ هن ”نائوروجي ائنڊ ڪمپني“ نالي پنهنجي ڪاٽن ٽريڊنگ ڪمپني کولي ان کان پوءِ 1867ع ۾ دادا ڀائي لنڊن جي يونيورسٽي ڪاليج ۾ گجراتي جو پروفيسر ٿي رهيو. بڙودا، گجرات جي مهاراجا سياجي رائو گائيڪ واد (Maharaja Sayaji Rao Gaekwad) پاڻ وٽ وٺي آيو هو. دادا ڀائي نائوروجي جيتوڻيڪ پارسي هو، پر هن جي قابليت ڏسي مهاراجا هن کي 1874ع ۾ پنهنجو ديوان يعني وزير بنايو. محمد علي جناح 1876ع ۾ ڄائو هو ۽ دادا ڀائي نائوروجي کان 51 سال ننڍو هو. پر دادا ڀائي نائوروجي اها اهم شخصيت هئي، جنهن کان محمد علي جناح به ڏاڍو متاثر هو. [1]

پاڻ 30 جون 1917ع تي 91 سالن جي عمر ۾ بمبئي ۾ گذاري ويو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل نسخو مان 2017-09-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-09-09 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا, الطاف شيخ