دادا ڀائي نائوروجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دادا ڀائي نائوروجي
(انگريزي ۾: Dadabhai Naoroji خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 4 سيپٽمبر 1825[1][2][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي[4][5][3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 30 جُونِ 1917 (92 سال)[2][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ممبئي[7][5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان[8]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي گجراتي ٻولي[9]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دستخط
 

پيدائش[سنواريو]

دادا ڀائي نائوروجي 1825ع ۾ ممبئي ۾ گجراتي ڳالهائيندڙ پارسي خاندان ۾ ڄائو.

زندگي ۽ ڪمَ[سنواريو]

Naoroji in 1892.

دادا ڀائي نائوروجي (Dadabhai Naoroji) ڏاهو، مفڪر، تعليم دان، ڪپنهه (Cotton) جو وڏو واپاري، سماجي اڳواڻ ۽ هندستان جي شروع جي سياستدانن مان هڪ هو. دادا ڀائي نائوروجي پهريون ايشين هو، جيڪو برطانيا جي اسيمبلي (هائوس آف ڪامنس) جو 1892ع کان 1895ع تائين ميمبر رهيو ۽ اهو پڻ ته هو پهريون انڊين هو، جيڪو ممبئي (Mumbai) جي ايلفنسن انسٽيٽيوٽ جو 1950ع ۾ ليڊنگ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1955ع ۾ هو ممبئي جو مشهو مئٿميٽڪس ۽ نئچرل فلاسافي جو پروفيسر هو. 1859ع ۾ هن ”نائوروجي ائنڊ ڪمپني“ نالي پنهنجي ڪاٽن ٽريڊنگ ڪمپني کولي ان کان پوءِ 1867ع ۾ دادا ڀائي لنڊن جي يونيورسٽي ڪاليج ۾ گجراتي جو پروفيسر ٿي رهيو. بڙودا، گجرات جي مهاراجا سياجي رائو گائيڪ واد (Maharaja Sayaji Rao Gaekwad) پاڻ وٽ وٺي آيو هو. دادا ڀائي نائوروجي جيتوڻيڪ پارسي هو، پر هن جي قابليت ڏسي مهاراجا هن کي 1874ع ۾ پنهنجو ديوان يعني وزير بنايو. محمد علي جناح 1876ع ۾ ڄائو هو ۽ دادا ڀائي نائوروجي کان 51 سال ننڍو هو. پر دادا ڀائي نائوروجي اها اهم شخصيت هئي، جنهن کان محمد علي جناح به ڏاڍو متاثر هو. [10]

لاڏاڻو[سنواريو]

پاڻ 30 جون 1917ع تي 91 سالن جي عمر ۾ بمبئي ۾ گذاري ويو.

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12126488t — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w61m4hdf — subject named as: Dadabhai Naoroji — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. 3.0 3.1 Who's Who UK ID: https://www.ukwhoswho.com/view/article/oupww/whoswho/U200845 — عنوان : Who's who — ناشر: A & C Black
  4. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  5. 5.0 5.1 عنوان : Encyclopædia Britannica
  6. Oxford Dictionary of National Biography ID: https://www.oxforddnb.com/view/article/37802 — اخذ شدہ بتاریخ: 5 آگسٽ 2021 — مدیر: Colin Matthew — عنوان : Oxford Dictionary of National Biography — ناشر: آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس
  7. اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  8. Hansard (1803–2005) ID: https://api.parliament.uk/historic-hansard/people/mr-dadabhai-naoroji — اخذ شدہ بتاریخ: 22 اپريل 2022
  9. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12126488t — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  10. بنارس کان برمودا (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-09 

[1]

  1. ڪتاب: بنارس کان برمودا, الطاف شيخ