خپلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
Khaplu
خپلو
شھر
Side view of Chaqchan Mosque.jpgView of main entrance of Khaplu Palace.jpg
Shyoukriver in khaplu.JPGKhaplu District.jpg
Khaplu thoqsikhar.jpgShyuok river of khaplu.JPG
عرفيت: شيوڪ وادي
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 502: Unable to find the specified location map definition: "Module:Location map/data/گلگت بلتستان" does not exist.
مڪانيت: 35°10′N 76°20′E / 35.167°N 76.333°E / 35.167; 76.333مڪانيت: 35°10′N 76°20′E / 35.167°N 76.333°E / 35.167; 76.333
ملڪ Flag of Pakistan.svg پاڪستان
پاڪستان جو انتظامي يونٽ Flag of Gilgit Baltistan.svg گلگت-بلتستان
بلتستان ڊويزن گانڇي ضلعو
اوچائي 8,532.504 ft (2,600.707, ميل)
آبادي
 • ڪُل 175,000
ٽائيم زون پاڪستان جو معياري وقت (UTC+5)
 • Summer (ڊي ايس ٽي) GMT+6 (UTC+6)
ويبسائيٽ Khaplu Valley, Skardu
ھالدي وارا مخروطي جبل
ٿئلي وارا برفاني جبل
ٿئلي بروڪ
مشابرم وادي جو ھڪ ڳوٺ


خپلو(انگريزي: Khaplu) پاڪستان جي ھڪ انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي بلتستان ڊويزن جي گانڇي ضلعي جو ھڪ شھر آھي جتي بلتي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي[1] [2] اسڪردو جي اوڀر ۾ 103 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ھي شھر بلتستان جي ياگبو گھراڻي جي ٻيو نومبر وڏي۽ پراڻي بادشاھت ھيو. جيڪا شيوڪ نديءَ جي لداخ واري واپاري لنگھ جي محافظ ھئي. ھوشي وادي کان مشابرم وچ ۾ جابلو علائقي جي گاڏن واري سفر ۾ ھي شھر ھڪ قيام گاہ آھي. ڪيترائي مشھور جبل ھن سلسلي ۾ واقع آھن جن ۾ مشابرم جبل، ڪي 6 جبل، ڪي 7 جبل ۽ شيرپي ڪانگھ جبل، ۽ سياچين شامل آهن.

خپلو جي تاريخ[سنواريو]

ھي شھر ماضي ۾ کاپولا جي بادشاھت جو مرڪز ھو. مرزا محمد حيدر دغلت (1499–1551) جي مشھور تاريخي ڪتاب ۾ بہ ھن شھر جو ذڪر ملي ٿو. سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ ھتان جي شاھي خاندان جا لداخ جي شاھي خاندان سان تمام ويجھا لاڳاپا ھيا. خيال آهي تہ ڪيپٽن ڪلاڊ مارٽن وئڊ (1794–1861) ھن وادي ۾ ايندڙ پھريون يورپي ھيو.

خپلو جي جاگرافي[سنواريو]

خپلو قراقرم جبلن جي قطار جي ھيٺان واقع آهي

اسڪردو ۽ شگار جي برعڪس اھو ڇڙو دريائي وادي ناھي پر شيوڪ جي ٽن وادين واري خطي تي مشتمل آهي جنھن ۾ موجودہ خپلو شھر، ٿئلي ندي واري وادي ۽ ھوشي وادي شامل آهن ھاڻوڪي دؤر ۾ گانڇي ضلعي جو صدر مقام خپلو شھر ۾ آهي.

سياحت[سنواريو]

کپلو کي شيوڪ وادي، گانڇي ۽ ننڍڙو تبت پڻ سڏيو ويندو آهي. ھتي ڪافي تاريخي ماڳ پڻ آھن جن ۾ ست صديون پراڻي ھن علائقي ۾ اسلام جي پھرين مبلغ مير سيد علي ھمداني جي ٺھرايل خوبصورت چقچن مسجد[3]راجا محل پڻ شامل آهن. راجا محل تبتي عمارت سازي جو ھڪ خوبصورت نمونو آهي. ھتي جي مشھور خپلو خانقاھ مير مختار اخيار سان منصوب آھي جيڪا جيڪا 1712 عيسويءَ (۱۱۲۴ ھ) ۾ ٺھي راس ٿي.[4] خپلو ڪي 7 جبل مشابرم چوٽي،[5] ڪي 6 جبل، چوگولسا، گونڊوگورو چوٽي، ساراڪسا گليشيئر، مشابرم گليشيئر، النگ گليشيئر ڏانھن وڃڻ جو واحد رستو آهي جنھن ڪري ڪوھ پيمائي جي شوقينن جو مرڪز آهي


خپلو جو مٿان کان افقي منظر

عمارت سازي[سنواريو]

کپلو سرء جي موسم ۾ .

ھتي جا سڀ کان اھم مذھبي يادگار خانقاھ ملا نوربخشيہ خپلو بالا ۽ چيقچن مسجد آھن. اھا خانقاھ 1712 ۾ سيد محمد ٺھرائي جيڪو نوربخشيہ فرقي جو ھڪ بزرگ ھيو ۽ ان جي قبر ۽ آستانو بہ ساڳي علائقي ۾ واقع آهن. آغا خان ٽرسٽ فار ڪلچر ان آستاني جي مرمت ڪرائي بحال رکيو آھي. چيقچن مسجد بلتستان جي سڀ کان وڏي مسجد آھي


آمدورفت[سنواريو]

کپلو ۾ پھچڻ لاءِ صرف روڊ جو ذريعو آهي جيڪو اسڪردو جي وادي کان ھتي اچي ٿو. ان روڊ مان چار پنج لنڪ روڊ ڪشمير ۽ لداخ طرف نڪرن ٿا.[6] کپلو دراس روڊ ھر موسم ۾ قابل استعمال رھندو آھي. دراس لداخ جو ھڪ شھر آھي. پر گلگت بلتستان جي پاڪستان سان گڏجڻ بعد اھو رستو بند ٿي ويو. ڪجھ ھيلي پيڊ بہ ھن شھر م ٺھي چڪا آھن جن ذريعي ھيليڪاپٽرن جي اچ وڃ آسان ٿي آھي


حوالا[سنواريو]

  1. Khapalu (Approved) GEOnet Names Server تي, United States National Geospatial-Intelligence Agency
  2. "Khaplu — off the beaten path". 
  3. culture of Batistan, Hassan Hasrat
  4. History of Baltistan, Hassan Hasnu
  5. Baltistan in History, Banat Gul Afridi
  6. Baltistan aik nazar, usaf Abadi


نوٽ[سنواريو]

  • Shridhar Kaul: Ladakh through the Ages, towards a New Identity. Indus Publishing 1992, ISBN 81-85182-75-2 (resricted online copy (Google Books))
  • Sarina Singh, Lindsay Brown, Paul Clammer, Rodney Cocks, John Mock, Kimberley O'Neil: Pakistan & the Karakoram Highway. Lonely Planet 2008, {{ISBN|1-74