حيدرآباد جو نظام

نظام الملڪ حيدرآباد جنکي عموماً نظام حيدرآباد جي نالي سان ڄاتو ويندو هو، 1724ء کان1948ء تائين قائم رياست حيدرآباد جر حاڪمن کي چيو ويندو هو۔ هي خطاب مملڪت آصفيه جي حڪمرانن جي لاء استعمال ٿيندو هيو۔ سطح مرتفع دڪن ۾ هي حڪومت مغلن جي زير اثر مقامي نواب مير قمر الدين صديقر قائم ڪئي هئي جنهن 1724ء ۾ آصف جاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽ خود مختيار ٿي ويو۔ هي 1707ء ۾ اورنگزيب عالمگير جي وفات کان بعد تيموري سلطنت کي پهچڻ وارو تمام وڏو لوڏو هيو۔
1798ء کان بعد رياست حیدرآباد برطانوي هند جي زير اثر رياستن مان هڪ هئي پر نظام امدروني معاملا خود حل ڪندو هيو۔
1947ء ۾ هندستان جي ورهاست تائين ٻن صدين ۾ ست نظامن نے حيدرآباد تي حڪومت ڪئي۔ تقريبن هي تمام ئي آصف جاهي حڪمران ادب، فن، طرز تعمير، ثقافت، زيورات ۽ جواهرن جا تمام وڏا سرپرست ۽ شوقين هيا۔
نظام حيدرآباد جي هي حڪومت 17 سيپٽمبر 1948ء تي ڀارت جي عسڪري مهم جي خاتمي تائين قائم رهي۔ ان جي نتيجي ۾ نظام کي ڀارتي فوجن جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا۔ گڏيل قومن ۽ لنڊن ۾ حڪومت برطانيا کي موڪليل وفد ۾ دير جي ڪري ڀارت جي سرزمين تي هن آزاد رياست جو وجود ختم ٿي ويو۔ ابتدائي طور تي انکي هندي اتحاد ۾ شامل ڪيو ويو ۽ 1956ء ۾ لساني بنيادن تي ڀنڃي ڪري پاڙيسري رياستن آنڌرا پرديش، ڪرناٽڪ ۽ مهاراشٽر ۾ ورهائي ڪري ختم ڪيو ويو۔