حسين هارون
حسين هارون Hussain Haroon | |
|---|---|
ک — س: حسين هارون، آمريڪي ليک ج. ب. مينڊلسن سان، گڏيل قومن ۾ (2012ع) | |
| وزير خارجه، دفاع (نگران) [1] [2] | |
| عهدي ۾ 5 جون 2018 – 18 آگسٽ 2018 | |
| صدر | ممنون حسين |
| وزير اعظم | ناصر الملڪ |
| پيشرو | خرم دستگير خان |
| جانشين | شاهه محمود قريشي |
| پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو | |
| عهدي ۾ سيپٽمبر 2008 – آڪٽوبر 2012 | |
| پيشرو | منير اڪرم |
| جانشين | مسعود خان |
| سنڌ اسيمبلي جو مخالف ڌر اڳواڻ | |
| عهدي ۾ 1986–1988 | |
| سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر | |
| عهدي ۾ 1985–1986 | |
| ڪائونسلر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن | |
| عهدي ۾ 1979–1985 | |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | عبدالله حسين هارون 21 October 1950 ڪراچي، سنڌ، پاڪستان |
| الما ميٽر | ڪراچي گرامر اسڪول جامعه ڪراچي |
نامياري سياستدان حسين هارون جو پورو نالو عبدالله حسين هارون آهي، پر کيس حسين هارون جي نالي جي سڃاڻپ آهي. هن 21 آڪٽوبر 1950ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هي مسلم ليگ جي اهم رهنما سر حاجي عبدالله هارون جو پوٽو آهي ۽ ناليواري رهنما حميد هارون جو ڀاءُ آهي. سندس والد ڄاتل سڃاتل سنڌي ڪڇي خاندان سان تعلق رکندڙ هو.
تعليم
[سنواريو]هن شروعاتي تعليم ڪراچي جي گرامر اسڪول مان ورتي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي اٿس.
سياست
[سنواريو]هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 1970ع کان ڪيو. شروعات ۾ پاڪستان مسلم ليگ جو 1970ع ڌاري اليڪشن ڪوآرڊينيٽر رهيو، بعد ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جو ڪائونسلر منتخب ٿيو، ان ذميواري تي 1979ع کان 1985ع تائين رهيو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) جو 1980ع کان 1982ع تائين ٽرسٽي رهيو. 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1985ع کان 1986ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر رهيو، جڏهن ته 1986ع کان 1988ع تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر طؤر ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.
ذميواريون
[سنواريو]حسين هارون 1988ع کان 1989ع تائين پاڪستان هيرالڊ پبليڪيشن لميٽيڊ (PHPL) جي ڪنسلٽنٽ طؤر به ڪم ڪيو، ساڳئي عرصي ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ نمائندي طؤر شرڪت ڪيائين. هيءُ آئي. بي. اي ڪراچيءَ جي بورڊ جو 1996ع کان 1999ع تائين ميمبر رهيو، ان بعد ٻه سال ڪي. اي. ايس. سي (KESC) جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ڊائريڪٽر رهيو. 1999ع کان 2005ع تائين گرفٿ ڪاليج، ڪراچيءَ جو چيئرمئن رهيو. ساڳئي عرصي ۾ دوران پاڪ چائنيز بزنس فورم جو صدر رهيو. هي انگلش اسپيڪنگ يونين آف پاڪستان جو صدر به هو. حسين هارون سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو آهي، صوبائي خودمختياريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور موقف رکندو اچي، ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ پنهنجي موقف تي اٽل رهيو آهي. هن ويجهي ماضيءَ ۾ حڪومت کي صلاح ڏني ته لکين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪري سگهجي ٿو. جولاءِ 2008ع کان حسين هارون کي اقوام متحده ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://www.geo.tv/amp/198053
- ↑ https://www.geo.tv/latest/200900-two-new-federal-ministers-take-oath
- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012