حسين بن منصور حلاج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

حسين بن منصور حلاج جي پيدائش 858ع ۾ البيضا (فارس) جي اتر اوڀر ۾ واقع هڪ ڳوٺ ’الطور‘ ۾ ٿي. هو وحدت الوجودي فلسفي/ تصوف جي دنيا جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي.

ٻالڪپڻو ۽ صوفي رجحان[سنواريو]

سندس مڪمل نالو ابوالمغيث حسين بن منصور حلاج هو. سندس والد منصور ڌنڌي جي لحاظ سان ڪپهه ٽاڻڻ وارو هو. ان ڪري ’حلاج‘ سڏبو هو. ننڍڙي حسين، عمر جو شروع وارو حصو عراق جي شهر واسط ۾ گذاريو، بعد ۾ اهواز جي هڪ ماڳ تستر ۾ سهل بن عبدالله ۽ پوءِ بصري ۾ عمرو مڪيءَ جي صحبت ۾ تصوف جي رنگ ۾ رڱجي ويو. 877ع ۾ بغداد آيو ۽ حضرت جنيد بغداديءَ جي شاگردي اختيار ڪيائين. سندس نالو ته حسين هو، پر سندس شهرت ’حسين بن منصور حلاج‘ توڙي ’منصور حلاج‘ جي نالن سان ٿي. حسين بن منصور عمر جو گھڻو حصو سير ۽ سياحت ۾ بسر ڪيو. ٽي ڀيرا مڪي ويو. اتحاد ذات الاهي يا همه اوست جو قائل هو ۽ ’انا الحق‘ (آءٌ حق آهيان) جو نعرو عام هڻندو هو. عالمن جو هڪ گروهه کيس ڪافر ۽ زنديق سڏيندو هو، جڏهن ته ٻين عالمن جي گروهه کيس شهيد صوفي ۽ ولي سڏيو.

بطور ليکڪ[سنواريو]

حسين بن منصور تصوف ۾ پنهنجن خاص عقيدن ۽ نظرين جي پرچار لاءِ ڪتاب ۽ رسالا به لکيا، جن جو تعداد پنجاهه چيو وڃي ٿو. انهن مان ڪي ڪتاب تمام گھڻو مشهور ٿيا. جهڙوڪ: ’ڪتاب الاصول والفروع‘، ’ڪتاب علم البقا والفناء‘ اچي وڃن ٿا. حلاج جي عقيدي جا ٽي جزا چيا وڃن ٿا: ذات بشريءَ ۾ ذات الاهيءَ جو حاصل ڪرڻ، حضرت محمدصه جن جو نقشِ قدم ۽ مذهبن جي وحدت. حسين بن منصور حلاج جو اثر ايراني علم ۽ ادب ذريعي سڄي دنيا سان گڏ سنڌو ماٿريءَ ۾ به پهتو. روايتن موجب حسين بن منصور حلاج خود سنڌ ۽ ملتان ۾ آيو هو. ان وقت ٻنهي پرڳڻن تي قرامطين جو راڄ هو، پر سنڌ ۾ پهريون ڀيرو منصوري آواز قلندر شهباز (وفات: 673هه) ذريعي پهتو. هن پنهنجي فارسي شعر ۾ اهڙو اظهار به ڪيو آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ قادري ۽ سهروردي بزرگن جو صوفياڻي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سندن سماع جي محفلن ۾ منصوري داستان کي بيان ڪيو ويندو آهي. روايتن موجب مخدوم جهانيان جهان گشت (وفات: 1384ع) جي مجلسن ۽ محفلن ۾ به خواجه منصور جي ذڪر کي خاص اهميت حاصل هئي.

سنڌ تي اثر[سنواريو]

سنڌ جي ارغوني فتح (1520ع) کان پوءِ، وڏي پيماني تي مرڪزي ايشيا ۽ ايران مان عالم، اديب ۽ شاعر سرزمين سنڌ ۾ پهتا. ڪي مستقل طرح سنڌ ۾ رهيا ۽ ڪي وري ڪجهه دير هتي رهي پوءِ هندستان هليا ويا. ايراني علم ۽ ادب جي پهچڻ سان عطار، رومي، سعدي ۽ فردوسيءَ جا ڪتاب به سنڌ ۾ پهتا. ان طرح حسين به منصور حلاج جو ذڪر به تازه دم ٿي هن خطي ۾ وارد ٿيو. شاهه جهانگير هاشمي (وفات: 1539ع) به ٻاهران آيل اديبن ۾ شامل هو. هن جي فارسي مثنوي مظهر الآثار ۾ منصوري اثر نمايان ڏسجي ٿو. هيءَ مثنوي سنڌ جي مشهور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جي سعيي سان، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌري ڪئي هئي. سرمد شهيد به مغل دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيو هو ۽ هڪ هندو ڇوڪري اڀيچند جي عشق ۾ مگن ٿي چيائين: ”نمي دانم ابي چندست يا غير“. اهي منصوري اثر هئا، جو هن وقت جي عالم ميرڪ عبدالوهاب جي خلاف شعر چيو. جڏهن ٺٽو ڇڏي دهليءَ پهتو ته ڀاڻس اورنگزيب کيس 1658ع ۾ درٻاري ملن کان فتوائون ڏياري شهيد ڪرائي ڇڏيو. شهزادو دارا شڪوه، ميان مير سنڌيءَ جو مريد (وفات: 1635ع) ۽ شاهجهان جو پٽ هو. دارا شڪوره تصوف جو وڏو عالم هو. هن پنهنجي ڪتاب ’سفينة الاولياء‘ ۾ منصور حلاج جو خاص ذڪر ڪيو آهي. مغل دؤر ۾ سنڌي صوفي سنڌ کي ڇڏي برهانپور پهتا، جن جي محفلن ۾ به منصوري ذڪر ٿيندو هو.

سنڌي ڪلاسڪ ادب تي اثر[سنواريو]

ڊاڪٽر اينمري شمل ’پرلس فرام دي انڊس‘ ڪتاب ۾، سنڌي شاعريءَ ۽ سماج تي حسين بن منصور حلاج جي اثرن بابت هڪ خاص مقالو شامل ڪيو آهي. صوفي شاهه عنايت (شهادت: 1718ع) تي به حسين بن منصور حلاج جو وڏو اثر هو. شاهه لطيف تي (وفات: 1751ع) تي به منصوري اثر هئا، جن جو اظهار هن سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر سهڻيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي. خواجه محمد زمان (وفات: 1774ع) تي به منصوري اثر هو، جيتوڻيڪ پاڻ نقشبندي سلسلي جو صوفي هو، پر پوءِ به حسين بن منصور حلاج بابت گھري دلچسپي رکندو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ’لنواريءَ جا لال‘ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري خواجه محمد زمان چيو ته منصور اسان جي دؤر ۾ هجي ها ته هن کي سوليءَ تي چڙهڻ جي نوبت نه اچي ها. ساڳيءَ ريت فقير عبدالرحيم گرهوڙي (وفات: 1778ع) به پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان وانگر، حلاج جي ذڪر کان غافل نه هو. مير جان الله شاهه رضوي (وفات: 1754ع)، ڪلهوڙا دؤر جو نامور فارسي گو شاعر ٿي گذريو. هن جو ديوان به ڇپجي چڪو آهي، ان ۾ به ڏسجي ٿو ته مٿس منصوري رنگ موجود هو. ليڪن جنهن سنڌي شاعر چوٽ تي چڙهي منصوري نعرو هنيو ۽ حلاجي فڪر جو پرچار ڪيو. اهو سچل سرمست هو (وفات: 1827ع). سچل جي شعر ۽ فڪر تي منصوري اثر حد کان وڌيڪ آهي. بيدل فقير (وفات: 1872ع) پڻ منصوري پرچار کان گھڻو متاثر هو.

منصور ۽ جديد سنڌي ادب[سنواريو]

جديد دؤر جي شاعرن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري ۽ ٻين پڻ منصور حلاج جو خوب اثر قبول ڪيو. سائين جي. ايم. سيد جي تصوف ۽ مذهب بابت لکيل ڪتابن ۾ منصوري مام موجود آهي. منصور حلاج هر دور ۾ سنڌي سماج ۽ علم ادب تي پنهنجا نقش قائم رکندو اچي.

ڦاسي[سنواريو]

سن 909ع ۾ ابن داؤد الاصفهانيءَ جي فتوا جي بنياد تي کيس پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو. 913ع ۾ ٻيو ڀيرو گرفتار ٿيو ۽ لاڳيتو اٺ سال قيد ۾ رهيو. اٺن سالن کانپوءِ 921ع ۾ هن بابت مقدمي جو فيصلو ٿيو ۽ کيس 18 ذي القعد 309هه/ 929ع تي خليفي مقتدر باالله عباسيءَ جي دؤر ۾ ڦاسي ڏني وئي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012