حسنا ٻائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حسنا جان يا حسنا ٻائي 19 هين صدي جي آخر ۽ 20 هين صدي جي مُنڍ دوران بنارس جي هڪ ڪڃري(طوائف) ۽ ٺمري گلوڪار هئي. اتر پرديش ۾ ان کي کايل، ٺمري ۽ ٽپا گائڪي جي ماهر طور تي سُڃاتو ويندو هيو.[1] هي 1900 جي ڏهاڪو جي مُنڍ ۾ گانو جي روايت کي نئين سِري سان تعريف ۽ بُنيادي تبديلي آڻڻ، جي لاءِ محب وطن گيت ڳائڻ ۽ ٻين ڳائڻين کي پڻ ان جي پيروي ڪرڻ جو ڪريڊٽ حاصل آهي. سندس تربيت ٺاڪر پرساد مشرا، ۽ سارنگي وڄائيندڙ مشهور پنڊت شمبوناٿ مشرا ڪئي، ۽ بنارس جي افسانوي ڇوٽي رامداس جي کان تربيت تحت ٽپا گائيڪي جي مهارت حاصل ڪندي هئي.

ڪيريئر[سنواريو]

ٻائي ۽ ڀارتيندو هريشچندر ساڳي دؤر جا هيا، ۽ ٻائي ان سان خط وسيلي لک پڙهه ڪندي هئي ۽ شاعري وسيلي اظهار تي ان کان مشورا ۽ راءِ وٺندي هئي. سندس ٺمري ۽ ٺمري جي ٻئي طرز مڌو ترنگ (شرما، 2012) جي نالو سان ڇپيا هيا. هريش چندر جاديوو وسيلي گيت گووند پڻ هن کان ڪمپوز ڪرايو. هيءَ ٺمري ۽ ٽپا جي فن جي ماهر استادن ودياباري ۽ بادي موتي، ٻائي جي قطار ۾ ڳڻيا ويندا هيا. ٻائي کي 'سرڪار' يا سالار طور پڻ سُڃآتو ويندو هيو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ پنهنجي ڪيريئر جي اوچائي تي پهچي وئي هُئي.

سياسي شموليت[سنواريو]

جڏهن ايم ڪي گانڌي عدم تعاون تحريڪ (1920–22) جي دوران ڪاشي (اڄڪلهہ جي زماني ۾ وارانسي جو هڪ خاص پاڙو) ۽ نينيتال جو سفر ڪيو، تہ ٻائي هڪ اهڙي تحريڪ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن ناري گلوڪارن کي ڀجن ۽ ديش ڀڳتي گيت ڳائي روزي ڪمائڻ تي راضي ڪرڻ ۾ پنهنجو اثر وڌو. سندس مقصد انهن گلوڪارن جي عزت کي پڻ وڌائڻ هيو، جن جي ڪم کي اڪثر جنسي ڪم (سيڪس ورڪ) پيشو جي برابر سمجيو ويندو هيو. انهن منجهان ڪيتريون ئي ڳائڻيون پوءِ چرکا تحريڪ ۾ شامل ٿي ويون. گانڌي جا پيروڪار امرتسر ۾ جنسي ڪارڪنن (سيڪس ورڪرن) جي گھرن ٻاهران ڌرڻو ڏئي رهيا هيا ۽ عوامي راءِ توائفن جي خلاف ٿي رهي هئي ۽ سندن پيشي کي جنسي عمل تصور جي مطابق سمجيو پئي ويو. ٻائي قومي تحريڪ جي حمايت ڪرڻ ۽ توائفن جي جيون ۾ سُڌارو آڻڻ جي ٻن مقصدن سان 'طوائف سڀا' (ڪاشي جي طوائف فَيڊريشَن) جوڙي. سڀا جي مهورتي موقعي تي ٻائي جي صدارتي ڀاشڻ وروڌُ وويچن، (ساهتيا سادن، امرتسر، 1929) ۾ موجود آهي، ان هڪ قوم پرست نظم ٻُڌايو.

ٻائي ساٿي توائفن کي تاڪيد ڪئي تہ اُهي جوآن آف آرڪ ۽ چتورڳڙھ جي نارين جي زندگي منجهان سکن، سون جي زيورن بدران لوهہ جي زنجيرون پائين، ۽ اهڙي بدنام زندگي کان پري رهن جنهن جي عزت نہ هجي. جيئن تہ توائف پنهنجي پيشي کي پوري ريت تبديل نہ ڪري سگهيون، ٻائي کين مشورو ڏنو تہ هو قوم پرست يا ديش ڀڳتي رچنا سان پنهنجي گائيڪي شروع ڪن. هن توائفن کي مشورو ڏنو تہ هو بنارس جي هڪ ٻئي مشهور توائف ڳائڻي ودياڌاري ٻائي کان انهن گانن کي گڏ ڪن. ٻائي انکي توائفن جي لاءِ سماجي رتبو ۽ عزّتِ نفس جي حصول ڏانهن هڪ قدم طور ڏٺو. ٻين توائفن سان گڏ هن غير-هندستاني سامان جو بائيڪاٽ ۾ حصو ورتو ۽ سواديشي تحريڪ ۾ شامل ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. "The Surprising Role Courtesans Played In Our Freedom Struggle". HuffPost India. حاصل ڪيل 2020-03-06.