حافظ محمد بخش خاصخيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حافظ محمد بخش خاصخيلي (انگريزي:Hafiz Muhammad Bux Khaskheli) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

حافظ محمد بخش خاصخيلي ولد سائين بخش خاصخيلي نوشهرو فيروز ضلعو جي مورو تعلقو جي نوان جتوئي ۾ 1932ع ڌاري جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم مسلم اسڪول لونگ ڪوريجي مان ورتي. سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1962ع ۾ ايس. وي جو ڪورس ڪيائين. هن اديب فاضل جو امتحان به پاس ڪيو. [1]

علمي ادبي خدمتون[سنواريو]

حافظ اول مال جو ڍڪ منشي هو. پوءِ هن پرائمري استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏنيون. تعليم کاتي ۾ 41 سال سروس ڪيائين. سنڌي ٻوليءَ جو شاعر، سگهڙ، اديب، مقرر ۽ استاد هو. هيءُ تعلقي موري ۾ اٽينڊنس اسسٽنٽ به رهيو. 1992ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو. هيءُ بهترين شاعر هو. سندس شعر پاڻي تي اڄ پاڻي ٿيندو مقبول ٿيو ۽ ان نالي سان سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[2]

وفات[سنواريو]

حافظ محمد بخش خاصخيلي، 25 ڊسمبر 2004ع تي وفات ڪئي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "حافظ محمد بخش خاصخيلي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-08-17. 
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: حافظ محمد بخش خاصخيلي". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-08-17. 
  3. "سنڌ جي نقشي جهڙو ماڻهون حافظ محمد بخش خاصخيلي". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-08-17.