مواد ڏانھن هلو

جهلم

بيھڪ: 32°56′33″N 73°43′32″E / 32.94250°N 73.72556°E / 32.94250; 73.72556
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(جھلم کان چوريل)
جھلم
شھر

پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ اتر پنجاب ۾ جھلم گلابي رنگ ۾ ڏيکاريل
عرفيت: فوجين جو شھر
شھيدن ۽ غازين جو شھر
جھلم جو نقشو
جھلم جو نقشو
جھلم is located in Pakistan
جھلم
جھلم
جھلم is located in Punjab, Pakistan
جھلم
جھلم
Location within Pakistan
جاگرافي بيهڪ: 32°56′33″N 73°43′32″E / 32.94250°N 73.72556°E / 32.94250; 73.72556[1]
ملڪ پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو جھلم
يونين ڪاؤنسل 7
حڪومت
 • چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن خان شير بھادر (پي ايم ايل (اين))
پکيڙ
 • ڪل 22.5چورس ڪلوميٽر ڪ.م2 (اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. ميل2)
بلندي[2] 233 ميل (768 ft)
آبادي (1998)
 • ڪل 145,847

جھلم(انگريزي: Jhelum) /ˈləm/شھر درياء جھلم جي ڪناري تي واقع آهي ۽ جھلم ضلعي جو صدر مقام آهي جيڪو اتر پنجاب ۾ واقع آهي. برطانوي انڊيا ۾ ھتان جي ماڻھن جي فوج ۾ تمام وڏي نمائندگي ھئي جنھنڪري ھن شھر کي پھريون دفعو وڏي مشھوري ملي.[5] پاڪستان ٺھڻ بعد بہ فوج ۾ ھتان جي ماڻھن جي وڏي پيماني تي ڀرتي ٿي جنھن ڪري ھن شھر کي فوجين جي شھر ۽ ٻيو شھيدن ۽ غازين جي شھر طور مشھوري ملي. [6][7]ھن شھر جي ڀرسان ڪجهه ميلن تي اھا تاريخي جاء واقع آھي جتي سڪندراعظم ۽ راجا پورس جي فوجن وچ ۾ ھيڊيپس واري جنگ (انگريزي: Battle of the Hydaspes)لڳي ھئي جنھن جي پاسي ۾ سڪندراعظم بوڪيفالا شھر جو بنياد وڌو جيڪو ھن پنھنجي پياري گھوڙي بوسيفالس جي ان جنگ ۾ مرڻ کان پوءِ ان جي ياد ۾ ٺھرايو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ٺاھيل روھتاس فورٽ، ۽ ساڳي صدي ۾ شير شاھ سوري پاران ٺھرايل رستو گرينڊ ٽرنڪ روڊ۽ ٽيلايان جوڳيان وارو قديم مندرن جو عمارتي مرڪز پڻ ھن شھر جي ڀرسان واقع آهن.1998 ۾ ھن شھر جي آدمشماري 145647 ھئي. [8]2012 ۾ 188803 تي پھتي.[8]

جھلم نالو

[سنواريو]

انجم سلطان شھباز جي لکيل ڪتاب تاريخ جھلم مطابق : جھلم لفظ ٻن لفظن جو مرڪب آهي: جل ۽ ھم . جل’ جي معنیٰ اھي صاف پاڻي. لفظ ھم جي معنیٰ آهي: آسماني برف. اھڙيءَ طرح ا جھلم معني برف جو صاف پاڻي. اھو نالو ان ڪري پيو جو جھلم درياء ھماليہ جي برفاني علائقي مان نڪري وھي ٿو ۽ ان درياءَ جي ڪري ھن شھر تي نالو جھلم پئجي ويو.[9][10][11]ڪجهه ليکڪن ھڪ ٻي روايت جو پڻ ذڪر ڪيو آهي تہ جڏهن دارا اعظم جنگ کٽي جھلم درياء جي ڪناري تي پھتو تہ اتي جھنڊو کوڙيو ھئائين ۽ ان مقام کي جاء علم سڏيو ھئائين جيڪي بگڙجي جھلم ٿي ويو. بظاهر اھا روايت تمام ڪمزور لڳي ٿي.

جھلم جي تاريخ

[سنواريو]

قديم دؤر

[سنواريو]

گجر، جٽ ۽ اھير[12][13][14]جيڪي ھاڻي لوڻياٺي پاسي ۽ اتر واري زميني پليٽ تي رھن ٿا، جھلم جا اصل رھاڪو ھيا .[15] جھلم جي تاريخ مھاڀارت جي نيم ڏندڪٿائي دور تائين ڦھليل آھي. ھندن جي روايتن مطابق پنج پانڊون ڀائرن جلاوطنيءَ دوران ھن شھر ڀرسان لوڻياٺي علائقي ۾ پناھ ورتي هئي. سڪندراعظم ۽ راجا پورس وچ ۾ جنگ بہ ھن شھر ڀرسان ھيڊيپس واري ميدان تي لڳي [16]

وچولو دؤر

[سنواريو]

1005 م محمود غزنوي ھي علائقو فتح ڪيو. ان بعد دھلي جي سلطنت ۽ مغل سلطنت جي ڪنٽرول ۾ رھيو. بابر نامه مطابق مغلن ھتان جي جٽج ۽ گاکارن کي زبردستي مسلمان بڻائڻ جي پاليسي تي عمل ڪيو ۽ آھي قبيلا اسلام ۾ داخل ٿيا.[17] انھن قبيلن کي مسلمان بنائڻ جو سھرو مغلن تي آهي.[18]اورنگزيب جي وفات بعد مغل ايمپائر ڪمزور ٿي وئي تہ دراني ايمپائر ھن علائقي تي قبضو ڪيو پر جلد ئي سکن کين علائقي مان نيڪال ڪيو.

سکن جو دؤر

[سنواريو]

مغلن کان پوءِ جھلم سک ايمپائر جي قبضي ۾ آيو جيڪي 1849 تائين حاڪم رھيا.

سکن جي دؤر ۾ جھلم فورٽ

برٽش دؤر

[سنواريو]
ماربل جي رحل(انگريزي: lectern)جيڪا 35 برٽش فوجين جي ياد ۾ سينٽ جان چرچ اندر نصب ڪئي وئي جيڪي 1857 ۾ باغي فوجين سان وڙھندي مارجي ويا ھئا جن ۾ ڪيپٽن فرانسس اسپرنگ پڻ شامل ھو

1849 ۾ انگريزن ھن علائقي کي پنھنجي قبض ۾ آندو.1857 جھلم شھر م انگريزي فوج جي مقامي ماڻهن تي مشتمل چوڏهين نيٽو انفنٽري بغاوت ڪئي. انگريز سرڪار راولپنڊي مان ڪمڪ موڪلي انھن سان مقابلو ڪيو جيڪي اتان ڀڄي ڪشمير طرف لڪا پر ڪشميري اختياري کين گرفتار ڪيو. انگريزن جھلم کي اتر اولھ ريلوي آف برٽش انڊيا ذريعي انڊين ايمپائر جي ٻين ڏورانهن شھرن جھڙوڪ ڪلڪتو (1367 ميل)، بمبئي (1413 ميل) ۽ ڪراچي(849 ميل) سان ڳنڍي ڇڏيو. 1901 ۾ ھن شھر جي آدمشماري 14951 ھئي.[19]امپيريل گزيٽيئر مطابق جھلم جو پراڻو شھر بوسيفالا ھيو جيڪو درياء جھلم جي ٻئي ڪناري تي واقع ھيو. سکن جي دؤر ۾ اتي مھاڻن جا پنج سؤ کن گھر ھيا ۽ اھو پراڻو شھر سکن لاءِ غيراھم ھيو.انگريزن ڪينٽونميٽ جي لاءِ موجوده شھر واري زمين جي چونڊ ڪئي جتان وري ٽن ميلن جي فاصلي تي شھري انتظاميه جو صدر مقام ٺاھيو. ڪجهه سال ھي شھر لاء ڊويزن جي ڪمشنر جي آفيس پڻ رکي وئي پر 1859 ۾ ان کي روالپنڊي منتقل ڪيو ويو. برٽش حڪومت ۾ ھن شھر ترقي ڪئي ۽ خوشحال ٿيو.ڇانوڻي ۾ چرچ ۽ پوسٽ آفيس قائم ڪيا ويا. جھلم ڇانوڻي جي گيريزن جي نارمل قوت ھڪ مقامي ڪيولري ۽ چار مقامي انفنٽري ھئي.1897 ۾ ھتي ميونسپالٽي جو قيام عمل ۾ آيو. 3-1902 ۾ ختم ٿيندڙ گذريل ڏھن سالن دوران ميونسپلٽي جي آمدني 32100 ۽ خرچ 31900 ھيو. شھر ۾ ٻہ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول، ھڪ ميونسپل ھاء اسڪول ۽ ھڪ مڊل اسڪول ھيا. مڊل اسڪول آمريڪي پريسبائٽيرين تبليغي طرفان سنڀاليل ھيو.شھر ۾ سول اسپتال موجود ھئي ان کان علاوه ھڪ اسپتال عيسائي تبليغ ڪندڙن جي سنڀال ۾ ھئي. [20] سينٽ جان چرچ جھلم درياء جي ڪناري جھلم ڪينٽونميٽ ۾ واقع آهي. اھو پروٽيسٽنٽ چرچ 1860 ۾ ٺھيو. برٽش دؤر ۾ اھو استعمال ھيٺ رھيو پر پاڪستان ٺھڻ بعد زبون ٿي وڃڻ جي ڪري بند ڪيو ويو پر 2012 ۾ ان جي مرمت کان پوءِ ٻيھر کوليو ويو. درياء جھلم تي ھن شھر لڳ ھڪ ريلوي پل 1873 ۾ برٽش انجنيئر وليم سينٽ جان گيلوي ٺاھي جنھن ھڪ ٻي پل ستلج نديءَ تي بہ ٺاھي ھئي جنھن جو نالو گريٽ ايمپريس برج ھو.

پاڪستان جي قيام بعد

[سنواريو]

پاڪستان جي قيام کان پوءِ ھتان جي اقليتي ھندو ۽ سک آبادي انڊيا لڏي وئي ۽ انھن جي جاءِ تي مسلمان مھاجرن جو ڪجهه تعداد انڊيا مان ھتي لڏي آيو ھو.

جھلم جو انتظام

[سنواريو]
درياء جھلم جوسرائي عالمگير واري پاسي پل جي ھيٺان وارو نظارو

شھر انتظامي طور تي ست يونين ڪائونسلن ۾ ورھايل آھي[21] جن جا نالا آھن:

  • يو سي جھلم -I
  • يو سي جھلم-II
  • يو سي جھلم-III
  • يو سي جھلم-IV
  • يو سي جھلم-V
  • يو سي جھلم-VI
  • يو سي جھلم-VII

شھر ۾ ضلعي ۽ تحصيل جھلم جي عملدارن جون آفيسون واقع آھن.

شبير پلازه، شاندار چوڪ
گنبذ واري مسجد

جھلم جي مردم نگاري

[سنواريو]

جھلم شھر جي آبادي 2012 ۾ 188800 ھئي. [8] آبادي جي لحاظ کان پاڪستان م. 32ھين نمبر تي آهي. شھر جي پکيڙ 22 چورس ڪلوميٽر آهي. آبادي جي گھاٽائي 261 ماڻھو في چورس ڪلوميٽر آهي. آبادي جي واڌ جي شرح 1.51 سيڪڙو آھي.[23] شھر جي 98.47 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي. اقليتن ۾ 1.36 سيڪڙو عيسائي آھن. ھن شھر ۾ رھندڙ ذاتين ۾ گاکار، جنجوعا، گجر، پنھور، آرائين، مغل، گوندل، اعواڻ، سيد، جٽ، ڪشميري، ڪياني ۽ کوکر شامل آهن.1981 ۾ جھلم جي خواندگي واري شرح 38.9 سيڪڙو ھئي . ھن وقت جھلم جي خواندگي جي شرح 79 سيڪڙو آهي جيڪا پاڪستان م اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان پوءِ سڀ کان وڏي آھي.[24] خواندگي جي شرح ۾ اھو اضافو ٻڌائي ٿو تہ تعليم ھن شھر ۾ تيزي سان وڌي آھي.شھري علائقي ۾ مرد ۽ عورتون سڀ تعليم يافتہ آھن. پنجاب صوبي جي اھا شرح 58 سيڪڙو آھي.[24] ھتان جي 84 سيڪڙو ماڻھن کي بجلي جي ۽ 96 سيڪڙو ماڻهن کي پاڻي جون سهولتون ميسر آھن.[25] جھلم جي انساني ترقي جو اشاريو 0.77 سيڪڙو آھي جيڪو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪَ آھي.

جھلم جي معيشت

[سنواريو]

ھن شھر جي اردگرد کوڙ صنعتون واقع آھن جن ۾ تماڪ جو فيڪٽريون، ڪاٺ جي صنعت، ماربل ۽ شيشي جون صنعتون ۽ ڪڻڪ جي اٽي واريون مليون شامل آهن [26]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Location of Jhelum – Falling Rain Genomics". Fallingrain.com. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  2. "Weatherbase: Historical Weather for Jhelum, Pakistan". Weatherbase. 
  3. "TRENDS IN REGIONAL HUMAN DEVELOPMENT INDICES: Table 2" (PDF). The United Nations. وقت 21 May 2009 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 November 2010. 
  4. "SOCIAL DEVELOPMENT IN PAKISTAN ANNUAL REVIEW 2014–15" (PDF). SOCIAL POLICY AND DEVELOPMENT CENTRE. حاصل ڪيل 26 March 2017. 
  5. John Pike. "Dominated Recruitment". Globalsecurity.org. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  6. Shoaib, Syed (17 June 2009). "City of Soldiers". BBC News. http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/7024719.stm. Retrieved 2013-01-25. 
  7. "AAJ NEWS Report (City of martyrs and warriors)". Youtube.com. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  8. 8.0 8.1 8.2 "Archived copy". وقت 18 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-09-19. 
  9. The District Jhelum[مئل ڳنڍڻو]
  10. Tareekh-e-Jhelum, page 92 by Anjum Sultan Shahbaz
  11. The District Jhelum آرڪائيو ڪيا ويا 15 April 2009 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  12. سانچو:Acite book
  13. Kapoor, Subodh. "Encyclopaedia of Ancient Indian Geography". Cosmo Publications. 
  14. Arrian, Anabasis Alexandri, v. 8, 20, 29; Curtius Rufus, Historiae Alexandri Magni, viii. 12–14, ix. 1, x. 1
  15. "Jhelum District Imperial Gazetteer of India, v. 14, p. 152". Dsal.uchicago.edu. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  16. {{cite encyclopedia | last = Chisholm | first = Hugh | authorlink = Hugh Chisholm | title = Alexander III (Alexander the Great) | encyclopedia = Encyclopædia Britannica Eleventh Edition | volume = 1 | pages = | publisher = | location = | year = 1910 | url = | accessdate =}
  17. "Biography of Abdur Rahim Khankhana". وقت 17 January 2006 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 October 2006. 
  18. ^ a b c Robert L. Canfield, Turko-Persia in historical perspective, Cambridge University Press, 1991. pg 20: "The Mughals – Persianized Turks who invaded from Central Asia and claimed descent from both Timur and Genghis – strengthened the Persianate culture of Muslim India"
  19. "''Imperial Gazetteer of India'', v. 14, p. 159-160". Dsal.uchicago.edu. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  20. The London Gazette, 19 May 1858 http://www.london-gazette.co.uk/issues/22141/pages/2492/page.pdf
  21. "Tehsils & Unions in the District of Jhelum – Government of Pakistan". Nrb.gov.pk. وقت 9 February 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  22. World-Gazetteer.com. "Jhelum City". وقت 18 July 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-09-19. 
  23. "Population growth rate". World-gazetteer.com. وقت 17 October 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  24. 24.0 24.1 "Archived copy" (PDF). وقت 13 November 2010 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-09-28. 
  25. "District Profile". Dawn.com. وقت 29 August 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2013-01-25. 
  26. "Tehsil Municipal Administration Jhelum – Industries of Jhelum". Tmajhelum.com. وقت 11 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 January 2013.