جکراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جکراڻي (بلوچي)
ٻوليون

سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

شھواڻي، موجاڻي، سناڻي، ملڪاڻي

جکراڻي: ھيءُ جکري جو اولاد آھن، جو مير چاڪر خان جي نسل مان ھو. ڪن جو چوڻ آھي ته جکرو ابڙو يعني سمو ھو، جو مير چاڪر سان گڏ رھيو ۽ پاڻ کي بلوچ سڏائڻ لڳو. ھنن بلوچن جون اَٺ شاخون آھن[1]، جيئن ته شھواني، موجاڻي، سناڻي، ملڪاڻي وغيره. دريا خان جکراڻي مشھور زبردست چور ٿي گذريو، جنھن سر چارلس نيپئر کي ڏاڍي تڪليف ڏني. نيٺ ھن معافي ڏنيس ۽ جاگير مليس. پر وري فساد ڪيائين ۽ دھليءَ واري غدر ۾ شامل ھئڻ ڪري گرفتار ٿي عدن ڏي روانو ڪيو ويو، جتي مري ويو.[2] جنت السنڌ مطابق: :مغلن جي دؤر کان وٺي ڊومڪين سان گڏجي اپر سنڌ ۾ ڦريون ڪندا هئا. انگريزن جکراڻين کي زمينون ڏيئي ماٺ ڪرايو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "جکراڻي 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-02-19. 
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي