جڀو ڍورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نالا
عهدو 10 مئي 2001
حوالا نمبر. 1067

جڀو ڍورو(انگريزي: Jubho Lagoon) پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ واقع ھڪ ساحلي ڍنڍ يا ڍوري جو نالو آهي جنھن کي انگريزي ۾ لئگون چوندا آھن. آھي ڍورا سمنڊ يا دريائن يا ڍنڍن جي ڪنارن ڀرسان پاڻيءَ جو ڪجهه حصو علحده ٿي خشڪيءَ جي وچ ۾ اچي ٺھي ويندا آھن. جڀو وارو ڍورو سمنڊ جي پاڻيءَ مان ٺھيل ھڪ وڏو، کارو يا لوڻياٺو ۽ اونھو ڍورو (Lagoon) آھي.

1971 ۾ ايران جي شھر رامسر ۾ گڏيل قومن جي اداري جو آبي زمينن (wetlands) جي تحفظ متعلق ڪنوينشن ٿيو ھيو جنھن تحت اھم بين الاقوامي اھميت وارين آبي زمينن کي رامسر ماڳ جو نالو ڏنو ويو.مئي 2011 ۾ جڀو ڍوري کي بين الاقوامي اھميت وارن رامسر ماڳن جي آبي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.[1]

جاگرافي[سنواريو]

جڀو ليگون ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ 135 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سجاول ضلعي جي تعلقي جاتي ۾ 50 ميٽرن جي الٽيٽيوڊ تي واقع آهي. ان جي پکيڙ 1745 چورس ايڪڙ آهي.[2] ھن قدرتي پوسل واري زمين لوڻياٺي ڪنارن سان خشڪي ۾ گھيريل ڍورن سان گڏوگڏ ڌٻڻ ۽ گپ تي مشتمل ھوندي آھي. اھڙا ماڳ ٻين ساڳين ماڳن سان به ٽائيڊل لنڪ ڪئنالن ذريعي ڳنڊيل ھوندا آھن. اتان جي آبهوا سامونڊي ھوندي آھي ۽ اتي سانوڻ جون برساتون (monsoon) ھر سال جون جي مھيني ۾ شروع ٿينديون آهن

جھنگلي جيوت[سنواريو]

تقريبن 6000 جي لڳ ڀڳ بجن وارا پيڻ پکي يا ڊالميشن پيليڪان (Dalmatian pelican) جڀو ليگون وٽ رھن ٿا جيڪي ناپيد ٿيڻ جي خطري وارن پکين جي فھرست ۾ شامل ٿي چڪا آهن جيڪا فھرست IUCN جي جاري ڪيل آھي[3]

ھي ماڳ پاڻي وارن پکين جي گھر آھي تقريبن 60000 کان ھڪ لک تائين مندائتا پکي (migratory birds) ھر سال اتي ايندا آهن. پاڪستان جي زولاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ جي مطابق 1997 م ڪيل اٽڪل سروي ۾ 40 کان 50 ھزار آمريڪي فلمنڱگو(American flamingo) ۽ ننڍڙن جنتي پکين (Paradisaea minor) جي موجوگي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا پاڪستان ۾ انھن پکين جو سڀ کان وڏو ميڙ ھيو [4]

ڍوري جي چوڌاري مٿاھين پاسي تمر (Tamarix) جا ٻوٽا آهن ۽ ھيٺاھون پاسو تازي پاڻيء جي ملڻ ڪري ڊڀ (Typha) جي ٻوٽن سان ڍڪيل رھندو آھي. جيڪڏهن ڍورو اونھو ھوندو آھي تہ ساوڪ نالي ماتر ھوندي آھي

ماحولياتي حفاظت[سنواريو]

جڀو ڍوري واري علائقي ۾ چوڌاري مقامي ماڻهن جون زمينون آھن جن جي آمدني جو اھم ذريعو مڇيءَ جو شڪار ۽ مال پالڻ آھي. سياري ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني شڪار ٿيندو آهي جنھن مندائتن پکين ۽ حيواني جيوت (fauna) کي گھٽائي ڇڏيو آهي. ٽائيڊل لنڪ ڪينال جي ٺھڻ ۽ وڌندڙ زرعي ۽ صنعتي گدلاڻ ، ۽ کاري پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ جي ڪري تازي پاڻيء واري ساوڪ گھٽجي وئي آهي.ھي ماڳ کي ماحولياتي قانون يا ان ماڳ کي بچائڻ واري موحولياتي تحريڪ ذريعي اڃان تائين ڪوبہ تحفظ نہ مليو آھي.رڳو زولاجيڪل سروي ڊپارٽمينٽ پاڪستان ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي طرفان ڪجهه ريسرچ پراجيڪٽ تحت علائقي جي حيواني جيوت ۽ ٻوٽن جو مطالعاتي جائزو ورتو ويو آهي.ICNU جو ڪوسٽل ايڪوسسٽم يونٽ، سنڌ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ اينوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي طرفان مقامي سطح تي اھڙي سجاڳي ۽ ماحولياتي تحفظ بابت سرگرميون ڪيون وينديون آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Jubho Lagoon". {{|work=The Annotated Ramsar List of Wetlands of International Importance in Pakistan|publisher=Ramsar Convention|accessdate=14 September 2012}}
  2. A Directory of Wetlands of International Importance http://www.wetlands.org/RSIS/COP9Directory/Directory/2PK013.html.  Missing or empty |title= (مدد){{|publisher=Wetlands International|accessdate=15 September 2012|deadurl=yes|archiveurl=https://archive.is/20130416054032/http://www.wetlands.org/RSIS/_COP9Directory/Directory/2PK013.html%7Carchivedate=16 April 2013|df=}}
  3. "Pelecanus crispus". {{|publisher=IUCN Red List|accessdate=16 September 2012|deadurl=yes|archiveurl=https://web.archive.org/web/20121114091643/http://www.iucnredlist.org/details/106003811/0%7Carchivedate=14 November 2012|df=}}
  4. "Jubho Lagoon" (PDF). {{|work=Information Sheet on Ramsar Wetlands|publisher=Wetlands International|accessdate=16 September 2012}}[مئل ڳنڍڻو]