آمريڪي فلمنڱگو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آمريڪي فلمنڱگو
American flamingo
گيليپاگوس ٻيٽ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Phoenicopteridae
Genus: فونيڪاپٽرس
جنس: Template:Taxonomy/فونيڪاپٽرس{. ريوبر
حياتياتي نالو
فونيڪاپٽرس ريوبر
ڪارل لينئوس

1758

آمريڪي فلمنڱگو جي ورھاست

آمريڪي فلمنڱگو(انگريزي: American flamingo), (سائنسي نالو:Phoenicopterus ruber) فلمنڱگو پکي جي ھڪ وڏي جنس جو نالو آهي جيڪو گريٽر فلمنڱگو۽ چليءَ جي فلمنڱگوواهن جنسن جي وڌيڪ ويجھو آهي. ھن کي ڪيريبين فلمنڱگو پڻ چوندا آهن. ڪيوبا ۾ ان کي گريٽر فلمنڱگو چون ٿا.اتر آمريڪا ۾ رھندڙ فلمنڱگو جو ھي واحد قسم آھي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

آمريڪي فلمنڱگو جي منڍي جي تصوير

ھي ڊگھين ڄڻگھن وارو پاڻي جھاڳيندڙ ۽ ڳاڙھاڻ مائل گلابي رنگت جي کنڀن وارو پکي آهي. ٻين فلمنڱگو پکين وانگر ھي بہ مئي ۽ آگسٽ جي مھينن ۾ چيڪي مٽيء جي کوڙي تي صرف ھڪڙو چاڪ جھڙي اڇي رنگ جھڙو آنو لاھيندو آھي. آني تي ڦٽڻ تائين آرو 28 کان 32 ڏينھن تائين ٿيندو آهي. پيء ۽ ماء گڏجي ٻچي کي پاليندا آھن جيڪو ڇھن سالن ۾ وڏو ٿي لڳ جي قابل ٿي ويندو آهي.ھن پکي جي زندگي 40 سالن تائين ھلندي آھي جيڪا پکين ۾ تمام ڊگھي ڄمار آھي.جوان آمريڪي فلمنڱگو قد ۾ گريٽر فلمنڱگو کان ٿورڙو ننڍو ھوندو آھي پر آمريڪا جي کنڊ ۾ ھي سڀ کان وڏو فلمنڱگو ھوندو آھي. آھي 120 کان 145 سينٽي ميٽر ڊگھا ٿين ٿا.نر جو سراسري وزن 2.8 ڪلوگرام ٿئي ٿو ۽ مادي جو وري 2.2 ڪلوگرام تائين ٿئي ٿو.ھن جا کنڀ اڪثر گلابي ٿين ٿا جنھن ڪري ھن کي ڪنھن وقت گلابي فلمنڱگو بہ چوندا ھئا.

حوالا[سنواريو]

  1. بقرة
ھڪ ولر
ڊومينيڪن ريپبلڪ ۾ ھڪ ننڍي عمر جي پکين جو گروپ
ھڪ ماء چوزي سان گڏ