ننڍڙو جنتي پکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ننڍڙو جنتي پکي
Lesser bird-of-paradise
نر
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جاندار
تقسم: ڪورديتا
درجو: پکي(Aves)
ترتيب: پئسريفورمز (Passeriformes)
خاندان: پيراڊائزئڊاء (Paradisaeidae)
نسل: پيراڊائيزاء(Paradisaea)
جنس: P. minor
حياتياتي نالو
Paradisaea minor
جارج شا

, 1809

ننڍڙو-جنتي-پکي(انگريزي: lesser bird-of-paradise) جنت جي نسل جو پکي سڏبو آھي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

نيوگني ملڪ جو ھي پکي وچولي قد وارو 32 سينٽي ميٽرن تائين ڊگھو ٿيندو آهي.مئرون ناسي (maroon-brown) رنگ جي ھن ننڍڙي جنتي پکي کي پيلي رنگ جو تاج ۽ ناسي مائل پيلي رنگ جي پٺي ھوندي اٿس.نر کي چٽي زمردي سائي رنگ جي ڳيچي ٿيندي آهي. پڇ م ٻہ ڊگھيون تارون جنھن ۾ تيز پيلي رنگ جا خوبصورت کنڀ ھوندا اٿس. مادي وري محروم رنگ جي ٿئي ٿي جنھن جو مٿو تيز ناسي رنگ جو ٿئي ۽ سندس اندريان حصا اڇي رنگ جا ٿين ٿا. جيتن کائڻ ڪري ھن پکي جي چمڙي زھريلي ٿئي ٿي.[2] ھن پکي کي ICUN اداري جنس جي ناپيد ٿي وڃڻ واري خطري جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آھي.نر پکي ھڪ کان وڌيڪ مادين سان تعلق رکندڙ ھوندو آھي. مادي ٻہ گلابي رنگ مائل آنا لاھيندي آهي جنهن تي ڪاري رنگ جا چٽڪڙا ھوندا آھن. ھي پکي آکيرو زمين کان گھڻو مٿي ڊگھن وڻن تي ٺاھيندا آھن.خوراڪ ۾ ميوا ۽ جيت کائيندا آهن.

حوالا[سنواريو]

  1. بقرة
  2. Venomous Animals of the World, Steve Backshall; 2007, New Holland Publishers (UK), Ltd.