جُبيري ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعارف

جُبيري ميمڻ ، به (ميمڻ قوم) جي هڪ (سب ڪاسٽ) آهي ، جيڪا 711ع کان عرب مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿي. جيئن ته دُنيا ۾ اڪثر (ميمڻ قومون) سب ڪاسٽ سان ئي سُڃاتيون وڃن ٿيو، ۽ توهانجي مشاهدي ۾ به آيو هوندو جيئن (سنڌي ميمڻ، ڪچي ميمڻ، اوکائي ميمڻ، هالاري ميمڻ، ونٿلي ميمڻ) وغيره.

هيءَ قوم جيڪا هن وقت سنڌ جي مرڪزي ۽ ڪاروباري شهر (نيوسعيدآباد) ۾ جيڪو اڳ جي (ضلعي حيدرآباد) ۽ اڄ جي (ضلعي مٽياريءَ ) جو هن وقت بڻيل تعلقو آهي جيڪو (هالا شريف) کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي ۽ (ڀٽ شاه) کان 16 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اُتر طرف ويندي آهي. جتي اهو قبيلو (جُبيري خاندان) پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن سان رهي ٿي. ۽ جن ئي (نيو سعيدآباد) اهو نئون شهر آهي جيڪو ماضيءِ ۾ هن قوم جي بُزرگن ئي اچي آباد ڪيو هو.

تواريخ

ته تواريخي اعتبار کان به (جُبيري ميمڻ) اُنهن ئي (عدن مُلڪ جي يمن شهر مان ايندڙ اُنهن 72 يمني خانا بدوش خاندان) مان ئي هڪ خاندان آهي جيڪو 711ع ۾ واپار سانگي برصغير ويو پئي ته ته ديبل بندر (سنڌ) ويجهو هن کي سمندري قزاڪن (ڊاڪن) لُٽيو ۽ ڦُريو ۽ پوءِ انهن 72 يمني خانا بدوشن خاندان کي چچ گهراڻي جي حاڪم (راجا ڏاهر) وٽ وڪيو هو، جيڪو کين قيد ڪري سنڌ ۾ تڏنهن کان رائج رسم (ونگار) يعني (مُفت پورهيو) وٺندو هو ۽ گڏو ظلم ڪندو هو.

(جُبيري ميمڻ قوم) ۽ ٻين (ميمڻ قومن) ۾ صرف (عقيدي) جو نمايان فرق آهي، ڇو جو (جُبيري ميمڻ قوم) ئي اها (واحد قوم) بچي آهي جيڪا اڄ به صرف ۽ صرف مڪي ۽ مديني جي مرڪزن مان پرڇار ٿيندڙ (توحيدي دين اسلام) جي پرچار ڪري ٿي ۽ انُ مُحمد عربي (صلي الله عليه وسلم) ، خُلفاءِ راشدين، تابعين، تبع تابعين جي سيکاريل (توحيد دين اسلام )کي کڻي اڳتي هلي پئي صرف (۽ قرآن، حديث) جي روشنيءَ ۾ نبي صلعم جي (سُنتن) کائي قائم ڪندي اچي. اهو دين جيڪو (مڪي ۽ مديني جي مرڪزن مان) نڪتو هو ۽ 711ع ۾ سنڌ آيو ۽ جنهن سنڌ کي (باب الاسلام سنڌ) بڻائي ڇڏيو.

حقيقت

جڏنهن ته ٻيون (ميمڻ قومون (سب ڪاسٽ سان سُڃانپ رکڻ واريون) پوءِ يعني (محمد بن قاسم) جي پنهنجي وطن (واپسي ۽ شهادت) کان پوءِ پوئتي سنڌ ۾ ايل مذهبي حالتن جو مُقابلو ڪري نه سگهيون ۽ هٿيار ڦٽا ڪري هندستان هلي ويون هُيون ۽ پوءِ مُڪمل (شرڪ و بدعت) مزار پرستي، مُقبرا ۽ خانگاهون پرستي ۽ قبرپرستيءَ ۾ جڪڙجي ويون جو سنڌ ۾ (عجمي ڪاهن ڪندڙن) جي عجمي مذهبن جو شڪار بڻجي ويون هُيون ۽ انهيءَ ڪري هڪ تسلسل سان (پيري مُريدي، قبر پرستي) ۽ ٻين (شرڪ و بدعت) جهڙين شين جو حصو بڻجي ويون هُيون. حالانڪه (جُبيري ميمڻ قوم) مٿان به اهي اڳيون مصيبتون آيون هُيون ۽ پر هن قوم به سنڌ ڇڏي پوءِ هندستان جو شهر (ڀُڄ) وڃي وسايو هو پر همٿ ڪانه هاري ۽ (مڪي ۽ مديني) واري (توحيدي دين اسلام) تي قائم رهي. سنڌ تي ڪاهون ڪندڙ (عجمين) پوءِ سنڌ تيي قبضو ڪري ورتو اهي عجمي (ايران، بغداد، تُرڪستان وغيره) آيا هُئا .

حالتون

ته يمن مان هجرت ڪري جڏنهن هي (مُسلم خانا بدو ش) ڪله جو (مومن) ۽ اڄ جا (ميمڻ) سڏجندڙ جڏنهن سنڌ آيا ته هنن سنڌ ۾ اچي (اسلام ڦهلايو ) ۽ هنن جي عبادت ، سخاوت کي ڏسي (سنڌ جا هندو به مُتاثر ٿي) پوءِ مُسلمان ٿيڻ لڳا هُئا ۽ هنن يمني خانا بدوشن کي (مومن) چوڻ لڳا هُئا. جيڪي پوءِ بل اخر عجمي حاڪن جا ظلم ۽ زيادتيون سهي سنڌ ڇڏي هندستان ۾ وڃي سيٽل ٿي ويون هُيون. پويان پوءِ سنڌ تي (عجمي ڪاهون) ڪندڙن پوءِ (درٻاري لکياري) بڻائي سچي ۽ اصلي سنڌ ۽ اسلام جي تواريخ تبديل ڪرائي اُنهن ئي (درٻاري لکيارين ۽ توارخ دانن) کان پنهنجي ئي خاندان جي اوج جون تواريخ لکرائڻ شروع ڪري ڏني ۽ مڪي ۽ مديني مان نڪري سنڌ پُهچندڙ (توحيد دين اسلام) کي نقصان رسايو.

سچايون

پوءِ جڏنهن هندستان مان وري لڏ پلاڻ ڪري اهي (مومن) ڇاپ سان سڏجندڙ عرب قومون (ميمڻ) سنڌ واپس آيون ته جنهن هندستان جي علائقي، مان وريون يا جنهن ڪاروبار، يا لباسي شخصيت سان سنڌ آيون ته (اصلي سنڌيت) ڇڏي کين پوءِ سنڌ جي ماڻهن (سب ڪاسٽ سان) متعارف ڪرڻ شروع ڪيو يعني جيڪو (رڻ ڪڇ ) مان وريو (ڪڇي ميمڻ) ٿيو، جيڪو هندستان جي شهر (اوک) مان وريو ته (اوکائي ميمڻ) ۽ جيڪو (گُجرات) مان آيو (گُجراتي ميمڻ) بڻيو ۽ هلندو بترتيب هالاري ميمڻ ، ونٿلي ميمڻ وغيره سڏجندو رهيو.

جُبيري ميمڻ

جُبيري ميمڻ به جڏنهن هندستان جو شهر (ڀُڄ) ڇڏي سنڌ جي وڏي شهر ڪراچيءَ ۾ آيو ته پنهنجي لباس ڪري جُبري ميمڻ سڏيو هو. هي خاندان صديون سنڌ ۽ هندستان ۾ گُذارڻ کان پوءِ به عربي لباس (جُبو) پائيندو هو، سواءِ ان جي ته مٿي تي (ڪراڪري ٽوپي) جيڪا (پويان ويڪري يا اڳيان پويان ڊگهي ڪُنڊائتي) ۽ اچي ۽ گري ڪلر ۾ هوندي هُئي جنهن کي پوءِ (جناح ڪئپ) به سڏيو ويو ۽ اها ٽوپي گهڻو ڪري (ڀُڄ يا گُجرات) جا ماڻهون ئي پائيندا هُئا. اهو ته اسان ٻُڌائي چُڪا آهيون ته (عدن مُلڪ جي 72 يمني خانا بدوشن) کي جڏنهن هو سنڌ ۾ لُٽجي آيا ته مومن ڇو سڏيو ويندو هو ۽ اڄ به سند زبان سنڌي زبان سان مشابح آهي يعني هو ڳالهائين ته سنڌي ئي ٿا پر واول ڪڍي شارٽ ۽ تڪري سنڌي ڇو جو هندستان ۾ وڃڻ ڪري سندن سنڌيءَ ۾ تبديلي اچي وئي ۽ هُنن جو (سنڌي اُچار) ڪرڻ (ڳالهائڻ) بدلجي ويو پرلکت لاءِ ( ٽيڪسٽ) سنڌي ٻولي بدران (هندي يا گُجراتي) الفا بيٽس ٿي ويو.

آڪسفورڊ ڊڪشنري حوالي لاءِ

۽ پوءِ اهي (ميمڻ) ڪيئن سڏيا ويا. درحقيقت جڏنهن ڪاروباري رُجهان رکندڙ (ايسٽ انڊيا ڪمپني) جيڪا برطانوي راڄ هُئي ۽ هندستان ۾ واپار سانگي آئي ته اُنهن جو اُن وقت جي (مُتحده هندستان) ۾ لڏي ويندڙ سنڌ جي مومن واپارين (ميمڻ) سڏجندڙن سان ڪاروباري له وچڙ ٿيندي هُئي ۽ ٻوليءَ ڪري هُنن جي وتان مومن لفظ غلط اُچارجي (Mammon) اُچارجي ويو هو، اهو لفظ ۽ اُن جي معنيءِ حوالي جي تصديق لاءِ توهان آڪسفورڊ جي ڊڪشنريءَ ۾ ڳولي پڙهي سگهو ٿا.

سندن ماءُ ٻولي جيڪا درحقيقت عربي هُئي جيڪا پوءِ سنڌي بڻجي وئي ۽ بل آخر هجرتون ڪندي ڪندي (ميمڻي يا گُجراتي) بڻجي وئي جيڪا به درحقيقت (تڪڙي ڳالهائجندڙ ۽ واول نڪتل) سنڌي ئي آهي يعني ڪُرو حال آهي (ڪهڙو حال آهي مان)، ڪڏانه وڃو ٿا (ڪيڏانهن وڃو ٿا) ، ڪِن چُيو (ڪنهن چيو) نه ڙي با آئون ڪين ڪريان (نه ڙي ڀاءُ آئون ڪونه ڪندس) وغيره. اهريءَ طرح انگريزي اسپيلنگ ۾ به (mammon) شارٽ ٿي (memon) بڻجي ويو.

نيوسعيدآباد ۽ جُبيري ميمڻ

جُبيري ميمڻن جي هندستاني شهر(ڀُڄ) کان سنڌ جي شهر (ڪراچي) ۽ پوءِ نئون شهر (نيوسعيدآباد) آباد ڪرڻ جا سبب ۽ ڪارڻ.

مُنهنجا عزيزئو ! ان کان اڳ جو توهان پاڻ سان هن پليٽ فارم تي (رابطا ڪري) ڪچهريون ڪريو ۽ پنهنجي مٽي مائٽيءَ جا رستا ڳوليو، اچو ته آئون توهانکي پنهنجي گهراڻي (جُبيري ميمڻ) جي بُڻ بُڻياد کان متعارف ڪريان جيئن توهان کي ۽ ايندڙ اسانجي نسل کي به آگاهي هُئڻ گهُرجي ته اسان ڪير آهيون، ڪهڙي مٽيءَ ماءُ سان جوڙيل آهيون. اهو ان ڪري به لازمي آهي جو اسان پنهنجا (اباڻا ڪک ۽ قبرون) ڇڏي دُنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رچي بسي ويا آهيون. ته عزيزئو هي تواريخ ۽ حساب (جيڪاومون ٻالڪپڻ کان) هڪ ليکڪ هوندي جمع ڪيو هو ۽ (صندل تي ويٺل) پنهنجن ڏاڏن (حاجي محمد بچل ۽ حاجي مُحمد جُمن) کي زور ڏيندي حاصل ڪيو هو توهان سان به شيئر ڪريان ٿو. خاص طور (اُنهيءَ نئين ٽهيءَ سان) جيڪي پنهنجي اباڻي ڪکن ۽ قبرن) کان ناواقف آهن.

https://www.facebook.com/newsaidabad/?fref=ts

عزيزئو ! اسانجو (پڙ ڏاڏاڻون، ڏاڏاڻون ۽ اباڻون) گهر شهر (نيوسعيد آباد) آهي، جتي وڏڙن جون قبرون آهن ۽ هو اُتي به هڪ (خاص ايريا ۾) جُڙي مدفون اهن. نيوسعيدآباد اُهو شهر آهي، جنهنجو پهريون بُنياد وڌو هو انهن ٻنهين (گُجراتي ۽ ڪڇي) ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ (دوستن) الحاج (حاجي مُحمد هاشم شيخ) ۽ الحاج (حاجي عبدالڪريم ميمڻ) ۽ هي ٻئي گهراڻا مُتحده هندستان جي شهر (ڀُڄ) مان لڏي پهرين (ڪراچيءَ ۾ )اچي وسيا هُئا ۽ پوءِ مذهبي فڪر ۽ سوچ رکندي، وقت جي (پيري مُريديءَ) کي اپنائي، راشدي خاندان (جهنڊي وارن) يعني (علامه مُحب الله شاه راشدي ۽ علامه ابو مُحمد بديعُ الدين شاه راشديءَ ) جي وڏڙن ڪري (ڪراچي شهر ڇڏي (نيو سعيدآباد) شهر آباد ڪيائون. ته اهي هُئا هُئا ٻن (گُجراتي ۽ ڪڇي ڪُتنب) جا ٻه سربراهه (حاجي محمد هاشم شيخ) ۽ (حاجي عبدالڪريم ميمڻ) ۽ مشهور ٿيا (جُبي وارا) ميمڻ. هتي لڏي آيا ۽ مين روڊ (نيشنل هاءِ وي تي هڪ نئون شهر بنام (نيوسعيدآباد)، پيو هو. 

ته اهي ٻئي مُسلمان واپاري، پير جهندِ جي مشهور و معروف مدرسي جا شاگرد به هُئا جتي (مولانا عُبيدالله سنڌي) به اچي پڙهيو هو. ته هي ٻه (گُجراتي ۽ ڪڇي ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ) ڪراچي شهر جا مشهور واپاري باشندا، هتي جهنڊي وارن پيرن جي (مُريدي ۽ عقيدت) ۾ ڪراچي شهر ڇڏي ، نيشنل هاءِ وي تي هڪ نئين شهر جو قيام عمل ۾ آڻي ترسيا هُئا، جنهنکي اڄ (مخدوم ميان محمد سعيد) جي نالي سان ئي نيوسعيدآباد سڏيو وڃي ٿو. ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان هجرت ڪري ايندڙ انهن واپارين، پنهنجا گهر روڊ تي ئي شهر جي وچ ۾ جوڙي ويٺا. ۽ (ميان، ڪلهوڙا،عباسي يا قريشي) سڏجندڙن جي قبرستان ڀرسان ٺهيل (مسجد اول) کان پوءِ هنن (ڪراچيءَ جي واپارين) ٻن ٻين (جامع مسجد) جي تعمير ڪيائون، جيڪي ڪُجه فاصلي تي روڊن جي ٻنهين پاسي آهن. (جامع مسجد ۽ مسجد مُحمدي يا اهل حديث مسجد).

ته ثابت ٿيو ته سعيد آباد ۾ ٽئي دئور ۾ درياءُ پار (لاکا، ڀان سعيدآباد، ۽ سن شهر) کان ايندڙ ڪُٽنب بنام (لاکائي يا ڪاسائي ميمڻ، سنائي ميمڻ، گھُلاڻڪا ميمڻ،) وغيره ئي اچي وسيا هُئا جيڪي اڳ ۾ ئي پاڻ به (مخدوم ميان مُحمد سعيد) جا خاص الخاص مُريد هُئا، تڏنهن پاسي کان وهندڙ (درياءَ سنڌ) ۾ پااڻي چاڙهه ۽ ٻوڏ جي خطري سبب گهڻي تعداد ۾ اهي ڪُٽنب هجرت ڪري هتي (پُراڻي سعيدآباد) آيا هُئا. ۽ پوءِ هالن پُراڻن جا ميمڻ به هتي اچي آباد ٿيا جن کي (باڪري يا گولاڻا يا گولاڪڻا ميمڻ) چئجي ٿو. باڪر يعني بڪر يعني وکر يعني ڪريانا جا دُڪان ۽ ڀاڄين جي دُڪان جو ڪاروبار ڪندڙ. باڪري يا گُلاڻڪا ميمڻ نيوسعيدآباد ۾ ئي اچي وسيا هُئا. هڪ ٻي ڳالهه ڪندو هلان ته پُراڻي سعيدآباد شهر جا اصل رهواسي جيڪي هن وقت نئين سعيدآباد ۾ شيخن جي نالي سان مشهور آهن به درحقيقت ميمڻ ئي آهن. هي زميندار خاندان آهي ۽ جيئن ته (نيوسعيدآباد) شهر اڳئي جُبيري ميمڻن جي سهر سان مشهور هو، جيڪي پاڻ به وڏا زميندار ۽ واپاري هُئا پر فرق اهو هو ته هو انتهائي مذهبي ماڻهون هُئا، جنهن ڪري پُراڻي سعيدآباد جي انهن ميمڻن هن شهر نيوسعيدآباد ۾ لڏي اچي رهڻ کان پوءِ پاڻ کي(شيخ فيملي سڏرايو، هاشم شيخ ۽ حاجي سُليمان شيخ، يا محمد علي سيخ يا ڊاڪٽر شريف ميمڻ جي نالي سان هي ڪُٽنب به هتي مشهور آهي جن پوءِ پُراڻي سعيدآباد مان ل_ي نيوسعيدآباد ۾ اچي شيخن جو پاڙو ٺاهيو هو.

الغرض ته حاجي عبالڪريم ميمڻ المعروف (جُبي وارو ميمڻ)، پوءِ (مخدوم ميان محمد سعيد) جي ميلي تي ايندڙ هڪ ڪٽنب (سنائي ميمڻ فيمليءَ) ۽ هڪ ءئي ڪٽنب (لاکا ۽ ڀان سعيد آباد) جي (ڪاسائي ميمڻن) جي اچ وڃ سان هي ٽئي خاندان جوڙي (مٽي مائٽي) ۾ اچي ويا . ۽ حاجي عبالڪريم ميمڻ پاڻ به ٻي شادي (ڪاسائي ميمڻن مان ڪئي، جنهن مان کيس (حاجي شفيع مُحمد ميمڻ) جو اولاد ٿيو هو.

جيئن ته پهرين جڏنهن (حاجي عبالڪريم ميمڻ) المعروف (جُبيري ميمڻ) پنهنجي وڏي پُٽ (حاجي الله بچايو ميمڻ ) کي (سنائي ميمڻن) مان پرڻايو هو پرهن پنهنجي ٻئي (پُٽ حاجي محمد جُمن ميمڻ) جي شادي پنهنجي اباڻي شهر ڪراچي شهر مان ئي ڪرائي هُئي جڏنهن ته هُن پنهنجي ٽئي پوٽ (حاجي مُحمد بچل ميمڻ) جي شادي پنهنجي ڪراچي مان گڏ ايندڙ ساٿي (حاجي محمد هاشم شيخ) جي نياڻيءَ سان ئي ڪرائي هُئي جيڪي پڻ ڪراچيءَ جا گُجراتي ۽ ڪڇي ماءُ ٻولي ڳالهائيندڙ ڪُٽنب هُئا.

ڪراچيءَ جي واپاري (حاجي مُحمد هاشم شيخ) جنهنجو اولاد هو مُحمد صديق شيخ، ڊاڪتر عبدالمجيد هاشمي، حاجي عبدالشڪور شيخ، ۽ سيڪشن افيسر مُحمد امين شيخ ۽ اخبارن وارو مُحمد اسماعيل شيخ (هندستان ۽ پاڪستان جي گوجراتي، سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي اخبارن نمائندو ۽ ايجنٽ) جو والد هو.

هي پهريون لڏي ايندڙهندستان جي شهر( ڀُڄ) جو خاندان پهرين هندو هو ۽ پوءِ مسلمان ٿي پهرئين ڪراچي ۽ پوءِ نيوسعيدآباد ۾ اچي رهيو هو. ۽ هن خاندان ئي دراصل (نيشنل هاءِ وي) تي ٻڌل نيوسعيدآباد شهر آباد ڪيو هو. ۽ نيوسعيد آباد جي وچ شهر ۾ ٻه مسجدون (جامع مسجد) ۽ (اهل حديث مسجد محمدي) هن ڪُٽنب جي ديندار شخص بنام (حاجي محمد هاشم شيخ) اڏائي هُئي. ۽ پوءِ آهستي اهستي ٻهراڙين مان ٻيون قومون لڏي اچي هن شهر ۾ ويٺيون هُيون. (سي پاڻهين نيوسعيدآباد جا شهري بڻجڻ جي پنهنجي تواريخ ٻُڌائينيون).

ته جيئن ته گُجراتي ۽ ڪڇي زبان ڳالهائيندڙ (حاجي محمد هاشم سيخ) جهنڊي وارن پيرن (سيد رُشدالله شاه راشديءَ) جو مُريد بڻيو هو ۽ ان پيري مُريديءَ جي ڪري هن ڪُٽنب ڪراچي شهر ڇڏي اچي نيوسعيدآباد شهرآباد ڪيو هو. ۽ پوءِ سيد رُشد الله شاه راشديءَ جي وفات کان پوءِ جڏنهن جهنڊي واري راشدي پيرن ۾ مذهبي عقيدي جو اختلاف وڌيو ته هن جهنڊي وارن پيرن حضرت علامه (سيد مُحب الله شاه راشدي) ۽ سندن ننڍي ڀاءُ علامه (سيد بديع الدين شاه راشديءَ) جي تعليم ۽ سرپرستيءَ کي قبول ڪيو جيڪا سعودي عرب جيان هُئي، ۽ اُتان ئي هن شهر ۾ به اهل حديث عقيدي جو بُڻياد پيو.هن وقت دُنيا جي وڏي ۾ وڏي اسلامي لائبري به هن شهر ۾ آهي. 

هن شهر جي ٽئين بانين مان هڪ مذهبي ميمڻ گروپ هو جنهن کي (جُبيري ميمڻ) سڏيو وڃي ٿو. هي گروپ (جُبيري) اُن ڪري سڏيو وڃي ٿو جو هنن جي پوشاڪ (عربي جُبو) هوندي هُئي ۽ خاص طرح جڏنهن هن ميمڻ گروپ جا وڏا حج مان موٽي نيوسعيدآباد ايندا هُئا ۽ جڏنهن سندن استقبال شهر جا ماڻهون (مولودن) سان ڪندا هُئا ته هي به گهڻي ڀاڱي پنهنجي پوشاڪ (عربي جُبو) ئي رکندا هُئا. هي ميمڻ خاندان به مذهبي عقيدي طور سعودي عرب واري عقيدي (توحيدي دين اسلام) کي قبول ڪندو هو تنهنڪري هي به علامه سيد مُحب الله شاه راشدي ۽ علامه سيد ابو مُحمد بديع الدين شاه راشديءَ جي تعليم کي لبيڪ ڪري اڳيان وڌيا هُئا.

هن گروپ جي ميمڻن جي هڪ پاڙي جو تعلق پڻ (ڀان سعيدآباد يا سن شهر) سان هو تن جڏنهن هتي جي رهندڙ ڪراچيءَ جي گروپ (گُجراتي ۽ ڪڇين) وٽان شاديون ڪيون، ته هي جبيري ميمڻ گوروپ به هتي جو ٽيو اهم گروپ بڻجي ويو. اهڙي طرح اهو گروب ڪاسائي ميمڻن جي هڪ پاڙي سان تعلق ته رکندو هو پر پوءِ بجاءِ ڪاسائي ميمڻن جي هي هتي مذهبي عقيدي جي ڪري(جُبيري ميمڻ) سڏجڻ لڳو هو. سڪرنڊ جا سنائي ميمڻ هنن جا سئوٽ آهي. اهڙيءَ طرح نواب شاه جو ڊاڪتر دين محمد يا ڊاڪٽر سڄڻ يا محرابپور، شاه پور چاڪر، شهدادپور جا ميمڻ هي سڀ پاڻ ۾ سوٽاڻي سئوٽ آهن. هنن ۾ اختلاف به مذهبي عقيدي جي ڪري پيو جو جُبيري ميمنن پيري مُريدي *۽ قبرپرستي ڇڏي ڏني هُئي ۽ شادين تي دُهل جو ڀت ڪونه کائيندا هُئا، جڏنهن ته اونهن جي سنائي ۽ ٻين سئوٽن ۾ پيري مُريدي ۽ قبرپرستي هلندي پئي آئي ته اهي جاني جُدا ٿي ويا هُئا. حلانڪ هڪ ڏاڏي جي اولاد مان آهن. حاجي سفيع محمد سنائي سڪرنڊ وارو ۽ حاجي محمد بچل ۽ حاجي محمد جُمن نيوسعيدآباد وارو پاڻ ۾ سڳا سئوٽ هُئا.

مُنهنجي معلومات مُطابق جيڪا مون شهر (نيوسعيدآباد) جي مختلف قومن جي وڏڙن وٽان بشمول پنهنجي (ڏاڏاڻن ۽ ناناڻن وٽان) حاصل ڪئي هُئي هتي پيش ڪريان ٿو، جنهن کي توهان وٽان ملندڙ معلومت سان به پرکي اپ ڊيت ڪيو ويندو.

https://www.facebook.com/groups/695475433953113/permalink/695531830614140/