مواد ڏانھن هلو

جيمس هائلمين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جيمس هائلمين
جيمس هائلمين وڪي مينيا 2015ع تي
پيدائش1979/1980 (عمر 45–46)[1]
ساسڪچيوان، ڪينيڊا
شھريتڪينيڊين
طبي پيشو
پيشوطبيب، وڪيپيڊين
شعبوهنگامي طب
ادارو

جيمس ايم. هائلمين (انگريزي: James M. Heilman) ڪينيڊا جو شهري آهي، جيڪو پيشي حوالي سان طبيب آهي ۽ هنگامي طب جي شعبي ۾ مهارت رکي ٿو، ان سان گڏ هي وڪيپيڊيا برادري جو حصو آهي، جتي طب ۽ صحت جي حوالي سان مواد جي بهتري جو وڪيل آهي. هي طب سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڄاڻ چيڪلي ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتساهي ٿو.[2][3]

هي وڪيپيڊيا تي ”ڊاڪ جيمس“ جي کاتي هيٺ ڪم ڪري ٿو، ان سان گڏ هي وڪي منصوبي طب جو متحرڪ رڪن آهي، هي وڪيپيڊيا ۾ منتظم پڻ آهي. هي 2010ع کان 2013ع تائين وڪيميڊيا ڪينيڊا جو صدر پڻ رهيو ۽ وڪي منصوبي ميڊيسن فائونڊيشن جو سابقه صدر پڻ آهي.[4][5][6] وڪي منصوبي طب جي مترجم عملي جو باني پڻ آهي.[7] جون 2015ع تي هي وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز طور منتخب ٿيو، 28 ڊسمبر 2015ع تي هن کي ان عهدي تان هٽايو ويو.[8][9] 2017ع تي هن کي ٻيهر وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز طور منتخب ڪيو ويو.[10]

هي برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي جي شعبي هنگامي طب ۾ اسسٽنٽ پروفيسر[11][12] ۽ ڪرين بروڪ، برٽش ڪولمبيا ۾ واقع اوڀر ڪوئنٽي ۾ علائقائي اسپتال جي شعبي هنگامي طب جو سربراهه آهي، سندس رهائش ڪرين بروڪ ۾ آهي.[1][2]

ابتدائي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

جيمز ساسڪچيوان ۾ پيدا ٿيو، ۽ اتي ئي وڏو ٿيو.[13] هن يونيوسٽي آف ساسڪچيوان مان 2000ع ۾ اناٽومي تي بيچلر جي سند حاصل ڪئي ۽ اتان ئي ڊاڪٽر آف ميڊيسن جي سند پڻ حاصل ڪيائين. [2] پوءِ هن برٽس ڪولمبيا مان طبي مهارت ۾ تربيت حاصل ڪئي.[13]

طبي زندگي

[سنواريو]

جيمز موس جاو ساسڪچيوان ۾ واقع موس جاو يونين اسپتال ۾ سن 2010ع تائين ڪم ڪيو. ان کان پوءِ اوڀر ڪوٽنئي علائقائي اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين، جتي هن کي 2012ع تي هنگامي طب واري شعبي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. [2] سن 2014ع تي ”ڪرين بروڪ ڊيلي ٽائونس مين“ نالي اخبار کي ٻڌايائين ته هر سال 22 هزار مريضن جو اوڀر ڪوٽنئي اسپتال ۾ علاج ڪيو ويندو آهي.[14]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

جيمز انتهائي وڏي ڊوڙ (انگريزي: Ultramarathons) ۽ انوکيون ڊوڙيون پسند ڪري ٿو،[15] هي ان جي ساٿي (گرل فرينڊ) 2008ع تي ”گوبي مارچ“ نالي ڊوڙڻ جي مقابلي ۾ حصو ورتو هو.[16] هي ”Marathon des Sables“، ۔”Adventure Racing World Championships“ ۽ ”Saskatchewan Marathon“ نالي ڊوڙ وارين مقابلن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.[17]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ليڊلا, ڪيٿرين (9 September 2013). "Is Google Making Us Sick?". ريڊرز ڊائيجسٽ. 9 January 2014 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 3 4 فليڪ, في اوبا (1 january 2013). "Online encyclopedia provides free health info for all". Bulletin of the World Health Organization (عالمي صحت ادارو) 91 (1): 8–9. doi:10.2471/BLT.13.030113. PMID 23397345. PMC 3537258. http://www.who.int/bulletin/volumes/91/1/13-030113.pdf.
  3. مڪ نائل, مارڪ (4 October 2011). "Wikipedia makes a house call to Mac". دي اسپيڪ. 12 January 2014 تي حاصل ڪيل.
  4. برڪو, ليڪس (2013). "Medical Students Can Now Earn Credit for Editing Wikipedia". وائس. اصل نسخو مان 12 January 2014 تي محفوظ ڪيل. 12 january 2014 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: Check date values in: |accessdate= (مدد); Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  5. تروجيلو, ماريا (25 November 2011). "Wikipedia and Higher Education – The Infinite Possibilities". برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي. 9 January 2014 تي حاصل ڪيل.
  6. Bunim, Juliana. "UCSF First U.S. Medical School to Offer Credit For Wikipedia Articles". ڪليفورنيا، سين فرانسسڪو يونيورسٽي. 12 January 2014 تي حاصل ڪيل.
  7. جولي بيڪ (5 March 2014). "Doctors' #1 Source for Healthcare Information: Wikipedia". دي اٽلانٽڪ. 1 August 2015 تي حاصل ڪيل.
  8. "Resolution:James Heilman Removal". وڪي ميڊيا فائونڊيشن بورڊ آف ٽرسٽيز. 28 December 2015. 29 December 2015 تي حاصل ڪيل.
  9. ڪلينز, ٽورسٽن (29 December 2015). "Wikimedia Foundation feuert Vorstandsmitglied". هائس آن لائين. 1 January 2016 تي حاصل ڪيل.
  10. Chan, Katie; Sutherland, Joe (20 May 2017). "Results from the 2017 Wikimedia Foundation Board of Trustees elections". وڪي ميڊيا بلاگ. وڪي ميڊيا فائونڊيشن. 13 July 2017 تي حاصل ڪيل. The results from this year's community selection of the Wikimedia Foundation Board of Trustees are in! Congratulations to María Sefidari (User:Raystorm), Dariusz Jemielniak (User:pundit), and James Heilman (User:Doc James) for receiving the most community support. They will begin the three-year terms being filled through this process after they are officially appointed by the current trustees, which will occur at their August meeting at Wikimania 2017.{{cite web}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو)
  11. "James Heilman, MD, CCFP-EM". برٽش ڪولمبيا يونيورسٽي. 19 April 2016 تي حاصل ڪيل.
  12. ليسلي مڪ ڪلارڪ; جون بروڪس (3 November 2016). "Should You Use Wikipedia for Medical Information?". ڪي ڪيو اي ڊي. 4 November 2016 تي حاصل ڪيل.
  13. 1 2 "Board of Trustees". وڪي ميڊيا فائونڊيشن. 20 August 2015 تي حاصل ڪيل.
  14. مڪ ڊونلڊ, سيلي (16 June 2014). "Five family doctors closing down their Cranbrook practices". ڪرين بروڪ ڊيلي ٽائونس مين.
  15. ڊينا اوميرا (24 April 2006). "Mind over mountain". ويسٽرن اسٽينڊرڊ. اصل نسخو مان 2 April 2015 تي محفوظ ڪيل. 20 March 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  16. "Surviving the Gobi march". Moose Jaw Times-Herald. جُولاءِ 4, 2008. اصل نسخو مان اپريل 2, 2015 تي محفوظ ڪيل. مارچ 20, 2015 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Unknown parameter |deadurl= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  17. "28th Annual Saskatchewan Marathon". سسڪٽون اسٽار فنڪس. 29 May 2006. 22 August 2015 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]