جنيد جمشيد
ڏيک
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
جنيد جمشيد | |
---|---|
فائل:Junaid Jamshed by Mobeen Ansari.jpg | |
پس منظري معلومات | |
پيدائشي نالو | جنید جمشید |
معروفيت | J. |
پيدائش | 3 سيپٽمبر 1964[1] ڪراچي، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 7 ڊسمبر 2016 (عمر 52 سال) حويليان، خيبر پختونخوا، پاڪستان |
پيشا | موسيقار، گانا لکندڙ (1987–2004) نعت خوان (2002–2016)، اسلامي مبلغ، جنيد جمشيد جو برانڊ امبيسڊر |
اوزار | Vocals, guitar |
سرگرم سال | 1987–2016 |
Labels | پي ٽي وي اسٽوڊيو، اي ايم آءِ پاڪستان اسٽوڊيوز، پيپسي پاڪستان انڪ. |
Associated acts | Vital Signs (1987–1998) |
جنيد جمشيد اڳوڻو پاپ گلوڪار ۽ نعت خوان ھو۔ هن پاپ موسيقي گروپ وائٽل سائنز جي نمائنده گلوڪار جي حيثيت سان شهرت حاصل ڪئي۔ هو يونيورسٽي آف انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي، لاهور جو فارغ التحصيل ھو۔ 1987ء ۾ دل دل پاڪستان جي رليز سان گڏ ئي هو شهرت جي بلندين تائين پهچي ويو۔ هن جي پاپ گلوڪاري جي دور ۾ هيٺ ڏنل البمز رليز ٿيا۔
- جنيد آف وائٽل سائنز 1994ع
- اس راھ پر 1999ع
- دل ڪي بات 2002ع
ان سان گڏ هن جو رجحان اسلامي تعليمات جي طرف وڌي ويو ۽ آهستي آهستي هو موسيقي جي صنعت کي خير آباد چئي ڪري نڪري آيو۔ بعد ۾ ھو نعت خوان ۽ بزنس مين جي طور تي ڄاتو وڃڻ لڳو۔ هن جي بوتيڪ جون شاخون سڄي ملڪ ۾ آهن۔
جنيد جمشيد ۽ سندس زال 7 ڊسمبر 2016 تي ان وقت فوت ٿي ويا جڏھن پي آءِ اي جي اڏام 661 چترال کان اسلام آباد ويندي ڪري تباھ ٿي وئي. ھو چترال ۾ تبليغي جماعت جي سلسلي ۾ ويل ھو ۽ اسلام آباد واپس اچي رھيو ھو.[2][3]
وڪيميڊيا العام ۾ جنيد جمشيد سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "This week in history". Dawn. 3 September 2011. http://www.dawn.com/news/656211/this-week-in-history-46. Retrieved 6 February 2014.
- ↑ "Junaid Jamshed and family dead in PIA plane crash near Havelian". Daily Pakistan. 7 December 2016. https://en.dailypakistan.com.pk/pakistan/junaid-jamshed-and-family-among-passengers-on-board-the-pia-plane-that-crashed-near-havelian/. Retrieved 7 December 2016.
- ↑ "PIA flight PK-661 crashes enroute to Islamabad". DAWN. حاصل ڪيل 7 December 2016.
زمرا: