پي آءِ اي فلائيٽ 661

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن (PIA) جي فلائيٽ پي ڪي 661 (PK Flight 661) هڪ هوائي هاڃي جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ ڪري تباھ ٿي وئي، جنهن ۾ 48 سفر ڪندڙ مسافر پڻ مارجي ويا.

چترال کان اسلام آباد ايندڙ پي آءِ ايَ جو هوائي جهاز حوليان جي ويجهو جابلو علائقي ۾ اربع 7 ڊسمبر 2016ع جي ڏهاڙي ڪري تباھ ٿي ويو، جنهن ۾ ناليوارو ڳائڻو ۽ نعت خوان جنيد جمشيد ۽ سندس زال پڻ اجل جو شڪار ٿي ويا.

شروعاتي ڄاڻ پٽاندڙ هوائي جهاز جي انجڻ ۾ خرابيءَ جي ڪري هاڃو پيش آيو. هوائي جهاز جو پائليٽ صالح جنجوعا ۽ ساٿي پائليٽ احمد جنجوعا پاڻ ۾ ڀائر هئا. ان کان سواءِ هوائي جهاز ۾ ٻه هوائي ميزبانون (ايئر هسٽسون) صدف فاروق ۽ عاصما عادل پڻ سوار هيون. هوائي جهاز ۾ 31 مرد، 9 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ سوار هئا. ڊپٽي ڪمشمنر چترال پڻ هن ئي فلائيٽ ۾ سوار هئو.

هي هوائي جهاز اسلام آباد کان مسافرن کي کڻي چترال ويو هئو ۽ هن جهاز کي واپس شام جو چار لڳي 45 منٽن تي واپس اسلام آباد پهچڻو هئو. پر لينڊنگ کان ڪجهه وقت پهرين هوائي جهاز جو ريڊار سان لاڳاپو ڪٽجي ويو. ان کان پهري پائليٽ مدد جي لاءِ ايمرجنسي ڪال ڪئي هئي، جنهن ۾ ان چيو هئو تہ جهاز جي هڪ انجڻ بند ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري کيس جهاز اڏائڻ ۾ ڏکيائي اچي رهي آهي. [1] [2] [[1]]

فلائيٽ پي ڪي 661 حادثي جي جاچ[سنواريو]

سول ايوي ايشن اٿارٽي، جهاز جي حادثي جي جاچ لاءِ ايئر ڪموڊور منير بٽ جي سرواڻيءَ ۾ ٺاهيل ڪاميٽي واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون. [3]

حوالا[سنواريو]